رسائی کے لنکس

قومي سلامتي ڪاميٽيءَ پاران بيان، هر قسم جي دهشت گرديءَ کي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪيو ويندو


وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽيءَ جو اجلاس
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽيءَ جو اجلاس

پاڪستان جي سويلين ۽ فوجي قيادت ٿي ٻڌل، قومي سلامتي ڪاميٽيءَ افغانستان جو نالو وٺڻ بنان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي سرزمين دهشت گردن جي پناه گاه طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتيءَ جي بچاءَ جو حق محفوظ رکي ٿو.

اعلي سطحي ڪاميٽيءَ جي ٻئي ڏينهن تائين جاري رهڻ واري اجلاس ۾ پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جي لاءِ ’زيرو ٽالرنس’ جو عزم ورجائيندي هر قسم جي دهشت گرديءَ کي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪرڻ جو عهد دهرايو ويو.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيڻ واري هن اجلاس جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته دهشت گرديءَ سان رياست جي پوري قوت ساڻ نبريو ويندو. پاڪستان جي سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي ۽ پاڪستان جي سرزمين جي هڪ هڪ انچ تي رياستي عمل داريءَ کي يقيني بنايو ويندو.

قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جو هي اجلاس اهڙي وقت ٿيو جڏهن خيبر پختونخوا ۾ شدت پسندي ۽ بندش پيل ٽي ٽي پيءَ جون سرگرميون وڌي رهيون آهن ۽ گڏ ئي پاڪستان جي خراب معاشي صورت حال جي ڪري زرمبادلي جا ذخيرا لڳ ڀڳ ڇهه ارب ڊالر جي گهٽ ترين سطح تي آهن.

ڪاميٽيءَ کي ملڪ خاص طور تي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽيءَ جي صورت حال بابت آگاه ڪيو.

وزير اعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ نيشنل انٽرنل سيڪيورٽي پاليسيءَ مطابق وفاق ۽ صوبائي حڪومتون دهشت گرديءَ جي خلاف جنگ جي اڳواڻي ڪنديون جنهن ۾ عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ کي مرڪزيت حاصل هوندي.

اعلان ۾ چيو ويو آهي ته سازگار ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بنائڻ ۾ مسلح فوج هڪ ٺوس ’ڊٽرنس’ فراهم ڪندي. صوبائي ’ايپيڪس’ ڪاميٽيون بحال ڪيون وينديون، جڏهن ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا خاص طور تي دهشت گرديءَ کان بچاءَ جي محڪمن جي صلاحيتن ۽ موثر ڪم جو گهربل معيار يقيني بنايو ويندو.

اجلاس ۾ زور ڏنو ويو ته قومي سلامتيءَ جو تصور معاشي سلامتيءَ جي گرد ڦرندو آهي ۽ معاشي خودانحصاري ۽ خودمختياريءَ کان سواءِ قومي خودمختياريءَ ۽ وقار تي دٻاءُ پوي ٿو.

ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته متعلقه ڌرين جي صلاح مشوري سان تيز رفتار معاشي بحالي ۽ روڊ ميپ تي اتفاق رائي پيدا ڪيو وڃي.

ان کان اڳ جمعي ڏينهن قومي سلامتيءَ کي درپيش ٻن وڏن خطرن دهشت گرديءَ ۽ خراب معيشت تي بريفنگ کان پوءِ اجلاس سومر تائين موخر ڪيو ويو هو.

مبصرن جو چوڻ آهي ته دهشت گرديءَ جي وڌندڙ واقعن ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان جي صورت حال تي پاڪستان کي تشويش آهي. ليڪن خراب معاشي صورت حال جي ڪري اسلام آباد جي آڏو امڪان محدود آهن.

دفاعي ناتن جي تجزيه ڪار، ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي اعلان منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان، افغانستان جي طالبان حڪومت سان معاملن کي وڌيڪ بگاڙ ڏانهن نه ٿو کڻي وڃڻ گهري.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو نيشنل ايڪشن پلان ۽ صوبائي دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي ادارن کي فعال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG