رسائی کے لنکس

قرض جي لاءِ آئي ايم ايف جا شرط ’تصور کان چڙهيل’ آهن، شهباز شريف


پاڪستاني معيشت (فائيل فوٽو)
پاڪستاني معيشت (فائيل فوٽو)

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي ادارو (آئي ايف ايف) ناڻي جي وفاقي وزير سان مذاڪرات ۾’’ڏاڍو ٽف ٽائيم ڏئي رهيو آهي’’.

پشاور ۾ جمعي جي ڏينهن ايپڪيس ڪاميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته آئي ايم ايف قرض جي لاءِ جيڪي شرط رکيا آهن ’’اهي تصور جي قابل ناهن، ليڪن ملڪ جي معاشي صورت حال کي ڏسندي اهي شرط پورا ڪرڻا پوندا’’.

خيال رهي تو آئي ايم ايف جو جائزه مشن اڄ ڪلهه اسلام آباد آيل آهي ۽ قرض جي قسط جي لاءِ پاڪستاني حڪام سان مذاڪرات ڪري رهيو آهي.

شيخ رشيد جي خلاف ڪراچيءَ ۾ به مقدمو درج

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي، بلاول ڀٽي زرداريءَ متعلق ڪريل زبان استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچيءَ ۾ مقدمو درج ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ اسلام آباد پهچي وئي آهي.

داخله جي اڳوڻي وزير کي گرفتار ڪري ڪراچيءَ منتقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. خيال رهي ته ان کان اڳ شيخ رشيد جي خلاف اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ اسلام آباد جي آبپاره ٿاڻي ۾ مقدمو درج ڪيو ويو هو. هن کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

انهيءَ دوران شيخ رشيد جي خلاف ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ خدا بخش جي مدعيت ۾ مقدمو درج ڪيو ويو آهي.

عمران خان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نه ويندو، اسد عمر

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو سربراه عمران خان وزير اعظم شهباز شريف جي پاران ستين فيبروريءَ تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نه ويندو.

جمعي ڏينهن لاهور جي هائي ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، اهڙي وقت عمران خان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندو.

امن و امان جي صورت حال، شبهاز شريف ستين فيبروريءَ تي ’اي پي سي’ ڪوٺائي ورتي

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

وزير اعظم شهباز شريف امن و امان جي صورت حال کي سامهون رکندي ستين فيبروريءَ تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي آهي.

سندس آفيس مان جاري ٿيڻ واري بيان مطابق ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن جي لاءِ ملڪ جي سمورن سياسي اڳواڻن کي شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني وئي آهي.

شهباز شريف جي پاران سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي اي پي سي سڏائڻ جو فيصلو اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي ۽ خراب معاشي صورت حال جي ڪري زرمبادله جا ذخيرا گهٽبا پيا وڃن.

سومر ڏينهن پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ هلاڪتون ٿيون جن ۾ اڪثريت پوليس جي اهلڪارن جي هئي.

هن واقعي کان پوءِ ملڪ ۾ دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن جو مطالبو سامهون اچي رهيو آهي ۽ حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اهي بندش پيل دهشت گرد تنظيمن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي.

اطلاعن جي مطابق، وزير اعظم شهباز شريف اتحادي جماعتن جي اڳواڻن سان صلاح مشوري کان پوءِ، عمران خان کي اي پي سيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.

XS
SM
MD
LG