بدعنوانيءَ تي نظر رکڻ واري بين الاقوامي غير سرڪاري تنظيم، ’ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل’ پنهنجي تازيءَ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سال 2022 ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ آئي ۽ ان جا پوائنٽ وڌيڪ گهٽيا.
اڱاري ڏينهن جاري ٿيڻ واريءَ رپورٽ جي مطابق، ڏکڻ ايشيا جي وڏن ملڪن پاڪستان ۽ بنگلا ديش ۾ رشوت جي آزار جي وڌڻ جي ڪري انهن جا پوائنٽ وڌيڪ ڪري پيا، جڏهن ته ڀارت جي پوزيشن ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي.
رپورٽ جي مطابق، سال 2021۾ پاڪستان ’ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس’ (سي پي آئي) ۾ 140 نمبر تي هيو ۽ ان جا پوائنٽ 28 هيا جڏهن ته سال 2022 ۾ ان جا پوائنٽ 27 ٿي ويا آهن. ليڪن ان فهرست ۾ پاڪستان 140هين نمبر تي ئي آهي.
اهڙيءَ ريت بنگلا ديش جا پوائنٽ 26 کان گهٽجي 25 ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري اهو 147 نمبر تي آهي. ڀارت 2020 ۽ 2022۾ به 85 وين نمبر تي آهي ۽ ان جي پوائنٽس جو تعداد 40 آهي.
سي پي انڊيڪس ۾ ملڪن کي 100 نمبرن منجهان پوائنٽن جي بنياد تي درجو ڏنو ويندو آهي. جنهن ملڪ جا نمبر وڌيڪ هوندا آهن ان جو نالو فهرست ۾ هيٺين نمبرن ۾ ايندو آهي.
سال 2022 جي فهرست ۾ سڀ کان وڌيڪ نمبر 90 آهي جيڪو ڊينمارڪ کي ڏنو ويو. ان جي ڪري ڊينمارڪ پهرئين نمبر تي آهي. ٻئي نمبر تي فن لينڊ ۽ نيوزي لينڊ آهن. انهن کان پوءِ ناروي، سنگاپور، سويڊن، سوٽزرلينڊ، نيدرلينڊز، جرمني، آئرلينڊ، لگزيمبرگ، هانگ ڪانگ، آسٽريليا ۽ ڪيناڊا جا نالا آهن.
فهرست ۾ برطانيه 18 هين، فرانس 21 هين، آمريڪا 24، اسرائيل 31 هين، قطر 40 هين، سعودي عرب 54 هين، چين 65 وين ۽ روس 137 هين نمبر تي آهي.
گزريل ڏهن سالن ۾ پاڪستان جو ’سي پي آئي’ اسڪور 2018 ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 33 هون هيو، 2019 ۾ اهو اسڪور 32، 2020 ۾ 31، 2021 ۾ 28 ۽ 2022 ۾ 27 ٿي ويو.
پاڪستان ۾ 2018 ۾ عام چونڊن کان پوءِ وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي حڪومت قائم ٿي، ليڪن مارچ 2022 ۾ وزير اعظم عمران خان جي خلاف اسيمبلي۽ ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي منظوريءَ کان پوءِ پي ٽي آئي جي حڪومت ختم ٿي.
سال 2022 ۾ مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف وزير اعظم ٺهيو جنهن کي ڪيترن ئي سياسي جماعتن جي حمايت حاصل آهي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي مطابق سال 2017 کان پوءِ دنيا ۾ پاڪستان سميت 10 ملڪ اهڙا آهن جن جو ’سي پي آئي’ اسڪور تمام تيزيءَ سان گهٽ ٿيو. انهن ۾ لگزيمبرگ، ڪيناڊا، برطانيه، آسٽريليا، ملائيشيا، منگوليا، هنڊراس، نڪاراگوا ۽ هيٽي شامل آهن.
دنيا جا اٺ ملڪ اهڙا آهن جن انهيءَ ئي عرصي دوران پنهنجي اسڪور کي بهتر ڪيو، جن ۾ آئرلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، آرمينيا، ويتنام، مالديپ، مالڊوا، انگولا ۽ ازبڪستان شامل آهن.