رسائی کے لنکس

آمريڪي ڊرونز پاڪستاني فضائي حدون استعمال نه ڪيون هيون، طالبان جو الزام مسترد


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي طالبان حڪومت جي الزامن کي مسترد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان تي پنهنجن شديد تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آچر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بغير ڪنهن شاهديءَ جيِ قياس آرائيءَ تي ٻڌل هن قسم جا الزام مڙهڻ مايوس ڪن آهي، جڏهن ته طالبان جي وزير پاڻ تسليم ڪيو آهي ته کين وٽ پاڪستان جي طرف کان ڊرون پرواز ڪرڻ جي متعلق ڪو ثبوت موجود ڪونهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته بي بنياد الزام اعلي سفارتي قدرن جي خلاف آهن.

افغانستان جي دفاع جي عيوضي وزير، ملا يعقوب مجاهد آچر ڏينهن ڪابل ۾اخباري ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته افغانستان جي خلاف آمريڪا جي ڊرون ڪاروائين جي لاءِ پاڪستان پنهنجي فضائي حدن جي استعمال جي اجازت نه ڏئي. سندس بقول، آمريڪي ڊرون جهاز افغانستان جي خودمختياريءَ جي خلاف ورزي ڪندي پاڪستان جي فضائي حدن منجهان اڏامون جاري رکيون آهن.

ملا يعقوب جو هي بيان ڪابل ۾ القائده جي رهنما ايمن الظواهري جي آمريڪي ڊرون حملي ۾ هلاڪ ٿيڻ جي لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان پوءِ سامهون آيو آهي.

پاڪستان جي دفتر خارجه افغانستان جي دفاع جي عيوضي وزير جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي يقين رکندو آهي ۽ هر قسم جي دهشت گردي ءَ جي مذمت ڪندو آهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغانستان جي قائم مقام حڪومت تي زور ڏئي ٿو ته اها پنهنجي سرزمين دهشت گرديءَ جي مقصدن لاءِ ڪنهن به رياست جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جي متعلق پنهنجي وعدن جي پاسداري ڪري.

طالبان ڪيترا ئي ڀيرا ۽ ڊرون حملي کان پوءِ جاري ڪيل هڪ سرڪاري اعلان ۾ چيو هو ته اهي ڪابل ۾ ايمن الظواهريءَ جي موجودگيءَ کان لاعلم هيا. البته طالبان ڊرون حملي جي مذمت ڪندي ان کي آمريڪا جي پاران افغانستان خالي ڪرڻ جي معاهدي جي خلاف ورزي قرار ڏنو هو. آمريڪا به ايمن الظواهري جي ڪابل ۾ موجودگيءَ کي امن معاهدي جي خلاف ورزي قرار ڏنو هو.

XS
SM
MD
LG