رسائی کے لنکس

روس کان مارچ تائين تيل جي فراهمي شروع ٿي ويندي، مصدق ملڪ


تيل جو وفاقي وزير، مصدق ملڪ اخباري ڪانفرنس ڪندي. 20 جنوري 2023.
تيل جو وفاقي وزير، مصدق ملڪ اخباري ڪانفرنس ڪندي. 20 جنوري 2023.

روس چيو آهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ انتظامي معاملا طئي ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان کي ڊيزل ۽ پيٽرول جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي ٿي.

انهن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس دوران روس جي تواناتيءَ جي وزير ڪيو. ان کان اڳ ٻنهين ملڪن جي بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو هو.

ان دوران ٻنهين حڪومتن جي وچ ۾ تجارتي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٽن معاهدن تي به صحيون ٿيون آهن.

ڪميشن جي اجلاس کان پوءِ جاري ٿيڻ واري هڪ گڏيل اعلان ۽ ميڊيا سان گفتگو دوران، توانائيءَ جي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ’’اسان مارچ ۾ روس کان خام تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل درآمد ڪرڻ شروع ڪنداسين’’.

هن چيو ته في الحال پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ روس وٽ گهربل معيار واري ’ايل اين جي’ موجود ڪانهي، پاڪستان روس کان پنهنجي مجموعي ضرورت جو 35 في صد خام تيل درآمد ڪرڻ گهري ٿو.

تجزيه ڪارن چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي مشڪل صورت حال ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٿيڻ وارا معاهدا خوش آئند آهن ۽ انهن سان ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ تعلقات جيڪي ماضيءَ ۾ سياسي مصلحتن جي ڪري اڳتي نه وڌي سگهي هيا، هاڻي اهي ڪاروباري سطح تي ٿيڻ لڳندا.

اسلام آباد ۾ روسي وفد جي پاڪستان جي دوري جي پڄاڻيءَ تي اخباري ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ معاهدا طئي ٿي چڪا آهن. ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ڪسٽم معاملات ۾ تعاون متعلق معاهدا پاڪ روس تجارتي سامان جي ڪسٽمز ويليو تي دستاويز ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي معاهدي تي به صحي ڪئي وئي.

پاڪستان ۽ روس جي بين الحڪومتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جو گڏيل اعلان به جاري ڪيو ويو آهي جنهن مطابق ٻئي ڌريون واپار ۽ سيڙپ سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

اعلان مطابق پاڪستان ’اسٽريم گيس پائپ لائين پراجيڪٽ’ جي جامع انفرا اسٽرڪچر تي غور ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان اسٽريم گيس پائپ لائين مان سستي گيس جي فراهميءَ جي لاءِ پائيدار انفرا اسٽرڪچر ٺاهڻ تي غور ڪيو ويو. ٻنهين ملڪن جو ايئر ٽرانسپورٽ ۽ ڊيٽا اڪيسچينج جي شعبن ۾ سهڪار تي به اتفاق ڪيو ويو.

گڏيل اعلان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ روس ايروناٽيڪل مصنوعات جي فضائي اهليت تي ڪم ڪرڻ جو معاهدو به طئي ٿي ويو آهي.

انسٽي ٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ روس متعلق ڪم سان لاڳاپيل محقق ۽ تجزيه ڪار تيمور علي خان چيو آهي ته تيل جي فراهميءَ جي حوالي سان معاملا طئي ٿي ويا آهن. ليڪن، ان جي مقدار جي متعلق هينئر تائين ٻنهين ڌرين تفصيل شيئر نه ڪيا آهن، ليڪن ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي ضرورت جو 35 في صد تيل روس کان خريد ڪندو.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG