دهشت گرديءَ جي روڪٿام، انتهاپسنديءَ ۽ تشدد جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻه طرفو سيڪيورٽي ڊائيلاگ ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ کان پوءِ ختم ٿي ويو، جنهن ۾ ٻنهين ملڪن ان عزم جو اظهار ڪيو ته علائقائي ۽ عالمي خطرن سان نبرڻ ۽ دهشت گردن جي مالي معاونت روڪڻ جي لاءِ به ملي قدم کنئيا وڃن.
مذاڪرات ۾ آمريڪي وفد جي اڳواڻي پرڏيهي کاتي جي انسداد دهشت گرديءَ جي قائم مقام رابطه ڪار، ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني وفد جي اڳواڻي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيد حيدر شان ڪئي.
هي۽ ڳالهه ٻولهه اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن آگسٽ 2021 ۾ افغانستان مان غير ملڪي فورسز جي ملڪ مان واپسيءَ کان پوءِ بندش پيل شدت پسند گروپ، تحريڪ طالبان پاڪستان جي مسلح ڪاروائين ۾ خطرناڪ واڌ آئي آهي. ان حوالي سان ماهرن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ انسداد دهشت گرديءَ جي مذاڪرات کي تمام اهم قرار ڏئي رهيا آهن.
آمريڪي سفارت خاني جي بيان مطابق، مذاڪرات جي دوران ان ڳالهه تي به غور ڪو ويو ته ڪهڙيءَ ريت ٻئي ملڪ دهشت گردن جي مالي مدد روڪڻ ۾ سهڪار وڌائي سگهن ٿا.
’ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي گهرج آهي’
بچاءَ وارن ناتن جي تجزيه ڪار سعد محمد چيو آهي ته انسداد دهشت گرديءَ جي توڙ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي سهڪار جي ضرورت آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، سعد محمد چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي خطي ۾ واقع آهي جتي خطرا رڳو علائقائي نه بلڪه بين الاقوامي به آهن.
ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان، نيڊ پرائيس فيبروريءَ جي شروع ۾ ان ڳالهه کو ورجايو هو ته آمريڪا جي لاءِ پاڪستان سان سيڪيورٽي ناتا اهم آهن ۽ اسلام آباد کي درپيش خطرا اسان جي لاءِ به خطرو بڻجي سگهن ٿا.
ليڪن، اسلام آباد ۾ ٿيڻ وارن مذاڪرات ۾ ان ڳالهه جو ڪو اشارو نه ڏنو ويو ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ پاڪستان جي معطل ٿيڻ واري سيڪيورٽي امداد ڪيسيتائين بحال ٿي سگهي ٿي.
خيال رهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2018۾ پاڪستان جي لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ ڊالر جي سيڪيورٽي امداد مهمل ڪري ڇڏي هئي. ٽرمپ انتظاميا جو موقف هو ته پاڪستان شدت پسندن جي خلاف گهربل سخت ڪاروائي نه ڪئي آهي.
سعد محمد چيو ته بندش پيل تحريڪ طالبان جي افغانستان ۾ مبينه موجودگي پاڪستان جي لاءِ اولين خطرو آهي، ليڪن شدت پسند ۽ دهشت گرد گروپ داعش ۽ القاعده هاڻي به آمريڪا جي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. ان ڪري، انسداد دهشت گرديءَ ۾ ٻنهي ملڪن جو سهڪار وقت جي ضرورت آهي.
بين الاقوامي ناتن جي تجزيه ڪار، هما بقائيءَ چيو آهي ته سيڪيورٽي ڊائلاگ مان هيءُ تاثر ملي ٿو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات بهتر ٿي رهيا آهن.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته بظاهر ائين ٿو لڳي ته اقتصادي بحران ۽ دهشت گرديءَ جي چيلينج جي ڪري پاڪستان جو جهڪاءُ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا جي طرف ٿي رهيو آهي.
پاڪستاني عمل دارن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد عالمي سطح تي ڪنهن به ڪيمپ جو حصو ناهي، بلڪه اهو آمريڪا ۽ چين سميت دنيا جي ٻين ملڪن سان سٺن ناتن جو خواهش مند آهي.
هما بقائيءَ چيو ته هن وقت ان ڳالهه جو امڪان نظر نه ٿو اچي ته آمريڪا پاڪستان جي لاءِ معطل ٿيڻ واري سيڪيورٽي سهڪار کي بحال ڪري سگهي ٿو.
ليڪن، هن چيو ته آمريڪا جي پاليسي ساز حلقن ۾ هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته معاشي طور تي مستحڪم پاڪستان آمريڪا جي مفاد ۾ آهي. ڏسڻو اهو پوندو ته ڇا آمريڪا پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو يا نه؟
(جليل اختر جي رپورٽ)