رسائی کے لنکس

نيوزي لينڊ سيريز جو نئون شيڊول، ڪراچيءَ ۾ صرف ون ڊي ميچ ٿيندا


نيو زيلينڊ جو ڪين وليم سن ۽ پاڪستان جو شاداب خان هٿ ملائيندي. (فائيل فوٽو)
نيو زيلينڊ جو ڪين وليم سن ۽ پاڪستان جو شاداب خان هٿ ملائيندي. (فائيل فوٽو)

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزي لينڊ جي دوري لاءِ ميچن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان مطابق مھمان ڪيويز ٽيم پاڪستان ۾ پنج ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوينٽي ميچون کيڏندي.

پي سي بي سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٻنهين ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز پاڻ ۾ صلاح مشوري سان نيوزي لينڊ جي دوري بابت ڪجهه تبديليون ڪيون آهن.

پي سي بي موجب نيوزي لينڊ جي ٽيم پاڪستان خلاف پنج ٽي ٽوينٽي ۽ پنج ون ڊي ميچز ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏندي.

نئين شيڊول موجب ٽي ٽوينٽي جا پهريان ٽي ميچ 14، 15 ۽ 17 اپريل تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته باقي ٻه ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ ٿيندا.

اهڙي طرح ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ 26 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. باقي چار ميچ 30 اپريل، 3 مئي، 5 مئي ۽ 7 مئي تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏڻ لاءِ شيڊول ڪيا ويا آھن.


ان کان اڳ واري شيڊول ۾ ٽي ٽوينٽي سيريز جا چار ميچ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ رکيا ويا هيا، جڏهن ته راولپنڊي ۽ لاهور کي ون ڊي ميچن جي ميزباني ڏني وئي هئي.

واضح رهي ته نيوزي لينڊ ٽيم جو پاڪستان جي دوري جو ھي ٻيو مرحلو آهي. ان کان اڳ ڪيويز پهرين مرحلي ۾ 27 ڊسمبر کان 15 جنوري تائين ٻه ٽيسٽ ۽ ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ کيڏي چڪا آهن.

پي سي بي پاران سومر تي جاري ڪيل شيڊول کان اڳ نيوزي لينڊ ٽيم کي پاڪستان ۾ پهريان 4 ٽي ٽوينٽي ميچ 13، 15، 16 ۽ 19 اپريل تي ڪراچي ۾ کيڏڻا هئا، جڏهن ته پنجون ٽي ٽوينٽي 23 اپريل تي لاهور ۾ کيڏڻو هيو.

پراڻي شيڊول موجب نيوزي لينڊ کي لاھور ۾ ٻه ون ڊي ميچ 26 ۽ 28 اپريل تي، جڏهن ته باقي ميچ پهرين مئي، 4 مئي ۽ 7 مئي تي راولپنڊي ۾ کيڏڻا ھيا.

XS
SM
MD
LG