ويب ڊيسڪ —
پاڪستان جي مختلف حصن ۾ زوردار زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن، جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6 اعشاريه 8 ٻڌائي ٿي وڃي.
زلزلي جي ڪري ملڪ جي اترين علائقن ۾ ملڪيت کي نقصان پهتو ۽ هينئر تائين ملڻ وارين خبرن مطابق پنج ڄڻا مري ويا آهن.
زلزلي کي ماپڻ واري مرڪز مطابق، زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هيو ۽ ان جو مرڪز 180 ڪلوميٽر جي اونهائيءَ ۾ هيو.
راولپنڊيءَ ۾ زلزلي جي زوردار جهٽڪن جي ڪري ڪيترين ئي عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا. گوجر خان ۾ ڀت ڪرڻ جي ڪري گاڏيءَ کي نقصان پهتو.
لوئر دير ۾ زلزلي جي ڪري ڀتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا مري ويا جڏهن ته ڪيترا زخمي ٿيا.
خبرن جي اداري، اي ايف پي جي مطابق، عيني شاهدن ٻڌايو ته زلزلي جا اهي جهٽڪا 30 سيڪنڊن کان وڌيڪ دير تائين محسوس ڪيا ويا، جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ شديد خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو.
(ابتدائي رپورٽ)