رسائی کے لنکس

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جاري، حڪومت جو ’هڪ ئي ڏينهن’ چونڊون ڪرائڻ تي زور


رانا ثنا الله
رانا ثنا الله

پاڪستان جي سياسي ۽ امن و امان جي صورت حال تي بحث جي لاءِ سڏايل پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس شروع ٿي ويو آهي. قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي.

پارليامينٽ جو اجلاس هڪ ڪلاڪ ۽ 25 منٽ دير سان شروع ٿيو.

اجلاس جي شروعات تي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اڱاري ڏينهن اچڻ واري زلزلي ۾ فوت ٿي ويلن جي لاءِ دعا ڪئي وئي.

اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي، رانا ثنا الله اڳوڻي وزير اعظم تي سخت تنقيد ڪئي.

رانا ثناالله الزام لڳايو ته زمان پارڪ ۾ شرپسند عناصر ۽ دهشت گرد تنظيمن سان تعلق رکڻ وارا فرد هٿيارن سميت موجود هيا.

هن چيو ته هٽلر به ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ تقريرون ڪندو هيو. ان وقت به ڪجهه ماڻهو هيا جن چيو هو ته هٽلر کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

گهرو معاملن جي وزير چيو ته عمران خان جي حڪومت پوئڻن چئن سالن دوران پنهنجي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو هو. عمران خان آئي ايف ايم سان معاهدو ڪيو ۽ پوءِ ان تي عمل نه ڪيو.

آئين ۾ اهو به درج آهي ته اليڪشن شفاف ٿيڻ کپي

رانا ثنا الله چيو ته اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته آئين 90 ڏينهن ۾ چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ چوي ٿو. پر، آئين ۾ اهو به آهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ کپن.

وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ٻن صوبن ۾ چونڊون اڳ ۾ ٿين ٿيون ته پوءِ ڌانڌليءَ جو شور اٿندو. ان ڪري، پارليامينٽ هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪري.

سندس بقول، جيڪڏهن عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ هارائي وڃي ته هو الزام لڳائيندو ته مرڪز ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ڪري ڌانڌلي ٿي.

’مان سمجهي رهيو هيس ته اڄوڪي گڏيل اجلاس ۾ ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي’

اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي، حڪومتي اتحاد ۾ شامل خالد مگسيءَ چيو ته هو سمجهي رهيو هو ته اڄ گڏيل اجلاس ۾ ڪو ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي. ليڪن، هتي ته ڪجهه به نه ٿيو.

هن چيو ته فيصلا ڪرڻا آهن ته پوءِ دليريءَ سان ڪيا وڃن. افسوس جي ڳالهه آهي ته لنڊن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ادارن جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي.

خالد مگسيءَ چيو ته اسان کي رياست ۽ ملڪ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا.

پنهنجيءَ تقرير کان پوءِ، اسپيڪر قومي اسيمبليءَ اجلاس سومر 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ پنهنجي وڊيو خطاب ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان دعويٰ ڪئي ته جيئن 1996 ۾ مير مرتضيٰ ڀٽي کي قتل ڪيو ويو هو، اهڙيءَ ئي ريت زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪري کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جڏهن هو حاضريءَ جي لاءِ اسلام آباد ويو ته ان ڏينهن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو هيو. هن چيو ته کيس پوليس جي ذريعن ٻڌايو هو ته ’ڪائونٽر ٽررزم جي کاتي (سي ٽي ڊي) جا ماڻهو سادن ڪپڙن ۾ موجود آهن. عدالتي پيشيءِ جي دوران ٽڪراءَ کي بنياد بڻائي کيس رستي تان هٽائڻ جي رٿا ڪئي وئي هئي.

پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامنيٽ جي گڏيل اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو .

XS
SM
MD
LG