رسائی کے لنکس

آمريڪا جي جديد بمبار جهاز ’بي 21 ريڊر’ جي مهورت


بي 21 ريڊر.
بي 21 ريڊر.

آمريڪا جمعي جي ڏينهن پنهنجي جديد بمبار جهاز ’بي 21 ريڊر’ جي مهورت ڪئي، جيڪو جوهري ۽ روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان کي اهڙيءَ طرح ڊزائين ڪيو ويو آهي جو بغير عملي جي به پرواز ڪري سگهي ٿو.

خبرن جي اداري اي ايف پي مطابق، جهاز جي مهورت جي تقريب ڪيليفورنيا جي رياست جي شهر ’پام ڊيل’ ۾ 1بي 21 مينيوفيڪچرنگ نارٿ روپ گرومين1 جي سائيٽ تي منعقد ڪئي وئي جتي اعلي آمريڪي اختياريءَ وارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي، بچاءَ واري آمريڪي وزير لائيڊ آسٽن چيو آهي ته ’بي 21 ريڊر’ ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ پهريون اسٽريٽجڪ بمبار آهي ۽ گهاڙ ۽ جدت ۾ آمريڪا جي لاءِ ديرپه فائدن جو ثبوت آهي.

هن جهاز جي گهڻن خصوصتين کي اڃان خفيه رکيو ويو آهي، ليڪن هي آمريڪا جي موجوده بمبار ٻيڙي ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو.

لائيڊ آسٽن هن جهاز جي رينج جي تعريف ڪندي چيو ته ڪو ٻيو وڏي فاصلي تائين مار ڪرڻ وارو بمبار هن قسم جي ڪارڪردگي نه ٿو ڏيکاري سگهي.

جهاز جي پائيداريءَ متعلق هن چيو ته ان کي هاڻي تائين جي سڀ کان وڌيڪ ’مين ٽين ايبل بمبار’ جي طور تي ڊزائين ڪيو ويو آهي.

’بي 21 ريڊر’ ۾ ايف 22 ۽ ايف 35 جنگي جهازن وانگر ’اسٽيلٿ’ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو جهاز جي نقشن کي ان جي شڪل ۽ جنهن مواد مان ان کي ٺاهيو ويو آهي منظر تي نمايان ٿيڻ نه ٿو ڏئي ۽ دشمنن جي لاءِ ان جو پتو لڳائڻ مشڪل بڻجي ويندو آهي.

بچاءَ جي آمريڪي وزير چيو آهي ته گهٽ ظاهر ٿيڻ واري ٽيڪنالاجيءَ ۾ 50 سالن جي ٽيڪنيڪي اوسر جو سٺي نموني استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جديد ترين فضائي بچاءَ جي نظام جي لاءِ به آسمان تي بي 21 جي موجودگيءَ جو پتو لڳائڻ سولو ڪونهي.

هن چيو ته هي جهاز ’اوپن سسٽم آرڪيٽيڪچر’ سان تيار ڪيو ويو آهي جيڪو انهن نون هٿيارن کي به ان ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو جيڪو اڃان تائين ايجاد نه ٿيا آهن.

هن جهاز جي مهورت کان پهريان بروڪنگنز انسٽي ٽيوٽ ٿنڪ ٽينڪ جي فيلو ايمي نيلسن اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته بي 21 کي ترقيءَ جي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.

سندس بقول بي 21 پنهنجي اڳوڻن جهازن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جديد آهي. اهو بي 2 جي برعڪس ٻيڻين صلاحيت رکندو آهي ۽ جوهري ۽ ميزائيل ڪيرائڻ جي صلاحيت رکندو آهي. ان کان سواءِ اهو ڊگهي ۽ ننڍي فاصلي تائين مار ڪرڻ وارا ميزائيل به هلائي سگهي ٿو.

جهاز جي مهورت جي تقريب دوران ان جي بغير عملي جي پرواز جي صلاحيت جو گهڻو ذڪر نه ڪيو ويو. البته، آمريڪي فضائيه جي ترجمان اب اسٽينفيڪ اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته جهاز ۾ اها صلاحيت ممڪنه صورت حال جي لاءِ فراهم ڪئي وئي آهي، ليڪن اڃان عملي کان سواءِ پرواز جو ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اسان جي مستقبل جي بمبار طاقت ۾ اهم حيثيت رکڻ واري بي 21 جي پهرين پرواز ايندڙ سال متوقع آهي، جڏهن ته فضائيه گهٽ ۾ گهٽ 100 جهاز خريدڻ جو ارادو رکي ٿي.

هڪ اندازي مطابق، هي جهاز 70 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ مهانگو آهي.

خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، ايئرفورس 100 جهازن جي خريداريءَ جي لاءِ 2010 ۾ هڪ جهاز جي سراسري لاڳت 55 ڪروڙ ڊالر رکي هئي، جيڪا اڄ 75 ڪروڙ 30 لک ڊالر آهي.

هوڏانهن ’نارٿ روپ گرومين’ چيو آهي ته هن وقت ’پام ڊيل’ جي مرڪز ۾ ڇهه جهاز اسيمبلنگ ۽ ٽيسٽنگ جي مختلف مرحلن مان گزري رهيا آهن.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، اي ايف پي ۽ ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG