سومر ڏينهن پشاور جي پوليس لائينز مسجد ۾ ٿيڻ واري خودڪش ڌماڪي کان پوءِ زندگي معمول ڏانهن موٽ کاڌي آهي. ڌماڪي جي ڪري ڊهي پوڻ واري مسجد جي ٻاهرئين هال ۽ اڱڻ کي نمازين جي لاءِ کوليو ويو آهي. ٻئي طرف صوبي ۾ امن و امان جي صورت حال تي پوليس عمل دار به سڙڪن تي نڪري آيا آهن.
پشاور جي سانحي ۾ هينئر تائين 100 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن.اربع ڏينهن پشاور پريس ڪلب جي ٻاهران پوليس اهل ڪارن جي وڏي تعداد ۽ متمدن معاشري جي ميمبرن مظاهرو ڪيو.
احتجاج ۾ شامل پوليس عمل دارن چيو ته خيبرپختونخوا جا سندن ساٿي اهل ڪار مسلسل دهشت گرديءَ جو نشانو بڻجي رهيا آهن. پشاور سانحي ۾ به پوليس اهلڪار وڏي تعداد ۾ جان وڃائي. ان ڪري هن معاملي جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي.
پوليس وارن مطالبو ڪيو ته کين سرڪاري عمارتن ۾ داخل ٿيڻ وارين گاڏين، چيڪ پوسٽن ۽ سرڪاري ۽ خانگي گاڏين جي مڪمل تلاشيءَ جي اجازت ڏني وڃي.
مظاهري ۾ شريڪ پشاور هائي ڪورٽ جي وڪيل، هاشم رضا ايڊوڪيٽ وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتن سميت سمورا رياستي ادارا پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺا آهن. ان ڪري، هن قسم جي واقعن جي تحقيقات هاڻي عالمي ادارن يا عالمي عدالت انصاف کي ڪرڻ گهرجي.
هوڏانهن پشاور کان سواءِ نوشهري، بنونءَ ۽ خيبرپختونخوا جي ٻين شهرن ۽ وسندين ۾ به پوليس وارن احتجاج ڪيو ۽ پنهنجي تحفظ جي لاءِ وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
صوابيءَ ۾ ٿيڻ واري احتجاج ۾ جونيئر رينڪ جا اهل ڪار به شريڪ ٿيا. ’امن چوڪ’ تي ٿيڻ واري مظاهري ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هيا.
سندن بقول، هن واقعي جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ پوليس وارن جي مبينه ’ٽارگيٽ ڪلنگ’ بند ٿيڻ کپي.
واضح رهي ته پشاور پوليس لائينز مسجد ۾ سومر ڏينهن ظهر جي نماز جي دوران خودڪش ڌماڪي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هيا.
داخله جي وفاقي وزير رانا ثنا الله چيو آهي ته پشاور ڌماڪي جي ذمي داري بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪئي آهي.
(شميم شاهد جي رپورٽ)