بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته مذاڪرات جي نالي تي هزارين ماڻهن کي افغانستان مان سڏائي پاڪستان ۾ وسائڻ جي پاليسي هاڃيڪار ثابت ٿي آهي ۽ دهشت گرديءَ جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اڪيلو رهجي ويو آهي.
اڱاري ڏينهن پشاور سانحي تي قومي اسمبليءَ جي اجلاس جي دوران خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته ٻه سال اڳ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان مذاڪرات ٿي سگهن ٿا ۽ ان بنياد تي هزارين بي روزگارن کي هتي وسايو ويو. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي افغان جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ واندا ويٺا هيا.
خواجا آصف چيو ته انهن ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن امن نه ڏٺو هو، ان ڪري پاڪستان اچي به نه سڌريا.
سندس بقول، جن ماڻهن افغان طالبان سان ملي آمريڪا جي خلاف جنگ وڙهي هاڻي اهي قرض چڪائي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ڪاروائيون ڪري رهيا آهن ۽ افغان طالبان انهن کان ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن.
خيال رهي ته افغان طالبان ماضيءَ ۾ پاڪستاني حڪام جي انهن الزامن جي ترديد ڪندا رهيا آهن. افغان طالبان جو موقف اهو رهيو آهي ته اهي دوحا معاهدي تي قائم آهن ۽ ڪنهن کي به پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا.
پاڪستان جي قومي اسمبليءَ ۾ دهشت گرديءَ جي حوالي سان بحث اهڙي وقت تي ٿيو جڏهن پشاور جي پوليس لائنز مسجد ۾ خودڪش حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ڄڻا مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
ائين ته ڀارت ۽ اسرائيل جي مسجدن ۾ به نه ٿيندو آهي
پنهنجي خطاب ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو هو، پر هتي مسجدن ۾ به جنهن نموني نمازين کي قتل ڪيو وڃي ٿو ائين ته ڀارت ۽ اسرائيل جي مسجدن ۾ به نه ٿيندو آهي.
خواجا آصف جي لفظن ۾ پاڪستان دهشت گرديءَ جي خلاف جنگ ۾ 126 ارب ڊالرن جو نقصان کنئيون ۽ 83000 ماڻهن پنهنجون جانيون ڏنيون. ليڪن دنيا پاڪستان جي انهن قربانين جو ڪڏهن به اعتراف نه ڪيو آهي.
هن چيو ته اسان 50 سال اڳ آمريڪا جي افغان جنگ ۾ حصو وٺي پاڻ دهشت گرديءَ جو ٻج وڌو ۽ پوءِ نائين اليون ۾ به اسان آمريڪا جي جنگ جو حصو بڻياسين. هاڻي نتيجو اهو نڪتو آهي جو افغانستان مان اها جنگ نڪري اسان جي اسڪولن، عوامي هنڌن، سرڪاري آفيسن ۽ مسجدن تائين پهچي چڪي آهي.
خواجا آصف جي بقول، افغان جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ساڍا چا لک افغان شهري پاڪستان آيا، ڪنهن کي خبر ڪانهي ته انهن منجهان ڪير دهشت گرد هيو. جڏهن اسان وٽ ڊالرن جو بحران آيو ته هتان ڳوڻيون ڀري افغانستان موڪليون ويون.
بچاءَ واري وزير چيو ته بنگله ديش جيڪو اسان کان 50 سال اڳ جدا ٿيو، اڄ ان جي حالت اسان کان بهتر آهي ۽ اهو ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اسان هڪ ارب ڊالر جي لاءِ آئي ايم ايف کي درخواستون ڪري رهيا آهيون.
ٽي ٽي پيءءَ جي هزارين هٿياربندن کي هتي وسائڻ هاڃيڪار غلطي هئي
قومي اسمبليءَ جي اجلاس کي داخله جي وزير رانا ثنا الله خطاب ڪندي چيو ته اسان جن کي مجاهد بڻايو اڄ اهي دهشت گرد بڻجي ويا آهن.
رانا ثنا الله چيو آهي ته اسان کي ڪنهن جي به چوڻ تي لڙائيءَ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي ها. وزير اعظم، آرمي چيف ۽ ڊي جي، آئي ايس آئي ايوان ۾ ايندا ۽ امن و امان جي حوالي سان بريفنگ ڏيندا.
هن چيو ته 2010 ۽ 2013 کان پوءِ پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ بتدريج ڪمي آئي، ليڪن 2021 کان پوءِ هاڻي اهي واقعا ٻيهر وڌي ويا آهن.
داخله جي وزير چيو ته جڏهن ٻه سال اڳ مذاڪرات جي ڳالهه ٿي ته چيو ويو ته انهن جو تعداد ست، اٺ هزار آهي ۽ هنن جا خاندان هتي آباد آهن. چيو ويو ته جيڪي ايندا اهي آئين جا تابع رهي معاشري جو حصو بڻجڻ چاهن ٿا. انهن کي موقعو ڏنو وڃي. اها سوچ، اها پاليسي ۽ اهو فيصلو شايد نيڪ نيتيءَ سان ڪيو ويو هجي، ليڪن اهو غلط ثابت ٿيو. ان جا نتيجا اڄ اسان کي ڀوڳڻا پون ٿا.
رانا ثنا الله چيو ته مذاڪرات ۾ اعتماد سازيءَ جي لاءِ اهڙن ماڻهن کي به ڇڏيو ويو جن کي موت جي سزا ڏني وئي هئي. ليڪن ان ڀروسي جو نتيجو پشاور سانحي جي صورت ۾ سامهون آيو.
هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جي هزارين لڙاڪن کي هتي وسائڻ هاڃيڪار غلطي هئي.
وزير داخله چيو ته وزير اعظم ۽ فوجي اڳواڻن کي پارليامنٽ کي اعتماد ۾ وٺي هاڻي دهشت گردن جي خلاف هڪ گڏيل پاليسي ترتيب ڏيڻي پوندي.
رانا ثناالله چيو ته بندش پيل تحريڪ طالبان ان حملي جي ذمي داري قبول ڪئي آهي. فوتگين ۾ اضافي جو امڪان آهي ڇو ته 27 زخمين جي حالت نازڪ آهي،جڏهن ته 100 ڄڻن جي هلاڪت جي تصديق ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته پوليس لائنز جي اندر سولينز جون به رهائش گاهون آهن ۽ بظاهر امڪان ان ڳالهه جو آهي ته اتان ئي سهولت ڪاري ڪئي وئي هئي.