رسائی کے لنکس

’جمهوريت جي هيڻائپ جي رڳو اسٽيبلشمينٽ ذمي دار ناهي’


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ پارليماني ناتن جي متعلق غير سرڪاري اداري، ’پلڊاٽ’ سال 2022 کي پاڪستان ۾ جمهوريت جي لاءِ ’’مايوس ڪن’’ قرار ڏنو آهي.

اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2022 ۾ ملڪ ۾ سياست دانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي 70 سالن کان جاري جمهوريت مخالف چالون بي نقاب ٿيون.

ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته حالانڪه اسٽيبلشمينٽ سياست کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ليڪن اوچتو سياسي معاملن مان الڳ ٿيڻ ايترو سولو ڪونهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نومبر 2022 ۾ فوج ۾ ڪمانڊ جي تبديليءَ سان صورت حال مختلف نظر اچي ٿي، تڏهن کان هاڻي تائين سياسي معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جو ڪو ثبوت ڪونهي. پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، ان عدم مداخلت جو فائدو شايد تڪڙو حاصل نه ٿئي، پر جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سياست کان الڳ رهڻ جي ارادي تي قائم رهي ته جمهوريت ۾ بهتريءَ جي اميد آهي.

رپورٽ مطابق، عمران خان بطور وزير اعظم پنهنجي حڪومت جي انداز جو ذمي دار فوج کي نه چيو هو، ليڪن اقتدار وڃڻ کان پوءِ هن ٻڌايو ته کيس فوجي حمايت حاصل هئي. بجيٽ منظور ڪرائڻ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر لڳائڻ جي لاءِ هن فوج جي حمايت گهري هئي، سندس حڪومت تڏهن ختم ٿي جڏهن فوجي حمايت هٽائي وئي.

پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسمبلي اهو ايوان هيو جتي عدم اعتماد جو ووٽ شروع ٿيو هو ۽ ان کي منظور ڪيو ويو، ليڪن هن سال جي دوران ان اسميبليءَ پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تمام گهٽ ڪم ڪيو آهي.

جمهوريت جي هيڻائپ جي ذمي دار رڳو اسٽيبلشمينٽ ناهي

رپورٽ جي حوالي سان ’پلڊاٽ’ جي اڳواڻ، احمد بلال محبوب وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ان معاملي ۾ صرف اسٽيبلشمينٽ ذمي دار ناهي، بلڪه سياست دان به ان خرابيءَ ۾ اوترا ئي شريڪ آهن.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته جيڪو وڌيڪ طاقت ور هوندو آهي ان جي ذمي داري وڌيڪ هوندي آهي. پاڪستان ۾ طاقت جو سرچشمو فوج آهي ۽ ان تسليم ڪيو آهي ته 70ورهن ۾ هنن سياست ۾ مداخلت ڪئي، ان ڪري، سندن ذمي داري به وڌيڪ آهي.

احمد بلال محبوب چيو ته اڃان فوج جي عدم مداخلت جي باري ۾ ڪجهه چوڻ قبل از وقت ٿيندو ڇو ته اڃان رڳو هڪ مهينو گزريو آهي جنهن ۾ هنن سياست کان الڳ ٿيڻ جو چيو آهي. ان ڪري، ٿي سگهي ٿو ته مداخلت رڪجي وڃي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ نظر اچي ويندو.

هن چيو ته فوج کي سياست ۾ مداخلت جو نشو 70 سالن کان وٺي آهي، جڏهن ته سياست دانن کي به هيءُ نشو آهي ڇو ته اهي هر معاملي ۾ ’گيٽ نمبر چار’ ڏانهن واجهائيندا رهندا آهن.

ليڪن، هن چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ آخري فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ائين ئي هوندو. ’پلڊاٽ’ جي سربراه چيو ته فوج تي جيتري تنقيد 2022 ۾ ٿي، ماضيءَ ۾ ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي.

سندس بقول، فوج جي اداري متعلق سڌي سنئين ڳالهه ڪئي پئي وڃي ۽ تنقيد ٿي رهي آهي جنهن جو وڏو سبب اهو ئي آهي ته جنرل باجواه جي دور ۾ سياست ۾ حد کان وڌيڪ مداخلت ڪئي وئي ۽ ان جو ئي رد عمل سامهون آيو آهي.

اسٽيبلشنيبٽ کي سياست کان الڳ رهڻ ۾ مزاحمت سامهون ايندي

سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار سهيل وڙائچ چيو آهي ته جيئن جيئن وقت گزرندو، فوج جي سياست ۾ عدم مداخلت جي گواهي سامهون ايندي رهندي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ادارو جڏهن پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪندو ته اهو ڪا مداخلت نه ڪري رهيو آهي ته سياست دانن ۽ ادارن جو اعتماد بحال ٿيندو.

هن چيو ته اهو ادارن جي لاءِ به مشڪل فيصلو آهي ڇو ته اهي ستر ورهن کان وٺي انهيءَ ڪم ۾ رڌل رهيا آهن، هو پاڻ کي ’گارڊين’ سمجهندا آهن ۽ ملڪ جي فيصلن جو پاڻ کي ذمي دار خيال ڪندا آهن.

(عاصم علي رانا جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG