رسائی کے لنکس

دلاسي جي نه، ماني ٽڪيءَ ۽ سارسنڀال لهڻ جي ضرورت آهي، ٿرواسي


ميرپورخاص جي هڪ ڳوٺاڻي، اشوڪ ڪمار ٻڌايو ته سندس گهر واريءَ ٽي ڏينهن اڳ ڌيءُ کي جنم ڏنو آهي. ماءُ جي سورن جي وقت سرڪاري اسپتال بند هئي. مان سندس ڊليوري ڇهه هزار روپيا ڏئي هڪ خانگي هنڌ تان ڪرائي.

ڏهه ڏينهن اڳ، تيز مينهوڳيءَ کان پوءِ ٻوڏ آيل هئي. اسان گهر ڇڏي هڪ سڙڪ ڪناري، اوچيءَ ڀٽ تي اچي ويٺاسين. پنهنجيءَ رپورٽ ۾ سدره ڊار ٻڌايو ته اشوڪ جي زال جي حالت ٺيڪ نه هئي. ليڪن سواءِ انتظار ۽ آس جي هو ٻيو ڪري به ڇا پيا سگهن.

اشوڪ پهريون ڀيرو پيءُ سڏايو ته خوش به ڏاڍو ٿيو پر گهر ۽ دڪان جي ٻڏي وڃڻ تي ڏک به ساڻس پڪي سنگت ڄمائي چڪو هو. ميرپورخاص ۾ هن جو ڌوٻيءَ جو دڪان آهي، جيڪو هاڻي بند آهي.

جهڏو بائي پاس تي ڏهه ڏينهن گزارڻ کان پوءِ اشوڪ جو ڪٽمب لڏپلاڻ ڪري مرڪزي شاهراه ڏانهن وڃي رهيو آهي، جتي کين امداد جو آسرو آهي. گهر جو بچيل سچيل سامان ٽريڪٽر ٽراليءَ تي وڌو ويو. سندن ٽن ڏهاڙن جي نياڻي ڏاڏيءَ جي هنج ۾هئي. هو ٽريڪٽر تي ويهي گهربل جاءِ تي پهچندا. اشوڪ جي ڌيءُ جي اک ان وقت دنيا ۾ کلي جڏهن سندس ماءُ، مينا ۽ پيءُ جا خواب اڃان اڌورا هيا.

لڏ پلاڻ
لڏ پلاڻ

هن وقت سنڌ جا 23 ضلعا آفت زده قرار ڏنا ويا آهن. هن سال مون سون جي تباه ڪن برساتن ملڪ ۾ مشڪل سيلابي صورت حال پيدا ڪئي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 450 ارب روپين جي نقصان پهچي چڪو آهي جنهن ۾ املاڪ، سڙڪون، گهر، ڪاروبار ۽ فصل شامل آهن.

هوڏانهن مير واه جا رهواسي بي وس ٿي فصلن اندران ٽپي ٻئي پاسي اچي رهيا آهن. ڪيتريون ئي عورتون ضرورت جون شيون مٿي تي رکي ٻوڏ جي ماحول مان سڙڪ ڏانهن ٻاهر نڪري رهيون آهن.

پڇڻ تي معلوم ٿيو ته جن ڳوٺن ۾ سندن گهر هيا اتي چئن کان پنجن فٽن تائين پاڻي بيٺل آهي انهيءَ ڪري هو گهر جو بچيل سچيل سامان کڻي سڙڪ ڪناري تي اچي پهتا آهن. منزل جي کين به ڄاڻ پوري ساري آهي.

نوران صبح کان ست ڀيرا چڪر لڳائي چڪي آهي. سندس نهن صبح کان وٺي انهيءَ ڪوشش ۾ آهي ته ڪنهن طرح بارش جهڪي ٿئي ته هوءَ امداد ۾ ملڻ واري ڪلو اٽي کي ڳوهي ماني پچائي. پر لڳاتار برسات ۽ آليون ڪاٺيون باهه ٻارڻ ۾ مشڪل پيدا ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته اسان سٺ ورهن کان هتي جا رهواسي هياسين ۽ ڪڏهن ايترو وسڪارو نه ڏٺو اٿئون. بارش جي پهرين ڏينهن پاڻي گهر ۾ داخل نه ٿيو. ليڪن ٻئي ڏينهن اڌ رات ڌاران پاڻي گهر ۾ داخل ٿي ويو. اسان رليون، ڪجهه ٿانون، ڪپڙن جون ڳٺڙيون کنيون ۽ نڪري پياسين. مردن پهرين عورتن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ڍور ڍڳا ساڻ ڪري اهي اسان جي پويان اچڻ لڳا.

ڳوٺ مينگهواڙ جي سرپينچ، نادو مينگهواڙ پنهنجي ڪٽمب سميت جهڏو ۾ سڙڪ ڪناري اچي ويٺو آهي. چاليهن خاندانن مان صرف ڏهن وٽ سائي رنگ جا خيما آهن جن تي سنڌ حڪومت لکيل آهي.

پڇڻ تي معلوم ٿيو ته علائقي جي ميمبر صوبائي اسمبلي هتي صرف ڏهه خيما ورهايا هيا ۽ چيو ته في الحال 40 خاندان ان ۾ گزارو ڪيو.

ڪو ڪنهن جي گهر ۾ وڌيڪ ڏينهن نه ٿو رهي سگهي. هتي چاليهن خاندانن جي عورتن کي ڪيئن ڏهن خيمن ۾ غيرن سان گڏ وهاري سگهبو. ليڪن پوءِ اسان پاڻ ۾طئي ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن کي گڏ رهايو وڃي. ڳالهه صرف خيمن جي ناهي کاڌي پيتي جي به آهي. اسان وٽ کاڌي جي لاءِ ڪجهه به ڪونهي. ڪجهه خدا ترس نوجوان روزانو ايندا آهن ۽ پڪل چانورن جون ٿيلهيون ڏئي ويندا آهن. اهي ئي اسان منجهند ۽ رات جو کائيندا آهيون. ائين به ٿيو آهي ته تيز برسات جي ڪري کاڌو نه ملي سگهيو ته ٻه ڏينهن بک تي رهڻو پيو.

پنجٽيهه وره ڄمار جي سويتا سڙڪ ڪناري ويٺي آهي. خيمي اندر ٽي ٻار آهن ۽ هڪ ٻار ٻاهر کٽ تي ليٽيل آهي، جنهن کي تيز بخار آهي. سويتا انهيءَ ئي کٽ تان پنهنجي ٻڏل گهر کي بي وسيءَ سان ڏسي واجهائي رهي آهي. ڳوڙها اگهي وري ٻارن جي سار سنڀال جي ڪم ۾ جمبي وڃي ٿي.

هن ٻڌايو ته مون کي پنهنجو ٻڏل گهر ڏسي ڏک ٿيندو آهي. بس ايترو ئي چوندم ته خدارا اسان جي مدد ڪيو. ننڍڙن ٻارن جو ساٿ آهي. نه اسان جي سر تي ڇت آهي نه ئي ماني ٽڪي.

جهڏي مان نڪرندي ڊگريءَ جي رستي تي هڪ فائر برگيڊ جي گاڏي نظر آئي جيڪا سيلاب متاثرين کي پيڻ جو پاڻي پهچائي رهي هئي. اسان بيٺا ئي هياسين ته ننڍڙا ٻار ۽ عورتون ڊڪندا آيا ۽ پڇائون ته ڇا توهان امداد ڏيڻ آيا آهيو؟ اسان کي کاڌو يا اٽو ڏيو. انهن خاندانن کي بي چينيءَ سان انتظار آهي ته ٻوڏ جو پاڻي خشڪ ٿئي ته اهي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي سگهن.

ميرواه کان ٿورڙو اڳتي ٻوڏ جو وهڪرو تيزيءَ سان سڙڪ جي ٻئي پاسي وهي رهيو هو، جنهن جي ڪري سڙڪ ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. تيار فصلن ۾ بيٺل پاڻي ۽ ڪيترن فصلن منجهان وهندڙ پاڻي هارين جي دل تي تير وسائي رهيو هو. سندن پوک راءِ وئي، سڀ ڪجهه داوءُ تي لڳل آهي. اڳتي جو فڪر سندن ننڊون ڦٽائڻ لاءِ ڪافي آهي.

مجيدان پنهنجي مزدور مڙس سان گڏ ويٺي آهي. هن چيو ته جڏهن سياست دانن کي ووٽ کپندا آهن ته ڊڪي هتي پهچندا آهن، ٻڌائيندا آهن ته ووٽ ڪيئن وجهجي، اهڙو نشان نه لڳائجو ته ووٽ ضائع ٿي وڃي. هاڻي سڀئي غائب آهن. هاڻي اسان انهن کي ووٽ ڏينداسين جيڪي اسان جي ٽاڪور ڪندا ۽ مٿو ڍڪڻ لاءِ جگهه ڏيندا. اسان کي تسليون نه بلڪه سر ڍڪڻ لاءِ ترپال يا پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ٽڪي ڏني وڃي.

XS
SM
MD
LG