تازو ڀارت سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ يوگا جو اٺون عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن موقعي تي يوگا جون تقريبات منعقد ٿيون، جن ۾ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
نئين دهليءَ مان پنهنجي رپورٽ ۾ وائس آف امريڪا جي نمائندي، سهيل انجم ٻڌايو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪرناٽڪ رياست جي شهر ميسور ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ شريڪ ٿيو ۽ يوگا آسڻ ڪيا. ان تقريب ۾ 15000ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ وزير اعظم سان گڏ يوگا ۾ حصو ورتو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي، موديءَ چيو ته يوگا سان اسان کي امن ۽ سڪون ملي ٿو. ان سان نه صرف انفرادي طور بلڪه معاشري ۾۽ سڄيءَ دنيا ۾ شانتي ايندي آهي.
موديءَ چيو ته يوگا اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪندو آهي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو باعث بڻبو آهي. ان سان عالمي سطح تي دماغي ۽ جسماني صحت جي بحاليءَ ۾ مدد ملندي آهي.
نريندر موديءَ 14 سيپٽمبر 2014 ۾ اقوام متحده ۾ تقرير ڪندي يوگا جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن کي منظور ڪرڻ کان پوءِ 21 جون تي يوگا جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. يوگا جو پهريون عالمي ڏينهن 21 جون 2015 ۾ ملهايو ويو هو.
يوگا آهي ڇا؟
ماهرين مطابق يوگا بنيادي طور تي هڪ انتهائي لطيف سائنس تي مبني روحاني مشق جو نظام آهي جو دماغ ۽ جسم وچ ۾شانتيءَ تي مبني ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. هيءُ صحتمند زندگي گزارڻ جي هڪ فن آهي.
لفظ يوگا سنسڪرت جي لفظ يوج کان نڪتو آهي جنهن جي معني آهي شامل ٿيڻ يا ڪٺو ٿيڻ.
ماهرين جو چوڻ آهي ته يوگا ڪڏهن شروع ٿيو ان باري ۾ ڪا آخري راءِ ڏيڻ ممڪن ڪونهي. روايتن موجب انساني تهذيب جي آغاز ۾ ئي ان کي ايجاد ڪيو ويو هو.
عالمي شهرت رکندڙ يوگا انسٽرڪٽر، بدر السلام چيو آهي ته ان جي تاريخ عظيم رشي مني مهارشي (هندو ڌرم جي مذهبي پيشوا) ياتانجلي جي وقت سان وڃي ٿي ملي.
وائس آف امريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته ان جو ريڪارڊ هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب مان به ملي ٿو.
ياتانجليءَ پنهنجي تصنيف ياتانجل لوڪ درشن ۾ يوگا جي جوڙجڪ ڪئي ۽ ضابطه درج ڪندي ان کي هڪ منظم فن جو درجو ڏنو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي گروئن ان کي اڳتي وڌايو، جنهن کان پوءِ وقت گزرڻ سان ان ۾ ڪافي نيون مشقون شامل ٿينديون ويون.
ڪن ماهرن جو هيءُ به چوڻ آهي ته ان جون تاريخي نشانيون ويدڪ عهد ۾ يعني 2700 قبل مسيح ملن ٿيون. ان جي باري ۾ هندو مذهب جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ جيئن ته ويد، اپنشد ۽ ايران مان معلومات حاصل ٿئي ٿي. ان کان پوءِ آشرمن ۾ يوگا جي مشق ٿيڻ لڳي ۽ ائين ان جو دائرو وڌندو ويو.