ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زلزلي تباهي مچائي آهي. زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جا ڍير بڻجي ويون آهن، جڏهن ته 3700 کان وڌين ماڻهن جي مري وڃڻ جا اطلاع آهن.
خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، ترڪيه جي ڏکڻ ۽ شام ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ سومر ڏينهن صبح جو زلزلي جا زوردار جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جا جهٽڪا هڪ منٽ تائين جاري رهيا جنهن جي نتيجي ۾ سرحد جي ٻنهين طرفن کان ڪيتريون ئي عمارتون ڪري ۽ ڊهي پيون. شديد زلزلي جي ڪري ماڻهو ڊڄي سخت سيءَ ۾ پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري بيٺا.
شهري انتظام هلائڻ وارن جو چوڻ آهي ته زلزلي کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ 6.6 شدت جا جهٽڪا به شامل آهن.
جيڪ سليوان ۽ اينٽني بلڪن جي تشويش جو اظهار ۽ هر ممڪن مدد جي يقين دهاني
آمريڪا جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار، جيڪ سليوان ترڪيه ۽ شام ۾ ايندڙ زوردار زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهيءَ تي پنهنجي دلي تشويش جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ جيڪ سليوان چيو آهي ته اسان گهربل مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته صدر جو بائيڊن ’يو ايس ايڊ’ ۽ آمريڪا جي ٻين وفاقي سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اڄوڪي تباه ڪن زلزلي جي ڪري شديد متاثر علائقن جي لاءِ درڪار آمريڪي امداد جي باري ۾ جائزي جي رپورٽ پيش ڪن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ترڪيه جي حڪومت سان رابطي ۾ رهي صورت حال متعلق قريبي جائزو وٺندا رهندا سين.
هوڏانهن، پرڏيهي ناتن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي ڪري هلاڪتن ۽ تباهيءَ تي پنهنجي ڏک ۽ صدمي جو اظهار ڪيو آهي.
بيان ۾ بلنڪن مري ويلن جي خاندانن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هر ممڪن امدادي ڪم ۾ مدد ڏني ويندي جنهن جي باري ۾ تفصيلي رپورٽ مرتب ڪئي وڃي.
پرڏيهي وزير چيو ته هن پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته ترڪ اتحادين سان ويجهو رابطو ڪري خطي جون انساني همدرديءَ تي مبني ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪي جي مستقل مندوب، لنڊا ٽامس گرين فيلڊ پنهنجي بيان ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ آيل هاڃيڪار زلزلي تي پنهنجي ڏک ۽ دلي همدردي ظاهر ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته آمريڪا گهربل مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.
عالمي ادارو متاثرين جي مدد جي لاءِ تيار
هوڏانهن گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، انٽوني گتيرس ترڪيه ۽ شام ۾ تباه ڪن زلزلي ۾ انساني زندگيءَ کي پهچڻ واري نقصان ۽ تباهيءَ تي پنهنجي صدمي جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته ابتدائي اطلاعن مطابق 1500 کان وڌيڪ هلاڪتون ٿيون آهن جڏهن ته ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ عمارتون تباه ٿيون آهن، جڏهن ته بچاءَ ۽ امداد جون فوري ڪاروائيون جاري آهن. هن مري ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي تيزي سان صحت يابيءَ جي دعا ڪئي آهي.
گتيرس چيو ته ادارو پنهنجي پاران امداد جون ڪوششون ڪندو جڏهن ته ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جو ادارو بين الاقوامي برادريءَ جي مدد جو منتظر رهندو، ته جينئن هن ضرورت جي وقت متاثرين کي گهربل مدد فراهم ڪري سگهجي.
ترڪيه ۾ 912 ڄڻا هلاڪ
ترڪيه جي صدر رجب طيب ايردوان چيو آهي ته زلزلي ۾ 912 ماڻهو هلاڪ ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، ليڪن هو اهو نه ٿو ٻڌائي سگهي ته زلزلي جي ڪري مجموعي طرح سان ڪيتريون فوتگيون ٿيون آهن.
هنگامي امداد جي اداري، ’اي ايف اي ڊي’ جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي رجب طيب ايردوان چيو آهي ته زلزلي جي ڪري 800 عمارتون تباه ٿيون آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 9000 امدادي ڪارڪن ريسڪيو آپريشن ۾ جمبيل آهن.
هن چيو ته امدادي ڪارڪن هاڻي تائين 5300 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪري چڪا آهن، جڏهن ته مٽيءَ جي ڍير مان اڍائي هزارن کان وڌيڪ ڦاٿل ماڻهن جي بچاءَ جو ڪم ڪيو ويو آهي.
شام ۾ 371 فوتگيون
اعلان مطابق، شام ۾ لڳ ڀڳ 371 ماڻهو مرڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
رپورٽن جي مطابق 500 زخمين کي طبي امداد ڏني وئي آهي، پر اهي انگ اکر آخري ناهن ڇو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول هيٺ امدادي سرگرمين ۾ لڳل آهن.
شام جي سرڪاري نيوز ايجنسي ’سنا’ مطابق، صحت جي نائب وزير، احمد ضميريه چيو آهي ته شام ۾ زلزلي جي ڪري 371 ماڻهو مري ويا آهن جڏهن ته 1089 زخمي ٿيا آهن.
امدادي اداري، ’وائيٽ هيلميٽس’ جي مطابق، سوين ماڻهو اڃان تائين عمارتن جي ڍير ۾ دٻيل هئڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
خبرن جي اداري رائيٽرز مطابق، ’جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنس’ ٻڌايو آهي ته زلزلي جو مرڪز ترڪيه جو سرحدي شهر ڪهرمان مرعش هيو جڏهن ته ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر دور رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ جي مطابق، زلزلي جا جهٽڪا هڪ منٽ تائين محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ عمارتون لرزي ويون جڏهن ته ڪيتريون عمارتون ڪري پيون. زلزلي جا جهٽڪا شام ۽ ترڪيه سميت لبنان، قبرص، يونان ۽ آرمينيا ۾ به محسوس ڪيا ويا.
ترڪيه جي ريڊ ڪراس جي مطابق کين وڏي پيماني تي عمارتن جي ڊهي پوڻ جا اعلاع مليا آهن.
مڪاني ٽيلي ويزن چينل، ’ٽي آر ٽي’ متاثر هنڌن جون فوٽيجز جاري ڪيون آهن جن ۾ ماڻهن کي متاثر هنڌن تي ڪٺو ٿي ڍير منجهان ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا.