رسائی کے لنکس

پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊون 9 اپريل تي ڪرايون وڃن، صدرعلوي


صدر عارف علوي (فائيل فوٽو)
صدر عارف علوي (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.

صدر عارف علويءَ مطابق صوبن ۾ اسيمبليون ٽٽڻ کان پوءِ آئين ۽ قانون چونڊن جي لاءِ 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نه ٿو ڏئي.

سندس بقول، ’’صدر جي حيثيت سان مان آئين جي خلاف ورزيءَ کان بچڻ جي لاءِ انتخابات جي تاريخ جو اعلان ڪري پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو’’.

اعلان ۾ اليڪشن ڪميشن کي به چيو ويو آهي ته اها ٻنهين صوبن ۾ عام چونڊن جو پروگرام جاري ڪري. سرڪاري اعلان مطابق صدر عارف علويءَ آئين جي تحت آئين جي تحفظ ۽ بچاءَ جو قسم کينون هو.

صدر علويءَ چيو ته ڪنهن به عدالت جي پاران ٻنهين صوبن ۾ چونڊن جي حوالي سان ڪو ممانعت جو حڪم موجود ڪونهي، ان ڪري انتخابي قانون جي شق 57 ون جي هيٺ اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانهي.

سرڪاري اعلان ۾ هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جا گورنر صوبائي اسيمبلين کي ٽٽڻ کان پوءِ 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن جي تاريخ جي اعلان جي آئيني ذمي داري ادا نه ٿا ڪن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به انتخابات ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذمي داري پوري نه ڪري رهي آهي. ٻئي آئيني ادارا ’پهرين توهان، پهرين توهان’ وانگر بال هڪ ٻئي ڏانهن اڇلي رهيا آهن. ان طرز عمل جي ڪري دير ٿي رهي آهي ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزي جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.

صدر علويءَ چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جي نالي پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪي آهي. انهن خطن ۾ 90 ڏينهن اندر انتخابات ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذمي داري ظاهر ٿئي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان صلاح مشوري جو سنجيده عمل شروع ڪيو ويو. ليڪن اليڪشن ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي آهي.

سندس بقول، ان جي ڪري حاصل اختيارات کي ڪتب آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ نائين اپريل جو اعلان ڪري رهيو آهي.

ٻئي پاسي، اليڪشن ڪميشن اڱاري ڏينهن هنگامي اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ صورت حال جو جائزو ورتو ويندو.

مڪاني ميڊيا مطابق اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته ڪميشن کي صدر جي پاران خط موصول نه ٿيو آهي. خط ملڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن قانون جي مطابق فيصلو ڪندي.

خيال رهي ته گزريل مهيني جي وچ ڌاران تحريڪ انصاف پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ پنهنجون حڪومتون ختم ڪيون هيون ۽ اسيمبليون ٽوڙيون هيون.

اسيمبلين جي ٽٽڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي گورنرن کي خط لکيا هيا جن ۾ چيو ويو هو ته اسيمبلين جي ٽٽڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن ۾ انتخابات ڪرائڻ جو پابند آهي، آرٽيڪل 105 هيٺ انتخابات جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گورنر جو آئيني اختيار آهي.

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ انتخابات جي معاملي تي تاريخون به تجويز ڪيون ويون هيون. ڪميشن مطابق آئين هيٺ پنجاب ۾ 13 اپريل ۽ خيبرپختونخوا ۾ 15 کان 17 اپريل جي وچ ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون.

XS
SM
MD
LG