رسائی کے لنکس

جيل ڀريو تحريڪ: شاه محمود قريشي، اسد عمر سيمت ٻين اڳواڻن گرفتاري ڏني


لاهور
لاهور

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي ’جيل ڀريو تحريڪ’ جو آغاز ٿي ويو آهي، جنهن دوران وائيس چيئرمين شاه محمود قريشي ۽ اسد عمر سيمت پي ٽي آئي جي ٻين اڳواڻن گرفتاري ڏني آهي.

اربع تي جن ٻين اڳواڻن گرفتاري ڏني انهن ۾ سينيٽر اعظم سواتي، سينيٽر وليد اقبال سميت ٻيا رهنما به شامل آهن.

ابلاغ جي مڪاني ذريعن جي رپورٽن مطابق، پوليس جو موقف آهي ته پي ٽي آئي جي اڳواڻن جي گرفتاريءَ جا ڪي به آرڊر نه مليا آهن، بلڪه اهي پاڻ ئي قيدين جي وين ۾ اچي ويٺا آهن.

اعلان مطابق پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چيو آهي ته اهي پرامن طور تي منتشر ٿي وڃن.

بعد ۾ پوليس اهل ڪار لائوڊ اسپيڪر تي هيءُ اعلان ڪندي به نظر آيا ته جيڪي پي ٽي آئي جا ڪارڪن جيل وڃڻ گهرن ٿا اهي خالي بيٺل قيدين جي وين ۾ وڃي وهن.

پي ٽي آئي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن
پي ٽي آئي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن

ان کان اڳ پي ٽي آئي جي نائب چيئرمين شاه محمود قريشيءَ جي قيادت ۾ لاهور ۾ ريلي نڪتي جنهن ۾ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن سميت ڪارڪنن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيو.

پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي جيل ڀريو تحريڪ ۾ پاڻ کي پيش ڪري هن عظيم مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهن.

پارٽيءَ اعلان ڪيو هيو ته جيل ڀريو تحريڪ جو آغاز لاهور مان ٿيندو ۽ پهرئين مرحلي ۾ شاه محمود قريشيءَ سميت پنج مرڪزي اڳواڻ ۽ 200 ڪارڪن رضاڪارانه طور تي پنهنجي گرفتاري پيش ڪندا.

مڪاني ميڊيا مطابق، لاهور جي جيلن ۾ گنجائش نه هئڻ جي ڪري گرفتار ماڻهن کي ميانوالي، ڊيرا غازي خان سميت صوبي جي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽن مطابق، عهديدارن کي احڪامات جاري ڪيا ويا آهن تي گرفتاري ڏيڻ وارن جو رڪارڊ به چيڪ ڪيو وڃي، اگر ڪو شخص ڪنهن مقدمي يا بدعنوانيءَ ۾ ملوث آهي ته ان جي خلاف گرفتاريءَ کان ستت ئي پوءِ ڪاروائي شروع ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي شاه محمود قريشيءَ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته اربع تي هن سان گڏ ٻيا اڳواڻ به گرفتاري ڏيندا.

هن چيو ته صدر عارف علويءَ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ نائين اپريل تي اليڪشن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪڏهن سندس ان اعلان تي عمل درآمد ٿي ٿو وڃي ته پي ٽي آئي کي جيل ڀريو تحريڪ جي ضرورت پيش نه ايندي.

پي ٽي آئي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ٽي هفتا اڳ جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو هو ته موجوده حڪومت چونڊن جي تاريخ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهي آهي ۽ نگران حڪومتون به جانبداريءَ جو مظاهرو ڪري رهيون آهن.

سندس بقول، حڪومت جون سياسي جماعتون پي ٽي آئي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري تحريڪ انصاف کي ڪمزور ڪرڻ کان پوءِ اليڪشن ۾ وڃڻ گهرن ٿيون، ليڪن پي ٽي آئي جا ڪارڪن پاڻ گرفتاريون ڏيڻ جي لاءِ ٻاهر نڪرندا.

ٽي ڏينهن اڳ، پي ٽي آئي جيل ڀريو تحريڪ جي شڊول جو اعلان ڪيو هو جنهن هيٺ پهرئين ڏينهن لاهور ۾ ڪارڪن گرفتاريون پيش ڪندا. ان کان پوءِ پشاور، راولپنڊي، ملتان. گوجرانواله، سرگوڌا، ساهيوال ۽ فيصل آباد ۾ الڳ الڳ ڏينهن تي گرفتاريون ڏنيون وينديون.

ڪن ماهرن جي مطابق، جيل ڀريو تحريڪ پارٽي چيئرمين عمران خان جي کيس ۾ موجود ’ترپ’ جو آخري پتو آهي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ جيل ڀريو تحريڪ جو ذڪر 1977 ۾ پاڪستان نيشنل الائينس (پي اين اي) جي طرفان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڪڏهن بينظير دور جي حڪومت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پاران ڪڏهن شوڪت عزير حڪومت ۾ متحده مجلس عمل جي طرفان.
اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف جي پاران امرجينسي نافذ ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ ٻين سياسي جماعتن انهيءَ قسم جي ئي تحريڪ هلائي هئي.

سڀني کان وڌيڪ ذڪر جي قابل ڪوششون 1981 ۾ ۽ 1986 ۾ جنرل ضيا جي خلاف سياسي جماعتن جي اتحاد جمهوريت جي بحالي ءَ جي لاءِ تحريڪ (ايم آر ڊي) پاران هلائي وئي هئي، جڏهن وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن گرفتاريون ڏنيون هيون. ليڪن مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ پوءِ صدر جي عهدي تي فائز ٿيندڙ ضياالحق ٻنهين ڀيري انهن کي سختيءَ سان ڪچليو هو.

XS
SM
MD
LG