رسائی کے لنکس

تحريڪ انصاف جو خميص ڏينهن گورنر هائوس آڏو ’پاور شو’ جو اعلان


پنجاب اسيمبلي
پنجاب اسيمبلي

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) خميص ڏينهن لاهور ۾ ’گورنر هائوس’ جي ٻاهران سياسي قوت جو مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ’پي ٽي آئي’ جي مطابق، پارٽيءَ جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزير اعظم عمران خان ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.

اربع ڏينهن زمان پارڪ کان ٻاهر صحافين سان گفتگو ڪندي تحريڪ انصاف جي رهنما، حماد اظهر چيو ته گورنر پنجاب کي، سندس بقول، ’’غير آئيني قدم کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي’’.

هن پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي خميص جي شام پنجين بجي گورنر هائوس جي ٻاهر ڪٺا ٿي گورنر جي ’’غير آئيني’’ قدمن جو رستو روڪين.

خيال رهي ته گورنر پنجاب وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي اربع ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو هو. ليڪن، ان حوالي سان اسپيڪر پنجاب اسيمبليءَ اجلاس ڪونه سڏايو هو.

داخلا جي وفاقي وزير، رانا ثنا الله چيو هو ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ اربع ڏينهن شام جو چئين وڳي تائين اعتماد جو ووٽ نه ورتو. ان ڪري، هاڻي هو پنجاب جو وڏو وزير نه رهيو آهي.

خانگي نيوز چينل، ’جيو نيوز’ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، رانا ثنا الله چيو ته پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان نئون ڊيڪليريشن جاري ڪندو جنهن کان پوءِ چوڌري پرويز الاهي پنهنجي منصب تي فائز نه رهي سگهندو.

رانا ثناالله چيو ته پنجاب جو گورنر وزير اعظم کي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي درخواست به ڪري سگهي ٿو.

وزير داخلا جي ان بيان تي رد عمل ڏيندي، تحريڪ انصاف جي رهنما فرخ حبيب ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ نمبر پورا نه ٿيڻ تي رانا ثنا الله غير آئيني قدم کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

سندس راءِ ۾ تحريڪ انصاف ڪنهن غير آئيني اقدام کي تسليم ڪندي ته ان سان ملڪ ۾ عدم استحڪام وڌي ويندو.

خيال رهي ته پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير پرويز الاهيءَ کي اربع جي ڏينهن چئين وڳي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو هو. ان سلسلي ۾ هن خصوصي طور تي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائڻ جي هدايت به ڪئي هئي جنهن کي پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر سبطين خان غير آئيني ۽ آئين جي شقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي رد ڪيو.

مبصرن جو خيال آهي ته پنجاب جي سياست ۾ موجوده بحران هڪ دفعو ٻيهر عدالت ڏانهن ويندي ڏسڻ ۾اچي رهيو آهي.

پنجاب اسيمبليءَ ۾ تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب بنائڻ لاءِ مخالف ڌر جي لاءِ ضروري آهي ته اهي ايوان ۾ 186 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪن. اهڙيءَ طرح اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ به وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي ايوان ۾ 186اراڪين جي حمايت گهربل آهي.

موجوده صورت حال جي باعث پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ ان جي اتحادي پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ طرف جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف ٻئي پاسي بيٺيون آهن. اهڙيءَ طرح اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ به وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي ايوان ۾ 186 ميمبرن جي حمايت کپندي.

سموريون ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم آهن جنهن جي ڪري صوبي ۾ نئيون آئيني بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.

(ضيا الرحمان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG