رسائی کے لنکس

روس جوهري هٿيارن جي معاهدي مان ٻاهر نڪري ويندو، پوٽن


روسي صدر ولاديمير پوٽن اڱاري ڏينهن قوم کي ساليانو خطاب ڪندي. 21 فيبروري 2023.
روسي صدر ولاديمير پوٽن اڱاري ڏينهن قوم کي ساليانو خطاب ڪندي. 21 فيبروري 2023.

روسي صدر ولاديمير پوٽن اڱاري ڏينهن چيو آهي ته هو ’نيو اسٽارٽ ٽريٽي’ ۾ شموليت کي معطل ڪري رهيو آهي، جيڪو آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ جوهري هٿيارن تي ڪنٽرول متعلق موجود آخري معاهدو آهي.

ان معاهدي تي 2010 ۾ صحي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ٻنهين منجهان هر هڪ ملڪ لاءِ وڌ ۾ وڌ 1550 جوهري هٿيار نصب ڪرڻ جي حد مقرر ڪئي وئي هئي. هي معاهدو 2026 ۾ ختم ٿيڻو هو.

روسي ’ڊوما’ يا پارليمان ۾ ’اسٽيٽ آف دي نيشن’ خطاب ڪندي، پوٽن چيو ته هن وقت هو ان معاهدي مان مڪمل طور تي نه نڪري رهيو آهي.

هن اهو به چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ائين ڪيو ته روس جوهري هٿيارن جي تجربي کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن روس جي ان اعلان کي’’انتهائي بدقسمت ۽ غير ذمي دارانه’’ قرار ڏنو.

بنلڪن اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته ’’اسان احتياط سان نظر رکنداسين ته درحقيقت روس ڇا ٿو ڪري. يقيني طور تي اسان هر صورت ۾ اهو يقيني بڻائينداسين ته اسان پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن اتحادين جي سلامتيءَ جي لاءِ مناسب قدم کڻون’’.

هن اهو به چيو ته حڪمت عمليءَ جي حامل هٿيارن کي محدود ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به وقت روس سان مذاڪرات جي لاءِ تيار آهيون، ان جي باوجود جو آمريڪا جي قيادت هيٺ مغربي اتحاد ۾ شامل ملڪ يوڪرين کي هٿيار فراهم ڪري رهيا آهن ته جيئن اهو روس جي جارحيت جو مقابلو ڪري سگهي، جنهن هڪ سال اڳ يوڪرين تي حملو ڪيو هو.

بلنڪن چيو ته اها ڳالهه ٻنهين ملڪن جي سلامتيءَ جي مفاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي جوهري هٿيارن جي ذخيري تي ڪنٽرول ڪن.

بلنڪن وڌيڪ چيو ته ’’اها ڳالهه اهميت جي حامل آهي ته ان ميدان ۾ اسان ذمي داريءَ سان عمل جاري رکون ۽ باقي دنيا اسان کان ان ڳالهه جي توقع رکي ٿي’’.

نيٽو جي سيڪريٽري جنرل زان اسٽولٽن برگ پوٽن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي فيصلي تي ٻيهر غور ڪري. سندس بقول، ’’وڌيڪ جوهري هٿيار ۽ هٿيارن تي ڪنٽرول ۾ ڪمي دنيا کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيندي’’.

برسلز ۾ اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي، اسٽولٽن برگ چيو ته ’’پوين ڪجهه سالن دوران، روس هٿيارن تي ڪنٽرول جي اهم سمجهوتن جي خلاف ورزي ڪئي آهي يا انهن کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي’’. هن چيو ته ’’نيو اسٽارٽ متعلق اڄوڪي فيصلي کان پوءِ هٿيارن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي سموري عمارت ڊهي پئي آهي’’.

هوڏانهن گڏيل قومن جي اداري جي سربراه، انٽونيو گتريس آمريڪا ۽ روسي فيڊريشن تي زور ڏنو آهي ته ’نيو اسٽارٽ ٽريٽي’ تي بنان ڪنهن دير جي مڪمل طور تي عمل درآمد ڪيو وڃي.

پوٽن جي تقرير تي پنهنجو رد عمل ڏيندي، هن چيو ته ٻنهين ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ جوهري هٿيارن ۾ ڪمي آڻڻ متعلق نيو اسٽارٽ ۽ ٻين ٻه طرفي معاهدن نه صرف روس ۽ آمريڪا بلڪه سموري بين الاقوامي برادريءَ کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي.

سيڪريٽري جنرل جي ترجمان ٻڌايو ته گتريس چيو آهي ته جوهري هٿيارن تي ڪنٽرول کان سواءِ دنيا وڌيڪ خطرناڪ ۽ غير مستحڪم ٿي ويندي جنهن جا تباه ڪن نتيجا نڪرندا.

گتريس چيو ته هن روش کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ هن سلسلي ۾ فوري طور تي ڳالهه ٻولهه جي راه اختيار ڪرڻ شامل آهي.

(رپورٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس، ايجنسي فرانس پريس ۽ رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG