رسائی کے لنکس

قطر چين کي 27 سالن تائين ’ايل اين جي’ فراهم ڪندو، معاهدي تي دستخط


’قطرانرجي’ جو سربراه ۽ قطر جي توانائيءَ جو وزير سعد الڪعبي چين جي ’سائنو پيڪ’ اداري سان معاهدو ڪرڻ کان پوءِ. هيءَ تقريب دوحا ۾ منعقد ٿي.21 نومبر 2022.
’قطرانرجي’ جو سربراه ۽ قطر جي توانائيءَ جو وزير سعد الڪعبي چين جي ’سائنو پيڪ’ اداري سان معاهدو ڪرڻ کان پوءِ. هيءَ تقريب دوحا ۾ منعقد ٿي.21 نومبر 2022.

’قطر انرجي’ چين سان 27 سالن تائين مائع قدرتي گيس (ايل اين جي) فراهم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيون ڪيون آهن. ڊگهي عرصي جو هي معاهدو اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن مارڪيٽ جي صورت حال غير مستحڪم آهي ۽ ترجيح ڊگهي مدت وارن سمجهوتن کي ملي رهي آهي.

فيبروريءَ ۾ جڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ايل اين جيءَ جي گهرج ۽ مقابلو تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ان ڏس ۾ خاص طور تي يورپ کي توانائيءَ جي متبادل ذريعن جي ضرورت آهي ته جيئن پائيپ لائين واري روسي گيس کان سواءِ گزارو ڪري سگهي. يورپ جا ملڪ پنهنجي ضرورتن جو 40 في صد روسي گيس جي درآمد تي انحصار ڪندا هيا.

قطر انرجيءَ جي سربراه، سعد الڪعبي دوحا ۾ ان معاهدي تي صحي ڪرڻ کان پوءِ رائيٽرز کي ٻڌايو ته اڄوڪو ڏينهن تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو جڏهن ’نارٿ فيلڊ ايسٽ پراجيڪٽ’ جي لاءِ ’سيلز اينڊ پرچيز ايگريمينٽ’ (ايس پي اي) تي دستخط ڪيا ويا.

هن معاهدي هيٺ ’قطرانرجي’ 27 سالن تائين چين جي ’سائنو پيڪ’ اداري کي چار ملين ٽن ايل اين جي فراهم ڪندو.

هن چيو ته هي طويل مدتي معاهدو وڪرو ڪندڙ ۽ خريدار ٻنهين جي لاءِ اهميت جو باعث آهي. درحقيقت هي مائع قدرتي گيس جي شعبي جو تاريخ جو طويل ترين معاهدو آهي.

نارٿ فيلڊ دنيا ۾ گيس جي وڏي ۾ وڏي فيلڊ آهي جيڪا قطر کان ايران تائين ڦهليل آهي، ايران پنهنجي پاسي کي ’سائوٿ پارس فيلڊ’ سڏيندو آهي.

(هن رپورٽ جو مواد خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG