رسائی کے لنکس

بارکان واقعو: هڪ گروه جو ڌرڻو ختم، ٻئي جو احتجاج جاري رکڻ جو اعلان


ڪوئٽا ۾ ڌرڻو
ڪوئٽا ۾ ڌرڻو

سيڪيورٽي فورسز مري قبيلي جي ڳولهي لڌل خاتون، گران ناز ۽ سندس ٻارن کي ڪوئٽا ۾ پيءُ سان ملاقات ڪرائي آهي، جنهن کان پوءِ مري قبيلي جي هڪ ڌڙي ڌرڻو ختم، جڏهن ته ٻئي گروپ احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڌرڻو جاري رکڻ واري گروپ جو چوڻ آهي ته جيسيتائين بازياب ڪرايل عورت کي ڌرڻي جي هنڌ تائين نه ٿو پهچايو وڃي ان وقت تائين ڌرڻو ختم نه ٿيندو.

مري اتحاد جي سربراه جهانگير مري چيو آهي ته بازياب عورت ۽ ٻارن کي اڄ ميجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪو ويندو.

هن چيو ته آئي جي پوليس اسان جي مطالبي جي مطابق ايف آئي آر ۾ قلم درج ڪيا آهن جنهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ليڪن جهانگير مريءَ جي هن اعلان جي دوران ڌرڻي ۾ شامل نوجوانن نعري بازي ڪئي. سندن مطالبو هيو ته حراست ۾ ورتل عورت ۽ ٻارن کي ڌرڻي جي جاءِ تائين پهچايو وڃي.

سندن مطالبو هو ته بارکان ۾ مارجي ويل نينگريءَ جو ڊي اين اي ڪرائي سندس سڃاڻپ ڪرائي وڃي. مڇريل انبوه ايمبولينس جون چاٻيون ٻه پنهنجي قبضي ۾ ورتيون آهن جن ۾ نينگري ۽ ٻن ٻارن جا لاش رکيل آهن.

مري قبيلي جي ماڻهو گزريل چئن ڏينهن کان وزير اعليٰ هائوس جي ٻاهران ٽي لاش رکي ويٺا آهن. ان لاشن ۾ ٻه گران ناز جي ٻارن جا آهن. ليڪن ٽيون لاش هڪ نوجوان نينگريءَ جي آهي جنهن جي اڃان تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

اهي ٽئي لاش سومر ڏينهن بلوچستان جي شهر، بارکان جي ويجهو هڪ کوهه منجهان مليا هيا ۽ اهو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مرڻ وارن ۾ خان محمد مريءَ جي گهر واري، گران ناز به شامل آهي.

ليڪن سيڪيورٽي فورسز اربع ۽ خميص جي اڌ رات بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائي ڪندي گران ناز ۽ ان جي پنجن ٻارن کي ڳولهي لڌو آهي. بعد ۾ گران ناز جي مڙس خان محمد مري به اوچتو ڪوئٽا ۾ ان ڌرڻي ۾ پهچي ويو جتي ٽي لاش رکي احتجاج ڪيو پئي ويو.

خان محمد مري لاشن منجهان ٻن جي سڃاڻپ ڪندي ٻڌايو آهي ته اهي سندس ٻار آهن.

ڪوئٽا ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي مرتضيٰ زهريءَ جي مطابق، آل پاڪستان مري اتحاد جي چيئرمين مهردين مريءَ ٻڌايو آهي ته اغوا ٿيل عورت ۽ ٻارن جي پيءُ سان ملاقات ٿي وئي آهي، جنهن جي لاءِ هو انسپيڪٽر جنرل بلوچستان پوليس جو شڪرگزار آهي.

جڱن مڙسن جو چوڻ آهي ته انهن جا مطالبا پورا ڪيا ويا آهن ان ڪري لاشن کي دفن ڪيو وڃي ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ متعلق صلاح مشوري کان پوءِ ڪو اعلان ڪيو ويندو.

ٻئي طرف کوهه مان ملندڙ ٽن لاشن جو مقدمو نامعلوم ماڻهن جي خلاف درج ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان معاملي ۾ نالو نه اچڻ کان پوءِ مواصلات جي صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران پوليس کي گرفتاري پيش ڪئي هئي.

عبدالرحمان کيتران کوهه مان ملڻ وارن لاشن کان لاعلمي جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڪجهه ماڻهو مري ۽ سندس قبيلي جي پاڻ ۾ ويڙهاند جي خواهش رکن ٿا ۽ ماضيءَ ۾ به اهڙي ڪوشش ٿيندي رهي آهي.

XS
SM
MD
LG