رسائی کے لنکس

ڀارت سان ’بيڪ چينل’ سفارت ڪاري نه ٿي رهي آهي، حنا رباني کر


پرڏيهي وزارت جي مملڪتي وزير، حنا رباني کر (فائيل فوٽو)
پرڏيهي وزارت جي مملڪتي وزير، حنا رباني کر (فائيل فوٽو)

پرڏيهي ناتن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪا ’بيڪ چينل’ سفارت ڪاري ڪانه پئي ٿئي.

خميص ڏينهن سينيٽ اجلاس جي دوران جڏهن حنا رباني کر کان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پردي پٺيان رابطن متعلق سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ’’هن وقت اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي’’.

هن ايوان کي ٻڌايو ته هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت جا سفارتي تعلقات محدود آهن ۽ عوامي رابطا به هيٺيئن سطح تي آهن.

مملڪتي وزير چيو ته اها ڳالهه اهڙي وقت چئي وئي آهي جڏهن گزريل هفتي پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي دوري دوران هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته امارات ڀارت ۽ پاڪستان کي مذاڪرات جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي.

شهباز شريف جي انٽرويو کان پوءِ وزير اعظم جي آفيس وضاحت جاري ڪندي چيو ته ڀارت جي زير انتظام ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جي پنجين آگسٽ 2019 جي قدم کي واپس وٺڻ بنان نئين دهليءَ سان ڳالهه ٻولهه ممڪن ڪانهي.

ليڪن وزير اعظم شهباز شريف جي بيان کان پوءِ پاڪستان جي ڪن حلقن ۾ اهو تاثر ويٺو ته شايد پاڪستان پنهنجي دوست ملڪ ذريعي اسلام آباد ۽ نئين دهليءَ جي وچ ۾ پردي پٺيان رابطن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

خميص ڏينهن سينيٽ ۾ وقفه سوالات جي دوران حنا رباني کر چيو ته پاڪستان هن ڳالهه جو خواهش مند آهي ته ان جون اوڀر ۽ اولهه جون سرحدون پرامن رهن.

هن چيو ته اسان امن جي سفر تي هلي رهيا آهيون جنهن جو هڪ تاريخي مثال ڪرتار پور راهداريءَ جو کلڻ آهي.

ٻئي پاسي، دفتر خارجه جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ خميص ڏينهن هفته وار بريفنگ جي دوران ڏسيو ته ڀارت هلندڙ سال مئي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي وزير کي دعوت ڏني آهي.

ترجمان چيو ته اسلام آباد ڀارت جي درخواست تي غور ڪري رهيو آهي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جو فيصلو مناسب وقت تي ڪيو ويندو.

اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاران فيبروري 2019 ۾آمريڪا جي طرفان پاڪستان ڀارت جي ممڪنه جوهري تصادم کي روڪڻ جي دعوا متعلق وائس آف آمريڪا جي سوال تي پاڪستان جي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان چيو ته اهو هڪ فرد جو بيان آهي.

خيال رهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جي اعلي سفارت ڪار ۽ خفيه اداري، سي آئي اي جي اڳوڻي سربراه مائيڪ پومپيو تازو پنهنجي يادداشتن تي ٻڌل ڪتاب ’نيور گيو اين انچ’ ۾ لکيو آهي ته مان نه ٿو سمجهان ته دنيا اهو درست طور تي ڄاڻي ٿي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي مخالفت فيبروري 2019 ۾ ڪهڙي نموني جوهري تصادم ۾ تبديل ٿيڻ واري هئي. ليڪن پومپيو جي بقول، آمريڪا جي وچ ۾ پوڻ جي ڪري هن ڇڪتاڻ ۾ ڪمي آئي.

ترجمان خميص ڏينهن معمول جي بريفنگ جي دوران فيبروري 2019 جي واقعن تي تبصرو ڪندي چيو ته ساري دنيا ڄاڻي ٿي ته ان وقت جارحيت ڪهڙيءَ ڌر ڪئي. پاڪستان هن وقت پاڪستان جي پاران تحمل، ذمي داريءَ جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جي لاءِ کنئيل اقدامات کان آگاه آهي.

(محمد جليل اختر جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG