مرڪز جي اتحادي حڪومت ۾ شامل پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي ميمبر رضا ربانيءَ عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) سان پاڪستان جي معاھدي ۽ دوست ملڪن کان امداد وٺڻ جي معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
اڱاري ڏينهن جاري ھڪ بيان ۾ رضا ربانيءَ چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ پاڪستان کي پنهنجي قومي ۽ اسٽريٽجڪ (فوجي حڪمتِ عملي واري) مفادن خلاف ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
رضا ربانيءَ چيو ته آئي ايم ايف پاران پاڪستان سان معاهدي ۾ دير ٿيڻ ۽ پاڪستان جي ٻين دوست ملڪن جي امداد بابت بي دلي ۽ ٻڏتر جھڙن معاملن تي پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو وڃي ۽ ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.
سينيٽر رضا ربانيءَ جو چوڻ آهي ته عوام کي اهو ڄاڻڻ جو حق آهي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا دٻاءَ ھيٺ آهن يا چين سان پاڪستان جي لاڳاپن کي ڪو خطرو آهي.
ھن چيو ته عوام اهو ڄاڻڻ جو پڻ حق رکن ٿا ته ڇا پاڪستان کي خطي ۾ ڪو اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي جنهن سان سامراجي طاقتون هتي پنهنجي فوجي موجودگيءَ کي ممڪن بڻائي سگهن ٿيون.
هن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم پاران پاليسي بيان ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان کي آئي ايم ايف کان پنھنجو قرض وارو پروگرام بحال ڪرائڻ ۾ ڪجھ ڏکيايون درپيش آهن ۽ ان صورتحال ۾ حڪومت مالي سهڪار لاءِ دوست ملڪن ڏانهن واجهائي رهي آهي.
خبرن موجب آئي ايم ايف اسلام آباد کي مالي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ پنھنجي دوست ملڪن کان پڪ حاصل ڪرڻ جو چيو آھي.
وزيراعظم شهباز شريف دوست ملڪن کان اقتصادي امداد وٺڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ سعودي عرب، متحده عرب امارات (يو اي اي) ۽ قطر جا دورا ڪيا آھن.
هڪ طرف حڪومت کي معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ جو چئلينج آڏو آهي ته ٻئي پاسي حڪومت جو حصو بڻيل پيپلز پارٽي پاران اهڙا بيان سامھون پيا اچن جن مان لڳي ٿو ته هو اتحادي حڪومت مان مطمئن ناهي.
پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري گذريل ھفتي ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ھو ته جيڪڏهن وفاق سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو ته سندس پارٽي جو حڪومت ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو.
سينيٽر رضا ربانيءَ حڪومت کان شڪايت ڪئي آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين ۽ دهشتگردي ۾ واڌ جي مسئلي تي حڪومت پارليمان کي ڪا به بريفنگ ناهي ڏني.
هن اتحادي حڪومت کي تحريڪ انصاف جي حڪومت وانگر قرار ڏيندي چيو ته ائين ٿو لڳي ته هي حڪومت به پارليمان ۽ آئين کان آزاد ٿيڻ ٿي چاهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وٽ اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو رستو ناهي، جيتوڻيڪ مهانگائي ۽ ٻن صوبن ۾ اليڪشن جي امڪان سبب پيپلز پارٽي حڪومت کان پاسيرو رھڻ گهري ٿي.