رسائی کے لنکس

باڪس آفيس رپورٽ؛ عيد الاضحي تي رليز ٿيڻ واريون پاڪستاني فملون ڪيترو ڪامياب ٿيون؟


پاڪستاني فلمون
پاڪستاني فلمون

عيد الاضحي پاڪستاني فلمن جي لاءِ سال جو سڀ کان ڪامياب وقت سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته ماضيءَ ۾ به پاڪستان جون سڀ کان ڪامياب فلمون انهيءَ موقعي تي ئي رليز ٿينديون رهيون آهن. هلندڙ سال به عيدالاضحي تي ٽي فلمون سنيما گهرن جي زينت بڻيون.

هن عيد تي فهد مصطفي ۽ ماهره خان جي فلم قائداعظم زنده باد سان گڏ همايون سعيد ۽ مهوش حيات جي فلم لندن نهين جائون گا رليز ٿيون. اڃان هڪ ٻي فلم لفنگي به رليز ٿي، ليڪن اها باڪس آفيس تي خاطر خواه ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي.

پاڪستان ۾ باڪس آفيس جي رپورٽ ڏيڻ واري مستند ويب سائيٽ، باڪس آفيس ڊجيٽل جي مطابق، لندن نهين جائون گي سڄي پاڪستان ۾ پهرين اٺن ڏينهن اندر 16.5 ڪروڙ روپين جو بزنيس ڪيو جيڪو ڪرونا وبا کان پوءِ ڪنهن به پاڪستاني فلم پاران عيد جي موقعي تي ٿيڻ وارو سڀ کان وڌيڪ بزنيس آهي.

انهيءَ ئي ويب سائيٽ مطابق، قاعد اعظم زنده باد اٺن ڏينهن اندر 10 ڪروڙ روپين جو بزنيس ڪري ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

باڪس آفيس تي اهي انگ انهيءَ ڪري به غير معمولي آهن ڇو ته هلندڙ سال عيد الاضحي جي موقعي تي پاڪستان ۾ مون سون جي مينهوڳيءَ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن جي ڪري زندگيءَ جو عام نظام گهڻو متاثر ٿيو ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ سنيما گهرن کي به بند ڪرڻو پيو.

جولائي جي آغاز تي دبئي ۽ هلندڙ مهيني ۾ آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ هڪ کان پوءِ ٻي يعني لندن نهين جائون گا ۽ قائداعظم زنده باد جا ڪامياب پريمئر ٿيا. ان کان اڳ ڪنهن به پاڪستاني فلم جو پريمئر يا ته ڪراچيءَ يا لاهور ۾ ٿيندو هيو، جنهن کان پوءِ فلم جي ڪاسٽ ٻين ملڪن ۾ وڃي ان جي تشهير ڪندي هئي، ليڪن دبئي کان فلم جو آغاز ڪرڻ سان ٻنهين فلمن کي فائدو پهتو.

ٻئي فلمون رليز صرف پاڪستان، متحده عرب امارات ۽ آمريڪا تائين محدود نه بلڪه سعودي عرب، انگلينڊ، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ سان گڏوگڏ خليجي ملڪن ۾ به رليز جي لاءِ پيش ڪيون ويون.

اي آر وائي فلمز مطابق، لندن نهين جائون گا جو پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر مجموعي بزنيس 26 ڪروڙ روپيا ٿيو آهي، جڏهن ته قائداعظم زنده باد ٺاهڻ وارن فلم والا پڪچرز مطابق، انهن جي فلم دنيا ڀر ۾ 20 ڪروڙ روپين کا وڌيڪ جو بزنيس ڪري چڪي آهي.

ڪهڙيون پاڪستاني فلمون دنيا ۾ 40 ڪروڙ روپئن کان وڌيڪ بزنيس ڪري چڪيون آهن؟

پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان ڪامياب فلم جو رڪارڊ اڄ به جواني فر نهين آني وٽ آهي، جنهن سنه 2018 ۾ مجموعي طور تي 70 ڪروڙ روپيا ڪمايا هيا. ٻئي نمبر تي سنه 2017 ۾ رليز ٿيندڙ فلم پنجاب نهين جائين گي جو رهيو آهي، جنهن دنيا ڀر ۾ تقريبا 52 ڪروڙ روپين جو بزنيس ڪيو.

ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي علي ظفر جي فلم طيفا ان ٽربل ۽ همايون سعيد جي جواني فر نهين آني ٽو وٽ آهي، جنهن دنيا ۾ 50، 50 ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ بزنيس ڪيوهو.

ڪامياب ترين پاڪستاني فلمن ۾ حمزه علي عباسي ۽ هانيه عامر جي فلم پرواز هي جنون پنجين، ايني ميٽيڊ فلم دي ڊونڪي ڪنگ ڇهين ۽ همايون سعيد ۽ ماهره خان جي بن روئي ستين نمبر تي رهي، جن 40 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بزنيس ڪيو.

(عمير علويءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG