رسائی کے لنکس

افغان منجمد اثاثه روڪڻ متعلق اخباري رپورٽ درست ناهي، نيڊ پرائس


پرڏيهي معاملن جي آمريڪي محڪمي جو ترجمان، نيڊ پرائس (فائيل فوٽو)
پرڏيهي معاملن جي آمريڪي محڪمي جو ترجمان، نيڊ پرائس (فائيل فوٽو)

آمريڪي اخبار، وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ ۾ دعوا ڪئي وئي آهي ته ڪابل ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ القاعده جي رهنما، ايمن الظواهريءَ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بائيڊن انتظاميا افغانستان جي ستن ارب ڊالرن کان وڌيڪ منجمد رقم جاري ڪرڻ جي معاملي کي روڪي ڇڏيو آهي. آمريڪا جي پرڏيهي معاملن جي محڪمي اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي. مونا ڪاظم شاه جي رپورٽ.

گزريل آگسٽ ۾ آمريڪي فوج جي واپسي ۽ طالبان جي ملڪ تي قبضي کان پوءِ آمريڪا افغان مرڪزي بينڪ جي ست ارب ڊالرن کان وڌيڪ ملڪيت منجمد ڪئي هئي.

هلندڙ سال جي شروع ۾ واشنگٽن جو منصوبو هو ته ست ارب ڊالرن جي منجمد اثاثن جو اڌ حصو انساني امداد جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جڏهن ته رقم جو باقي حصو سيپٽمبر 2001 جي حملن جي قانوني عدالتي عمل جي ڇنڊ ڇاڻ تي خرچ ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ آمريڪي عمل دارن وڌيڪ چيو آهي ته ساڍن ٽن ارب ڊالرن جي رقم جاري ڪرڻ جي عمل کي يقيني بڻايو ويندو جنهن سان افغانستان جي عوام کي فائدو رسي.

ستن ارب ڊالر جي منجمد اثاثن جو اڌ حصو 11 سيپٽمبر 2001 جي حملي جي قانوني ڇنڊ ڇاڻ جي لاءِ رکيو ويو هو. ان تي افغانستان جي مرڪزي بينڪ سخت تنقيد ڪندي چيو هو ته آمريڪا ۾ موجود هي اثاثه بين الاقوامي قانون جي لفاظ کان افغانستان جي عوام جا آهن.

افغان عوام جي وڪيلن جو به چوڻ آهي ته واشنگٽن طرفان انهن اثاثن کي استعمال ڪرڻ غير منصفانه ۽ غير قانوني ٿيندو.

وال اسٽريٽ جرنل جي هن خبر هڪ ڀيرو ٻيهر انهن اثاثن جي باري ۾ سوال اٿاريا آهن.

آمريڪا جي پرڏيهي معاملن جي محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائس اخباري بريفنگ ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ انهن خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته انهن جو مقصد ميڊيا تي تنقيد ڪرڻ ناهي. پر رزرو فنڊن ۾ ٽي اعشاريه پنج ارب ڊالر جي فراهمي جي حوالي سان انتهائي غلط رپورٽنگ ٿي آهي. اهو خيال ته اسان انهن فنڊن کي افغان عوام جي فائدي لاءِ استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بالڪل غلط آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت آمريڪا جو توجه انهن ڪوششن ڏانهن مرڪوز آهي ته افغان مرڪزي بينڪ جي ٽي اعشاريه پنج ارب ڊالرن جي ذخيري کي افغان عوام جي فائدي لاءِ درست طريقي سان ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ان ڏس ۾، افغانستان جي باري ۾ آمريڪا جي خصوصي نمائندي، ٽامس ويسٽ چيو آهي ته اسان کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته افغان مرڪزي بينڪ ويجهي عرصي دوران ٻيهر سرمايه ڪاريءَ جو آپشن استعمال ڪري سگهندي.

ويسٽ وڌيڪ چيو ته طالبان جي پاران القاعده جي رهنما ايمن الظواهري کي پناه ڏيڻ سان دهشت گردن کي رقمن جي منتقلي جي اسان جي انديشن جي اظهار کي تقويت ملي ٿي.

ٽامس ويسٽ جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي، نيڊ پرائس چيو ته اسان افغان معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن کان افغان ٽيڪنوڪريٽس کي مرڪزي بينڪ ۾ ڪٺو ڪري رهيا آهيون. سندس بقول، آمريڪا کي انهن اثاثن جي تحفظ ۽ نگرانيءَ جي انتظام تي ڀروسو ناهي.

اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ايمن الظواهريءَ جي افغان سرزمين تي موجودگي ۽ حقاني طالبان نيٽ ورڪ جي سينئر ميمبرن جو اتي هجڻ، اسان جي انهن خدشن کي تقويت ڏئي ٿو ته ممڪنه طور تي اهي فنڊ دهشت گرد گروهن کي منتقل ٿي سگهن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اهڙي طريقه ڪار تي غور ڪري رهيو آهي ته هن ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته اهي اثاثه افغانستان جي عوام تائين موثر طريقي سان پهچي سگهن.

ماهرن مطابق، گزريل مهيني القاعده جي رهنما ايمن الظواهريءَ جي ڪابل ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ هلاڪ ٿيڻ طالبان اندر شديد اختلافات کي بي نقاب ڪري ٿو ۽ ان افغانستان منجهان عالمي دهشت گرديءَ جي ٻيهر اڀرڻ جي خدشات کي جنم ڏنو آهي.

XS
SM
MD
LG