رسائی کے لنکس

ضيا محي الدين به وڇڙي ويو


ضيا محي الدين جون ياد داشتون
ضيا محي الدين جون ياد داشتون

پاڪستان جو نامور هدايت ڪار، اداڪار، صداڪار ۽ ٽيلي ويزن آرٽسٽ ضيا محي الدين سومر ڏينهن ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندن عمر 91 ورهه هئي.

ٿئيٽر، اداڪاري ۽ صداڪاريءَ جي ميدان ۾ هو هڪ الڳ سڃاڻپ رکندو هو.

ضيا محي الدين 20 جون 1931 ۾ فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو هو. هن ابتدائي زندگي قصور ۽ لاهور ۾ گزاري. هن 1949 ۾ گورنمنيٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي.

اردو ادب جي نامور ويب سائيٽ، ’ريخته’ مطابق، ضيا محي الدين جو والد خادم محي الدن تعليم جي شعبي سان لاڳاپل هو ۽ کيس پاڪستان جي پهرين فلم، تيري ياد جي مصنف ۽ مڪالمه نگار هئڻ جو اعزازحاصل هيو. ان کان علاوه سندس پيءُ ڊراما نگار ۽ نغمه نگار جي طور تي ان دور جي ڪن ٿئيٽر گروپس سان به وابسته رهيو.

ضيا محي الدين جو تعليمي ڪيريئر سندن والد جي ٿئيٽر سان لاڳاپيل هئڻ جي عڪاسي ڪري ٿو.

اعلي تعليم جي لاءِ ضيا محي الدين پهرين آسٽريليا ۽ پوءِ اداڪاريءَ جي تربيت جي لاءِ لنڊن ويو. هن 1953 کان 1956 تائين لنڊن جي رائل اڪيڊمي آف ڊراميٽڪ آرٽ مان اداڪاريءَ جي باقاعده تربيت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن لنڊن ۾ ئي ٿئيٽر جي اداڪاريءَ جو باقاعده آغاز ڪيو.

انهيءَ دور ۾ هن جوليس سيزر ۽ لانگ ڊيز جرني ان ٽونائيٽ جهڙن ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

فلم، ٽي وي ۽ اداڪارن جي متعلق انٽرنيشنل ڊيٽابيس جي مطابق، هن 1960 ۾ ’اي پيسيج ٽو انڊيا’ نالي جي ٿئيٽر ۾ ڊاڪٽر عزيز جي ڪرادار سان اداڪاريءَ جو باقاعده آغاز ڪيو.

اداري جي مطابق، ضيا محي الدين پاڪستان ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو هو. ان کان پوءِ 1962 ۾ فلم لارينس آف عريبيا ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جنهن کان پوءِ هن هالي ووڊ جي ٻين فلمن ۾ به ڪم ڪيو.

ضيا محي الدين 1960 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان آيو ۽ پي آئي اي آرٽس اينڊ ڊانس اڪيڊميءَ جو بنياد رکيو.

هو 1969 کان 1973 تائين پي ٽي وي تي انٽرويوز ۽ نامور شخصيات سان ڳالهه ٻولهه جي پروگرام ضيا محي الدين شو شروع ڪيو جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو.

سال 1977 ۾ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ضيا محي الدين برطانيه هليو ويوجتي رهڻ دوران هن ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪيو.

ٿيئٽر جي باقاعده تربيت جي ڪري ضيا محي الدين آواز جي هيٺ مٿاهينءَ ۽ لکت يا مڪالمي جي ضرورت آهر آواز کي ڍالڻ جي فن جو يڪتا ماهر هو.

اداڪاريءَ سان گڏ، هو اردو ۽ انگريزي ادب جو مڃيل آرٽسٽ هو.

هن پنهنجي سامعين کي ڪلاسيڪي ادب جي ڪيترن ئي شاه ڪار فن پارن سان به روشناس ڪرايو.

سال 2004 کان وٺي ضيا محي الدين ڪراچيءَ ۾ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ جو بنياد رکيو ۽ آخري وقت تائين ان اڪيڊميءَ جو سرواڻ رهيو.

ضيا محي الدين پنهنجي ياد داشتن تي منبي ٻه ڪتاب ’ڪيرٽ از ڪيرٽ’ ۽ ’دي گاڊ آف مائي آئيڊولٽري’ لکيا آهن.

سندس فن جي مڃتا ۾ حڪومت کيس 2003 ۾ ’ستاره امتياز’ ۽ 2012 ۾ ’هلال امتياز’ ڏنا هيا.

XS
SM
MD
LG