رسائی کے لنکس

زلزلي ۾ فوت ٿيڻ وارن جو انگ وڌي 19,000 ٿي ويو


ترڪيءَ جي قهرمان مرعش علائقي جي قبرستان جي آڏو بيٺل هڪ متاثره خاتون. 9 فيبروري 2023.
ترڪيءَ جي قهرمان مرعش علائقي جي قبرستان جي آڏو بيٺل هڪ متاثره خاتون. 9 فيبروري 2023.

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي ڪري فوتگين جو انگ وڌي 19000 ٿي ويو آهي، جڏهن ته بچاءَ جون ٽيمون هاڻي به ملبي جي ڍيرن منجهان زندگيءَ جا آثار ڳولهي رهيون آهن.

خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق ترڪيه جي ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايجنسي خميص ڏينهن چيو آهي ته هاڻي تائين 12873 ڄڻا مري ويا آهن جڏهن ته 60 هزارن کان مٿي زخمي ٿيا آهن. شام ۾ 3162 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته لڳ ڀڳ پنج هزار زخمي ٿيا آهن.

ترڪيه جي مڪاني نيوز ايجنسي، آئي ايڇ اي رپورٽ ڪيو آهي ته زلزلي جي ڪري متاثر انتاڪيا ۾ بچاءَ جي اهل ڪارن عمارتن جي ڍڳ مان ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ نينگري ۽ سندس پيءُ کي زنده ٻاهر ڪڍيو آهي. اهڙيءَ ريت ڊي ايڇ اي نيوز ايجنسيءَ رپورٽ ڏني آهي ته ديابڪر ۾ ريسڪيو رضاڪارن خميص ڏينهن صبح جو هڪ عورت کي زنده بچائي ورتو.

ترڪيه جي ڏکڻ وارن صوبن ۾ سخت سيءَ ۾ زلزلي جا متاثرين عارضي پناه گاهن ۾ ترسيل آهن. ڪيترا ئي ماڻهو اها شڪايت ڪري رهيا آهن ته ريسڪيو اهل ڪارن وٽ ملبو هٽائڻ جي لاءِ گهربل مشينري ۽ تجربو ڪونهي.

مالاطيه شهر جي رهواسي صبيحه چيو آهي ته ’’رياست ڪاٿي آهي؟ گزريل ٻن ڏينهن کان وٺي اسان منگتا بڻيل آهيون. اسان هاڻي به ڦاٿل ماڻهن کي ملبي هيٺان ڪڍي سگهون ٿا’’.

هوءَ پنهنجي پيارن کي عمارت جي ڍير منجهان زنده تلاش ڪرڻ جي لاءِ اتي ئي موجود آهي.

خبرن جي اداري رائيٽرز سان گفتگو ڪندي هن ريسڪيو آپريشن ۾ دير ٿيڻ جي شڪايت ڪندي چيو ته اسان کي پاڻ ئي ملبي منجهان پنهنجي پيارن کي ڪڍڻو پوندو ۽ اسان انهن کي ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا.

ترڪيءَ جي نورداگيءَ جي علائقي ۾ زلزلي جي ڪري ڊٿل عمارت جي سامهون هڪ شخص ڪرسيءَ تي ويٺل. 9 فربروري، 2023.
ترڪيءَ جي نورداگيءَ جي علائقي ۾ زلزلي جي ڪري ڊٿل عمارت جي سامهون هڪ شخص ڪرسيءَ تي ويٺل. 9 فربروري، 2023.

ترڪيه ۾ هاڻي تائين 9057 ڄڻن جي مري وڃڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هلاڪتن جو تعداد 2950 ٻڌايو ٿو وڃي.

ترڪ عمل دارن مطابق ملڪ جي ڏهن صوبن ۾ زلزلي جي ڪري هڪ ڪروڙ 35 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

مشڪل پيش اچي رهي آهي، صدر ايردوان

ترڪيه جي صدر رجب طيب ايردوان اربع ڏينهن زلزلي جي ڪري متاثر صوبي قهرمان مرعش پهتو جتي هن جاري ريسڪيو ۽ رليف ڪاروائين جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي ميڊيا سان گفتگو ڪندي صدر ايردوان چيو ته زلزلي جي نتيجي ۾ سڙڪن ۽ هوائي اڏن کي پهچڻ واري نقصان جي ڪري مشڪل پيش اچي رهي آهي، پر صورت حال بهتر ٿي رهي آهي.

حلب ۾ زلزلي جا متاثرين سخت سيءَ ۾ کليل آسمان هيٺان
حلب ۾ زلزلي جا متاثرين سخت سيءَ ۾ کليل آسمان هيٺان

صدر ايردوان وڌيڪ چيو ته اسان کي هاڻي به توانائي جا مسئلا آڏو آهن ۽ اميد آهي ته ان تي تڪڙو ڪنٽرول ڪري وٺبو.

ان کان اڳ صدر ايردوان ملڪ جي ڏکڻ واري صوبي حاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زلزلي کان پوءِ حڪومتي ڪم تي ٿيڻ واري تنقيد کي مسترد ڪيو.

هن چيو ته هي وقت اتحاد ۽ يگانگت جو آهي ۽ هن وقت هو ڪن فردن پاران سياسي مفاد جي خاطر الزام مڙهڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي.

(هن رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG