رسائی کے لنکس

پاڪستان جي قومي تراني جي نئين رڪارڊنگ ۾ سينئر موسيقار ڪهڙي ڪمي محسوس ڪن ٿا؟


عارف لوهار ۽ ٻيا گلوڪار (فائيل فوٽو)
عارف لوهار ۽ ٻيا گلوڪار (فائيل فوٽو)

پاڪستان حڪومت جي طرفان ملڪ جي آزاديءَ جا 75 ورهه مڪمل ٿيڻ تي قومي تراني جي نئين رڪارڊنگ جاري ڪئي وئي آهي جنهن کي اکثريت پسند ڪيوآهي پر ڪجهه ماڻهن ان تي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.

نئين رڪارڊ ڪيل تراني ۾ ڌن ۽ لفظ ته ساڳيا ئي آهن پر اوريجنل قومي تراني جي نسبت ان ۾ گلوڪارن جو تعداد ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهي. سنه 1954 ۾ رڪارڊ ٿيل پاڪ سر زمين ۾ معروف پلي بيڪ سنگر احمد رشديءَ سميت 11 گلوڪارن جو آواز شامل هو جڏهن ته هن دفعي ملڪ منجهان 155 گلوڪارن کي ترانو ڳائڻ جو موقعو ڏنو ويو.

تراني جي رڪارڊنگ ۾ پاڪستان جي هر علائقي مان مدعو ڪيل گلوڪارن حصو ورتو جن ۾ ٽينا ثاني، عارف لوهار، فريحه پرويز، احمد جهانزيب، زيب بنگش، فاخر محمود، گوهر ممتاز، عمير جسوال شامل آهن، جڏهن ته نئين تراني ۾ 48 موسيقار ۽ ڇهه بينڊماسٽر به شامل آهن.

پاڪستان جو قومي ترانو پاڪ سرزمين جي ڌن احمد جي ڇاگلا ترتيب ڏني هئي جنهن جي منظوري سنه 1949 ۾ ملڪ جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان ڏني هئي. تراني جا ٻول لياقت علي خان جي انتقال کان پوءِ شاعر ابوالاثر حفيظ جالنڌريءَ لکيا هيا.

هي قومي ترانو 1954 ۾ جاري ٿيو هو ۽ تڏهن کا وٺي هاڻي تائين هي سرڪاري سطح تي استعمال ٿي رهيو آهي.

اڳوڻي وزير اعظم، عمران خان جي دور حڪومت ۾ قومي تراني جي ٻيهر رڪارڊنگ جي منظوري ڏني وئي هئي ۽ ان ۾ سڄي ملڪ جي ثقافتي، علائقائي ۽ نسلي پس منظر سان تعلق رکڻ وارن گلوڪارن کي شامل ڪري ان کي تيرهن مهينن ۾ تيار ڪيو ويو.

ترانو منظور ڪرڻ واري ڪاميٽيءَ جي سربراهي، سابق سينيٽر ۽ فلم ساز، جاويد جبارڪئي، جڏهن ته موسيقار ارشد علي محمود، ميوزڪ بينڊ وائٽل سائنز جي روحيل حيات ۽ فلم پروڊيوسر، ستيش آنند سان گڏ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي استاد نفيس احمد ۽ آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر پراڊڪشن، برگيڊيئر عمران نقوي هن ڪاميٽيءَ جو حصو هيا.

پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻا نغمه ڪمپوز ڪرڻ واري موسيقار، سهيل رعنا وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي تراني جي نئين رڪارڊنگ ۾ ڪجهه ڪمين جي نشاندهي ڪئي.

هن چيو ته هن تراني ۾ زياده گلوڪار ته آهن پر فائنل رڪارڊنگ جي وقت جيڪڏهن هڪ ٻن ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي ها ته سٺو ٿئي ها.

سندس بقول، منهنجي حساب سان هن نئين رڪارڊنگ جي مڪسنگ ڪافي ڌيان سان ٿيڻ کپي هان، جنهن سبب فائنل ورزن ۾ ڪجهه اهم شين جي ڪمي محسوس ڪئي وئي. مثلا پرچم ستاره و هلال کان پوءِ ساز ٽرمينيٽ جي ذريعي جيڪو فن فيئر جو افيڪٽ اچڻ گهرجي هان اهو ڪافي دٻيل آهي. اهو افيڪٽ ان لاءِ اهم آهي جو ان سان ٻڌڻ وارن جو سينو ويڪرو ٿي ويندو آهي، ليڪن هتي اهو واضح نه هئڻ ڪري ٻڌڻ ۾گهٽ ٿو اچي.

جيوي پاڪستان، سهڻي ڌرتي، مين ڀي پاڪستان هون ۽ يه ديس همارا هي جهڙن ملي نغمن کي ڪمپوز ڪرڻ واري سهيل رعنا جو هي به چوڻ آهي ته پاڪستان جي قومي تراني جي نئين رڪارڊنگ جي ٽريٽمنٽ اوريجنل کان مختلف آهي. اوريجنل قومي ترانو نيچرلي فلڪچوايٽ ڪندو آهي، يعني ان جو ٽيمپو هڪ جهڙو نه رهندو آهي، جڏهن ته هن نئين رڪارڊنگ جو ٽيمپو تقريبا هڪ جهڙو ئي آهي ۽ جيڪو سايه خدائي ذوالجلال جو افيڪٽ هئڻ گهرجي اهو نه ٿو اچي.

سهيل رعنا ان ڪاوش تي اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن وزارت انهن تجويزن تي عمل ڪندي ريمڪس جي عمل اختيار ڪري ته اهو اسان سڀني جي لاءِ عزت جو باعث هوندو. ( عمير علويءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG