نيو يارڪ رياست جي شاتاقوا ڪائونٽيءَ جي عدالت ۾خميص ڏينهن گرانڊ جيوريءَ گزريل هفتي مصنف سلمان رشديءَ تي حملو ڪرڻ واري 24 سالن جي ملزم تي فرد جرم عائد ڪيو.
هادي مطر قتل جي ارادي ۽ قتل جي ڪوشش ۽ حملي جي مڙهيل الزامن ۾ پنهنجي قصوروار هئڻ کان انڪار ڪيو، ۽ ججن سندس ضمانت مسترد ڪندي ملزم کي پوليس جي تحويل ۾ ڏيڻ جا احڪامات جاري ڪيا.
پنجهتر سالن جي رشديءَ تي جمعي ڏينهن ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن بفيلو شهر کان ٻاهر، نيويارڪ جي شاتاقوا هال ۾ هو ليڪچر ڏيڻ لاءِ تيار هو.
هن کي ڪنڌ ۽ ڌڙ تي چاقوءِ سان وار ڪيا ويا جنهن کان پوءِ کيس ويجهي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي هن جي سرجري ٿي. سندس ايجنٽ ٻڌايو ته رشدي جي جگر کي نقصان پهتو، هڪ ٻانهن جون رڳون ڪٽجي پيون، هن جي هڪ اک ڪي نقصان ٿي سگهي ٿو، ليڪن هو تندرست ٿي رهيو آهي.
پوليس واقعي جي جاءِ تان مطر کي گرفتار ڪيو. ڇنڇر ڏينهن حمله آور کي ابتدائي پيشيءَ دوران عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن قتل جي ڪوشش ۽ حملي جي الزام کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. بغير ضمانت جي ملزم کي شاتاقوا ڪائونٽي جيل ۾ رکيو ويو آهي.
جيل جي اندر هڪ انٽرويو ڏيندي، جيڪو اربع ڏينهن نيو يارڪ پوسٽ ۾ شائع ٿيو، مطر ان ڳالهه تي حيرانگيءَ جو اظهار ڪيو ته رشدي اڃان جيرو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو نه ٿو سمجهي ته ليکڪ وڌيڪ زنده رهي سگهندو.
پوسٽ رپورٽ ڏني آهي ته سندس اٽارنيءَ جي صلاح تي مطر ان تي ڪو تبصرو نه ڪيو ته ان تي ايراني فتوا، يا مذهبي حڪم جو ڪو اثر ٿيو آهي، جڏهن سال 1988 ۾ رشديءَ پاران دي سيتانڪ ورسز ڪتاب لکڻ تي مصنف ڪي قتل جون ڌمڪيون مليون.
ايران جي سپريم ليڊر، آيت الله روح الله خمينيءَ 1989 ۾ رشديءَ کي هلاڪ ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي هئي. مطر چيو ته هو مرحوم آيت الله جي عزت ڪندو آهي، جنهن کي هن هڪ عظيم انسان قرار ڏنو، ۽ چيو ته هن رشديءَ جي ڪتاب جا رڳو ڪجهه صفحا پڙهيا آهن.
ليڪن مشتبه ملزم چيو ته هو رشديءَ کي پسند نه ڪندو آهي. پوسٽ مطر جي حوالي سان چيو ته هو اهو شخص آهي جنهن اسلام تي حملو ڪيو، هن سندن عقيدن، عقيدي جي نظام تي حملو ڪيو.
مطر ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته هو ايران جي پاسداران انقلاب سان رابطي ۾ آهي ۽ چيو ته هن اهو عمل پنهنجي ليکي ڪيو. هن پوسٽ کي ٻڌايو ته سردين جي موسم دوران هن هڪ ٽوئيٽ پڙهي هئي جنهن ۾ شاتاقوا جي رشديءَ جي دوري جو اعلان ڪيو ويو هو. هن ٻڌايو ته هو بس ۾ سوار ٿي هڪ ڌينهن اڳ هن علائقي ۾ پهتو هو.
ايران جي پرڏيهي معاملن جي وزارت هن هفتي حملي يا حملي ڪندڙ سان ملوث هئڻ جي ترديد ڪئي آهي.
مطر آمريڪا ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن وٽ لبنان جي ٻٽي شهريت آهي، جتي هن جا والدين پيدا ٿيا هيا.
سندس ماءُ هڪ انٽرويو ۾اخباري نمائندن کي ٻڌايو آهي ته مطر ۾اها تبديلي تڏهن آئي جڏهن 2018 ۾هو پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ لبنان ويو ۽ هتي واپس پهتو.
(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائٽرز تان ورتو ويو آهي)