اڱاري ڏينهن روس اعلان ڪيو آهي ته 2024 ۾ هو بين الاقوامي خلائي اسٽيشن جي منصوبي مان ٻاهر نڪري ويندو ۽ پنهنجي الڳ آربٽنگ اسٽيشن قائم ڪندو.
روس جي خلائي اداري جي سربراه اهو اعلان صدر ولاديمير پوٽن سان ملڻ کان پوءِ ڪيو آهي.
يوري بورسوف روس جي خلائي اداري، روسڪوسموس جي اجلاس دوران ٻڌايو ته عليحده ٿيڻ کان اڳ هو پنهنجن اتحادين سان ڪيل وعدو نڀائيندو.
ملاقات دوران، بورسوف چيو ته يقيني طور تي اسان پنهنجن ساٿين سان ڪيل وعدو نڀائينداسين، ليڪن 2024 ۾ هن اسٽيشن کان جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سندس بقول، منهنجي خيال ۾، ان وقت تائين اسان روسي اسپيس اسٽيشن جو ڪم شروع ڪري چڪا هونداسين.
روس اها ڳالهه واضح ڪري چڪو آهي ته روسي اسپيس اسٽيشن قائم ڪرڻ سندس اهم ترجيحات ۾ شامل آهي.
ناسا جي هڪ اعلي عهديدار رائٽرز خبر رسان اداري کي ٻڌايو ته آمريڪي اسپيس ايجنسيءَ کي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کي ڇڏي ڏيڻ بابت باضابطه طور تي آگاه نه ڪيو ويو آهي.
ناسا ۽ بين الاقوامي اسپيس اسٽيشن ۾ شامل ٻيا ساٿي 2030 تائين ان منصوبي ۾ شراڪت داري جاري رکندا، ليڪن روس 2024 کان پوءِ اهو ساٿ جاري رکڻ تي راضي ڪونهي.
هي اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن يوڪرين تي روس جي حملي جي نتيجي ۾ مغرب ۽ روس وچ ۾ جاري سخت ڪشيدگي جاري آهي. ان کان هڪ مهينو اڳ ناسا ۽ روسڪوسموس ان ڳالهه تي رضامندي ڏيکاري هئي ته اسپيس اسٽيشن تي خلانورد پهچائڻ لاءِ روسي راڪيٽ جو استعمال جاري رکيو ويندو.