معروف ٽيڪنالاجي ڪمپني، سام سنگ پنهنجو نئون ماڊل ’گيليڪسي ايس 23’ جا ٽي نوان ماڊل مارڪيٽ ۾ آڻي رهي آهي جن ۾ طاقت ور ڪيمرا نصب آهن.
سام سنگ اهي موبائيل فون اهڙي وقت متعارف ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته موبائيل مارڪيٽ عالمي ڪساد بازاري جي ڪري سڪڙجي رهيو آهي.
خبرن جي اداري، رائيٽرز مطابق ڪن مبصرن جو خيال آهي ته گيليڪسي ايس 23 اسمارٽ سيريز پنهنجي گزريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز رفتار چپس ۽ طاقت ور ڪيمرائن جي باوجود صارفين جو وڌيڪ توجه حاصل نه ڪري سگهندو ڇو ته بين الاقوامي معيشت افراط زر کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ صارفين موبائيل فون تي وڌيڪ رقم خرچ نه ڪري سگهندا.
ڪمپنيءَ جا عهديدار به ڪنهن حد تائين ان حقيقت کي تسليم ڪري رهيا آهن، ان ڪري نئين موبائيل فونز جون قيمتون گزريل سال مارڪيٽ ۾ آندل فونز جي برابر ئي رکيون ويون آهن.
سام سنگ ’گيليڪسي ايس 23’ جا ٽي قسم تيار ڪيا ويا آهن، جن ۾ گيليڪسي ايس 23، ايس 23 پلس ۽ ايس 23 الٽرا شامل آهن.
گيليڪسي ايس 23 جي قيمت 799 ڊالر رکي وئي آهي، جڏهن ته 23 پلس 999 ڊالر ۽ ايس 23 الٽرا 1199 ڊالر ۾ دستياب هوندي.
سام سنگ ايس 23 ۽ ايس 23 پلس ۾ 50 ميگا پڪسل جو وائيلڊ اينگل ڪيمرا نصب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پهريون دفعو ايس 23 الٽرا ۾ 200 ميگا پڪسل جو ڪيمرا شامل آهي. انهيءَ ريت ٽنهين ماڊلن ۾ 12 ميگا پڪسل جو سيلفي ڪيمرا به نصب آهي.
ڪمپنيءَ پنهنجي نئين سيريز جي بيٽريءَ کي به پهريان جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر بنايو آهي. ايس 23 ۾ 3900 ايم اي ايڇ، ايس 23 پلس ۾ 4700 ايم اي ايڇ جڏهن ته ايس 23 الٽرا ۾ 5000ايم اي ايڇ جي بيٽري لڳائي وئي آهي.
آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ اربع ڏينهن نئون ماڊل لانچ ڪرڻ جي لاءِ تقريب ۾ سام سنگ جي عمل دارن گيليڪسي ايس 23 الٽرا جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ريڊلي اسڪاٽ جي فلم ’بي هولڊ’ ۽ ڏکڻ ڪوريا جي فلم ’فيٿ’ به نشر ڪئيم جنهن جي فلم بنديءَ ۾ سام سنگ جي ان ٽاپ لائين موبائيل فون جو استعمال ڪيو ويو آهي.
سام سنگ ايس 23 سيريز ۾ ڪوالڪم جو ’سنيپ ڊريگن ايٽ جينريشن ٽو’ جي تيز رفتار پراسيسر نصب ڪيو آهي جيڪو وڏي ٽاسڪ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
سيمي ڪنڊڪٽر ٺاهڻ واري آمريڪي ڪمپني ڪوالڪم چيو آهي ته گيليڪسي ايس 23 موبائيل ۽ گوگل جي پيرنٽ ڪمپني الفابيٽ جا عهديدار به موجود هيا. انهن سڀني مشترڪه طور تي هي ايڪس آر اسپيس يعني ورچوئل ريئلٽي ۽ آگمنٽيڊ ريئلٽي جي حوالي سان گڏيل ڪوششن تي روشني وڌي.
ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن چيو آهي ته ٽنهين ڪمپنين ڏهاڪو سال اڳ ايڪس آر اسپيس تي ڪم شروع ڪيو هو، ليڪن هن وقت اهي ان ڪري متحرڪ ٿيا آهن ڇو ته ممڪنه طور تي ٽيڪنالاجي ڪمپني ’ايپل’ هلندڙ سال مڪسڊ ريئلٽي جو هيڊ سيٽ لانچ ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022 جي وچ ۾ عالمي سطح تي موبائيل فون جي شپمنٽس ۾ سڀ کان وڏي ڪمي ڏٺي پئي هئي. ان دوران 30 ڪروڙ ٽي لک موبائيل فون جي شپمنٽس موڪيلون ويون جيڪي گزريل سال انهيءَ عرصي جي مقابلي ۾ 18 في صد گهٽ آهن.
ڪن ماهرن جو خيال آهي ته هلندڙ سال موبائيل فون جي مارڪيٽ ۾ ڪجهه بهتريءَ جو امڪان آهي.
اهڙي وقت جڏهن فون مارڪيٽ کي مشڪل درپيش آهي، مبصرن جو خيال آهي ته سام سنگ پنهنجي گيليڪسي ايس 23 ۽ فولڊ ايبل موبائيل فون جي ذريعي نفعو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.