قطر ۾ جاري فٽ بال ورلڊ ڪپ جي هڪ ميچ ۾ سعودي عرب ٽورنامنٽ جي ’هاٽ فيورٽ’ ٽيم ارجنٽينا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
اها ميچ اڱاري ڏينهن قطر جي شهر لوسل ۾ کيڏي وئي. ان ميچ ۾ ليونل ميسيءَ جو جادو به هلي سگهيو ۽ هو هارائڻ کان پوءِ مايوس ڏسڻ ۾ آيو.
هن ميچ ۾ هڪ طرف عالمي رينڪنگ ۾ نمبر ٽئين تي موجود ارجنٽينا جي فٽ بال ٽيم هئي ته ٻئي پاسي 51 ونجاه نمبر تي موجود سعودي عرب. ميچ جي ڏهين منٽ تي ئي ليونل ميسيءَ شاندار گول اسڪو ڪري ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا پهرين هاف جي پڄاڻيءَ تائين برقرار رهي.
ليڪن سعودي ٽيم ٻئي هاف ۾ ڪنهن ٻئي موڊ ۾ نظر آئي. بريڪ تان واپس ايندي ئي، صالح الشهري ميچ جو اسڪور برابر ڪيو، جنهن کي پنجن منٽن ۾ سالم الدوسري ٻيو گول ڪري برتريءَ ۾ بدلي ڇڏيو.
ارجنٽينا جي ٽيم هڪ گول پٺيان وڃڻ کان پوءِ مخالف گول تي ڪيترا ئي ڀيرا حملا ڪيا، ليڪن سعودي گول ڪيپر ڪبير الاويس سندن هر ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي.
ان تاريخي ڪاميابيءَ تي سعودي عرب جي بادشاه سلمان بن عبدالعزيز سڄي ملڪ ۾ موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
هن عالمي ڪپ ۾ سعودي عرب جي ارجنٽينا جي خلاف نه صرف پهرين وڏي ڪاميابي آهي، بلڪه 1994 ۾ بيلجئم کي هارائڻ کان پوءِ ڪنهن وڏي ٽيم جي خلاف پهرين ڪاميابي آهي.
پنهنجو آخري ورلڊ ڪپ کيڏڻ واري 35 سالن جي ليونل ميسيءَ سميت ارجنٽينا جا سمورا رانديگر ٻئي هاف ۾ ’آف ڪلر’ ڏسڻ ۾ آيا.
هي پهريون موقعو ناهي ته ارجنٽينا جي ٽيم کي ڪنهن نسبتا ڪمزور ٽيم اپ سيٽ شڪسٽ ڏني هجي. سال 1990 ۾ جڏهن ارجنٽينا دفاعي چمپئن هو، تڏهن ان کي ڪيمرون هڪ ٻڙيءَ تان هارائي سڀني کي حيران ڪيو هو.
ان ٽيم جي ڪپتان، ڊياگو ميراڊونا هيو جيڪو چار سال اڳ پنهنجي ٽيم کي ورلڊ چمپئن بڻائي چڪو هو. ليڪن ان وقت به سندن پهريون ميچ اپ سيٽ شڪسٽ تي ختم ٿيو هو ۽ اڄ به نتيجو گهڻو مختلف ناهي. ذڪر جي قابل ڳالهه اها آهي ته ان هار جي باوجود ارجنٽينا جي ٽيم ورلڊ ڪپ جو فائينل کيڏيو جتي ان کي جرمنيءَ شڪست ڏني هئي.
جيڪڏهن تاريخي اپ سيٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته 1950 ۾ کيڏيل انگلينڊ آمريڪا ميچ سڀني کان نمايان آهي. ان ميچ کا پوءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته انگلينڊ جي صحافين کي يقين ئي نه پيو اچي ته آمريڪا جي سيمي پروفيشنل ٽيم انگلينڊ جي مضبوط ٽيم کي شڪسٽ ڏئي سگهي ٿي، ڇو ته سندن خيال ۾ اسڪور لائين ڏهه ٻڙي هئڻ گهرجي ها.
سورهن سالن کان پوءِ اڳوڻي چمپئن اٽليءَ کي اتر ڪوريا هڪ ٻڙيءَ تي هارائي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو.
سنه 1982 ۾ اتر آئرلينڊ اسپين کي سخت مقابلي کان پوءِ هڪ ٻڙيءَ تان هارائي اپ سيٽ ڪيو هو.
هوڏانهن، سنه 1994 ۾ به دفاعي چمپئن اولهه جرمنيءَ کي بلغاريه هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان هارايو هو.
(عمير علويءَ جي رپورٽ)