رسائی کے لنکس

ڀارت ۾ فوجي مشقون، پاڪستان شريڪ ٿيندو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سهاري هيٺ ايندڙ آڪٽوبر ۾ ڀارت ۾ فوجي مشقون منعقد ٿينديون جن ۾ پاڪستان شريڪ ٿيندو. پاڪستان جي شموليت جي اعلان تي دفاعي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ خوش آئند اقدام آهي ۽ جوهري هٿيارن سان ليس پاڙيسري ملڪن ۾ اهڙي قسم جا رابطه جاري رهڻ گهرجن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (اس سي او) جي تحت هي مشقون ماضيءَ ۾ به ٿينديون رهيون آهن، جن مشقن جو سياست سان ڪو واسطو ڪونهي.

هي پهريون موقعو آهي جو پاڪستان ايس سي او جي تحت ٿيڻ واري انسداد دهشت گردي جي فوجي مشقن ۾ حصو وٺڻ کاءِ وفد ڀارت موڪليندو.

ملڪ عميد پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته واضح رهي ته ايس سي او هڪ بين البراعظمي ادارو آهي جنهن جا چين ۽ جاپان سميت ڪيترا ئي ملڪ رڪن آهن. ڀارت ۽ پاڪستان 2017 ۾ تنظيم جا مڪمل ميمبر ٿيا هيا.

هي تنظيم ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي جي معاملن ۾ تعاون کي فروغ ڏيندي آهي. ان سلسلي ۾ تنظيم جي ريجنل اينٽي ٽررسٽ اسٽرڪچر (آر اي ٽي ايس) جنهن کي ريٽس جو نالو پڻ ڏنو ويندو آهي، ان جي زير اهتمام هي فوجي مشقون ٿي رهيون آهن.

هي فوجي مشقون ڀارتي شهر مهيسر ۾ ٿينديون جن ۾ پاڪستان سميت روس، چين، ايران، ازبڪستان، تاجڪستان، قراقستان ۽ قرغيزستان شامل ٿيندا.

دفاعي تجزيه ڪار ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته 2021 ۾ به ايس سي او جي تحت ريٽس جون فوجي مشقون پاڪستان جي علائقي پبيءَ جي علائقي ۾ ڪيون ويون هيون. انهن مشقن ۾ ڀارت جي پاران ٽي جنرل شرڪت جي لاءِ آيا هيا

ان وقت ڀارت چيوهو ته هو انهن مشقن ۾ شرڪت ته ڪري رهيو آهي پر سندن اهو نڪته نظر ته پاڪستان مبينه طور تي دهشت گرديءَ ۾ شامل آهي، سندن ان موقف ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي.

انهن مشقن جي اهميت تي ڳالهائيندي، ڀارت چيو هو ته سارڪ جي تنظيم ڪم ڪونه ٿي ڪري. اهڙي وقت اگر علائقائي طور تي ملي وهڻ جو موقعو ملي ٿو ته اهو هڪ مثبت قدم آهي.

ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ان مان ٻي ڪا اميد لڳائي ويٺو آهي ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي.

هن چيو ته ڪيترا ئي ملڪ ريٽس جي تحت ڪٺا ٿي انسداد دهشت گردي جون مشقون ڪندا آهن. سندس بقول،انهن منجهان ظاهر آهي ته انهن مشقن ۾ ڪا ٽيڪٽيڪل ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيت ٻين ملڪن تي ظاهر نه ڪئي ويندي آهي. ليڪن ٻين ملڪن جي تعاون سان آپريشنز ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.

انسٽي ٽيوٽ آف پيس اينڊ ڪانفلڪٽ اسٽڊيز جي سربراه، ريٽائرڊ ميجر جنرل دپانڪر بينرجيءَ وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي چيو ته انهن مشقن ۾ مختلف ملڪن جون فوجون ملي ٽريننگ ڪنديون آهن، ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي ۽ الڳ قسم جي دهشت گرديءَ کان بچاءَ جي آپريشنز ۾ هڪ ٻئي کان معلومات حاصل ڪئي ويندي آهي جنهن مان سکيا ملندي آهي.

سندس چوڻ مطابق، دهشت گردي جي خلاف ڪاروائي ڪيئن ڪرڻي آهي، ڪهڙا هٿيار استعمال ڪرڻا آهن، ان لاءِ هر ملڪ ۾ مختلف طريقو استعمال ٿئي ٿو، اهڙيءَ ريت هڪ ملڪ جا عمل دار ٻين ملڪن جي تجربي مان علم پرائيندا آهن.

هن چيو ته هنن مشقن جو ڪو سياسي لاڀ ڪونهي، بس هي هڪ فوجي معاملو آهي.

ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ آهن. انهن لاءِ پاڻ ۾ ڪنهن قسم جو تعاون اهميت رکي ٿو. سندس بقول، ٻنهين ملڪن ۾ هڪ عرصي کان وٺي سرد جنگ جهڙي ڪيفيت آهي، اهڙي وقت ملي وهڻ سان هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

XS
SM
MD
LG