رسائی کے لنکس

بلاول ڀٽو ۽ بلنڪن جو ٽيلي فون تي رابطو، ٻه طرفي تعلقات جي واڌاري تي ڳالهه ٻولهه


ٻنهين وزراءِ خارجه وچ ۾ نيو يارڪ ۾ 18 مئي 2022 تي ٿيل ملاقات (فائيل فوٽو)
ٻنهين وزراءِ خارجه وچ ۾ نيو يارڪ ۾ 18 مئي 2022 تي ٿيل ملاقات (فائيل فوٽو)

آمريڪا جي وزير خارجه اينٽني بلنڪن ۽ سندس پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداريءَ وچ ۾اربع جي ڏينهن ٽيلي فون تي رابطو ٿيو آهي. هيءُ رابطو ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ سفارتي تعلقات قائم ٿيڻ جي 75 وين سالگره جي مناسبت سان ٿيو، جنهن جو بلنڪن خير مقدم ڪيو.

آمريڪي محڪمه خارجه جي ترجمان، نيڊ پرائس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان موقعي تي اسلام آباد ۽ واشنگٽن درميان تعلقات ۾ واڌاري جي مشترڪه مقصد کي ورجايو ويو ۽ معاشي استحڪام، ماحول ۽ صحت جي شعبن ۾ تعلقات کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي دهرايو ويو.

اسلام آباد مان جاري ٿيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزير خارجه بلاول ڀٽو پاڪستان جي شهرين لاءِ آمريڪا جي ويزا جاري ڪرڻ جي عمل ۾ نرميءَ جي درخواست ڪئي.

ٻنهين ملڪن جي وزراءِ خارجه افغانستان جي اندر جاري انساني بحران جي شدت، علائقائي استحڪام، تجارتي تعلقات ۽ عوام جي عوام سان رابطن ۽ روس جي صدر پوٽن پاران يوڪرين جي خلاف بلا اشتعال جنگ ۽ پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ خوراڪ جي تحفظ جهڙن موضوعات تي گفتگو ڪئي وئي.

پاڪستان جي دفتر خارجه به بلاول ڀٽي زرداريءَ ۽ اينٽني بلنڪن وچ ۾ ٽيلي فونڪ رابطي جي باري ۾ هڪ ٽوئيٽ جي ذريعي آگاه ڪيو آهي ته ٻنهين رهنمائن تعلقات جي 75 وين سالگره جي موقعي تي ٻنهين ملڪن جي درميان اعلي سطحي رابطن ۾ تسلسل تي گفتگو ڪئي.

ان کان اڳ پاڪستان جي وزير خارجه پنهنجي امريڪي هم منصب سان 18 مئي تي نيويارڪ ۾ آمهون سامهون ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون ۾ واڌاري سان گڏ وگڏ علائقائي سلامتي ۽ خوراڪ جي تحفظ جهڙا عالمي مسئلا زير بحث آيا هيا. هيءَ ملاقات خوراڪ جي تحفظ جي بين الوزارتي اجلاس جي موقعي تي ٿي هئي جنهن ۾ پاڪستان کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو هو ته اهڙي موقعي تي جڏهن سموري دنيا ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان مختلف اقدامات ۾ هڪ ٻئي ساڻ گڏ آهيون، اسان ان ڳالهه کان به آگاه آهيون ته دنيا ۾ ڪهڙي قسم جا علائقائي ۽ جغرافيائي حالات غذائي ڪميءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

پاڪستاني وزير خارجه چيو هيو ته انهن جيو پوليٽيڪل حالتن جي سبب پاڪستان وانگر ڪيترائي ملڪ مشڪلات مان گزري رهيا آهن. انهن مشڪلات ۾، بلاول ڀٽو جي بقول، سڪيورٽي، انرجي سڪيورٽي، واٽر سڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديليءَ کان وٺي پاڙيسري ملڪن ۾ موجود صورت حال جهڙا عوامل شامل آهن.

اپريل ۾، پاڪستان ۾ عمران خان جي حڪومت جي خاتمي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينه ۾ بلاول ڀٽو پاران وزير خارجه جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ٻنهين ملڪن جي وزراءِ خارجه جي وچ ۾ هيءُ ٽيون رابطو آهي، جنهن کي مبصرين واشنگٽن ۽ اسلام آباد ۾ بهتر ٿيندڙ تعلقات جو اهڃاڻ قرار ڏئي رهيا آهن.

XS
SM
MD
LG