رسائی کے لنکس

ماهل بلوچ جو عليحدگي پسندن سان رابطن جو اعتراف، گهر ڀاتين جي ترديد


بلوچ مسنگ پرسنز جي موضوع تي سيمينار (فائيل فوٽو)
بلوچ مسنگ پرسنز جي موضوع تي سيمينار (فائيل فوٽو)

بلوچستان حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته حراست ۾ ورتل ماهل بلوچ دهشت گرديءَ جي ڏوهه کي مڃي ورتو آهي. مبينه ڏوهاريءَ جي گهر ڀاتين چيو آهي ته ماهل بلوچ کان زور زبردستيءَ سان پنهنجي مرضيءَ جو وڊيو رڪارڊ جاري ڪرايو ويو آهي، جنهن جي اهي مذمت ڪن ٿا.

بلوچستان جي وڏي وزير جي ترجمان، بابر يوسف زئيءَ اربع ڏينهن ڊي آئي جي، ’ڪائونٽر ٽررزم ڊيپارٽمينٽ’ (سي ٽي ڊي)، اعتزاز گورايا سان گڏ اخباري ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته گرفتار خاتون کي ورغلائڻ واري شخص جو نالو يوسف بلوچ آهي، جيڪو ماهل بلوچ جو ويجهو مائٽ آهي.

ياد رهي ته ماهل بلوچ کي هلندڙ سال 17 فيبروريءَ تي ڪوئٽا جي ڀر پاسي جي وسنديءَ، سيٽلائيٽ ٽائون منجهان سي ٽي ڊيءَ گرفتار ڪيو هو.

اداري دعويٰ ڪئي هئي ته ماهل بلوچ سيٽلائيٽ ٽائون ۾ پارڪ جي ويجهو خودڪش جيڪٽ سميت گرفتار ٿي هئي، ۽ هن جو تعلق مبينه طور تي بندش پيل بلوچ هٿياربند تنظيم، بلوچستان لائبريشن آرمي (بي ايل اي) سان آهي.

ماهل بلوچ جي اعترافي بيان جي متعلق پريس بريفنگ ۾ بابر يوسفزئي ٻڌايو ته ماهل بلوچ جو مڙس، ببرگ بلوچ به بندش پيل بي ايل اي جي لاءِ ڪم ڪندو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته ماهل بلوچ کان خودڪش جيڪٽ مليو هو ۽ هوءَ اهو جيڪٽ ڪنهن ٻئي شخص تائين پهچائڻ گهري پئي. هوءَ جيڪٽ ڏيڻ جي لاءِ وڃي رهي هئي جڏهن سيڪيورٽي فورسز کيس سڳ سوڌو گرفتار ڪيو ويو هو.

بابر يوسفزئيءَ مطابق، ماهل بلوچ وڊيو بيان ۾ پاڻ چيو هو ته کيس عزت ۽ احترام سان رکيو ويو آهي.

ماهل بلوچ جي گرفتاري ادارن جي ڪاميابي آهي. سيڪيورٽي فورسز ان واقعي ۾ ملوث سمورن گروهن کي پڪڙڻ جي لاءِ ڪاروائيون جاري رکيون آهن.

هن چيو ته بندش پيل تنظيمون بي گناهه ماڻهن کي استعمال ڪن ٿيون، عورتن ۽ ٻارن کي پنهنجي ڍال جي طور تي استعمال ڪيو ٿو وڃي ۽ پڪڙجي پوڻ تي لاتعلقي اختيار ڪئي ٿي وڃي.

اختياريءَ وارن جي عدالت کان ماهل بلوچ جي رمانڊ جي گزارش

اخباري ڪانفرنس دوران ڊي آئي جي چيو ته اسان قانون مطابق ڪم ڪندا آهيون. عدالت کان ثبوتن جي بنياد تي ماهل بلوچ جي رمانڊ جي التجا ڪئي ٿي وڃي.

هن چيو ته هن ڪيس ۾ اسان جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ گهڻو ڪجهه مليو آهي، عدالتي مقدمي ۾ سمورا ثبوت سامهون رکيا ويا آهن، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ’فارنزڪ’ ۽ ڏيتي ليتيءَ جي معاملن جون تحقيقات جاري آهن.

اعترافي وڊيو ۾ ماهل بلوچ ڇا چيو؟

اخباري ڪانفرنس دوران ماهل بلوچ جي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماهل بلوچ بلوچي لباس ۾ آهي ۽ هوءَ هڪ ڪرسيءَ تي ويٺل آهي.

اعترافي وڊيو ۾ ماهل بلوچ چيو ته هوءَ ببرگ بلوچ جي بيواه آهي ۽ بلوچستان جي علائقي مند جي رهواسي آهي ۽ هن ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي.

هن چيو ته منهنجي شادي 2014 ۾ ٿي. پرڻي کان پوءِ مون کي شڪ ٿيو ته منهنجو مڙس ۽ انهن جي دوستن وٽ هٿيار موجود آهن، جنهن تي مون پنهنجي مڙس کان پڇيو ته توهان وٽ هٿيار آهن. توهان ڇا ڪندا آهيو. منهنجي مڙس ٻڌايو ته هو بي ايل جي لاءِ ڪم ڪندو آهي.

وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جو ڇا موقف آهي؟

ان کان اڳ، ماهل بلوچ جي مبينه گمشدگيءَ جي خلاف ’وائس فار مسنگ پرسنز’ احتجاجي مظاهرو به ڪيو هو.

ماهل بلوچ اعترافي وڊيو جي باري ۾ وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته تنظيم جي سرواڻ، نصر الله بلوچ چيو ته رات جو ماهل کي مبينه طور تي حراست ۾ ورتو ويو، ان جي اڳئين ڏينهن ئي سندس گهر ڀاتين تنظيم سان رابطو ڪيو.

نصرالله بلوچ مطابق، تنظيم پاران ان معاملي کي اٿارڻ جي لاءِ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ئي ’سي ٽي ڊي’ ماهل بلوچ کي منظر عام تي آڻي اهو الزام مڙهيو ته هنن هڪ عورت کي خودڪش جيڪيٽ سميت گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته سي ٽي ڊيءَ جي بيان ۾ وچڙ آهي، ان ڪري سندس موقف مشڪوڪ مڃيو ويندو.

ماهل بلوچ جي گهر ڀاتين جي وڊيو بيان جي ترديد

ماهل بلوچ جي ڀائٽي، بانگڙي بلوچ وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ماهل جي پاران جاري ڪيل اعترافي وڊيو ۾ ڪا حقيقت ڪانهي ۽ اسان کي لڳي ٿو ته کيس ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي اهو بيان ورتو ويو آهي.

هن چيو ته ماهل بالڪل بي ڏوهي آهي، ان ڪري کيس جلد کان جلد آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.

(مرتضيٰ زهريءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG