رسائی کے لنکس

اولهندي ڪناري ۾ يهودي عبادت گاه تي حملو، ست ڄڻا هلاڪ


اوڀر يروشلم ۾ سينگاگ تي ٿيل دهشت گرد حملو. 27 جنوري، 2023.
اوڀر يروشلم ۾ سينگاگ تي ٿيل دهشت گرد حملو. 27 جنوري، 2023.

پوليس ۽ طبي اٽالي ٻڌايو آهي ته جمعي جي ڏينهن اسرائيل جي قبضي واري اوڀر يروشلم ۾ هڪ يهودي عبادت گاه جي ٻاهران ٿيڻ واري فائرنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست ڄڻا مري ويا آهن، جڏهن ته هٿياربند حمله آور به موقعي تي مارجي ويو.

پوليس جي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جمعي جي شام لڳ ڀڳ ساڍي اٺين وڳي هڪ دهشت گرد يروشلم ۾ ’نيوياڪوف بليوارڊ’ تي واقع هڪ سينگاگ پهتو ۽ هن يهودي عبادت گاه ۾ موجود ماڻهن تي فائرنگ ڪئي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پوليس فورس يڪدم واردات جي هنڌ تي پهتي ۽ دهشت گرد کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ان تي فائرنگ ڪئي ۽ صورت حال تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.

پوليس جي ترجمان اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته دهشت گرديءَ جي هن واقعي ۾ ست ڄڻا هلاڪ ٿيا آهن.

پوليس کي واردات جي جاءِ تي هڪ سفيد موٽر گاڏي ملي آهي جنهن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته اها حملي آور جي هئي.

امرجينسي ريسپانس ايجنسيءَ جي هڪ پيراميڊڪ ٻڌايو ته هي هڪ سنگين دهشت گرد حملو هو.

ان چيو آهي ته 10 ڄڻا گولين جو نشانو بڻيا جن منجهان هڪ 70 ورهن جو شخص ۽ هڪ 14 سالن جو ٻار شامل آهن.

عبادت گاه جي ويجهو رهڻ واري هڪ 18 سالن جي شاگرد ماتنيل المالم واردات جي هنڌ تي اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته هن ڪيترن ئي گولين هلڻ جا آواز ٻڌا آهن.

(هن رپورٽ جي معلومات اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG