جاري هفتي دوران برطانيه ڇهن چيني سفارت ڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي. انهن تي الزام هيو ته هنن هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ مانچيسٽر ۾ قائم چيني سفارت خاني کان ٻاهر ڪٺي ٿيل ميڙ تي تشدد جي واقعي ۾ کلي هٿ چراند ڪئي هئي.
برطانوي پارليمان جي ميمبرن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن اربع ڏينهن ملڻ واريءَ هن خبر کي خوش آئند قرار ڏنو آهي، حالانڪه ڪن ميمبرن حڪومت پاران تڪڙو ردعمل نه ڏيکارڻ تي تنقيد ڪئي آهي.
پرڏيهي وزير جيمز ڪليورلي اربع ڏينهن اعلان ڪيو ته ’’ڇهن چيني سفارت خاني جي اهل ڪارن کي، جن ۾ قونصل جنرل به شامل آهي، آڪٽوبر ۾ پيش آيل هن شرمناڪ واقعي کان پوءِ ملڪ بدر ڪيو ويو’’.
جيمز ڪليورليءَ وڌيڪ چيو آهي ته برطانيه جي عمل دارن التجا ڪئي هئي ته چيني سفارت خاني جي انهن آفيسرن جو سفارتي استثنا ختم ڪيو وڃي ته جيئن مانچيسٽر جي پوليس انهن کان هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ ان واقعي جي باري ۾پڇا ڳاڇا ڪري سگهي.
اربع ڏينهن جاري ٿيل هڪ وڊيو ۾ جيمز ڪليورليءَ چيو ته ’’اسان سڀني مانچيسٽر ۾ واقع چيني سفارت خاني جي ٻاهران رڪارڊ ٿيل اڻ وڻندڙ وڊيو فٽيج ڏٺي آهي. اسان چيني سفارت خاني کي ان باري ۾ اطلاع ۽ ان جي ڊيڊلائين ڏني هئي جنهن جو اڄ آخري ڏينهن هو. اسان واضح لفظن۾ چيو هو ته اسان کي ان متعلق قدم کڻي ٻڌايو وڃي’’.
ان وڊيو ۾ چيني قونصل خاني سان تعلق رکڻ واري عملي جا فرد ڏسي سگهجن ٿا جن ۾ چيني قونصل جنرل زينگ شي يوان به شامل آهي، جيڪو قونصل خاني کان ٻاهر ڪٺي ٿيل ٻه درجن کان وڌيڪ مظاهرين جا بينر هٽائي اڇلائيندي نظر اچي رهيو آهي. بعد ۾ مظاهرين منجهان هڪ کي قونصليت جا عمل دار ٽانگو ٽالي ڪري آفيس اندر وٺي ويا جتي ان کي تشدد جو نشانو بنايو ويو. ان شخص جي سڃاڻپ بوب چين ٻڌائي ٿي وڃي، جيڪو لڏپلاڻ ڪري هانگ ڪانگ مان برطانيه منتقل ٿيو هو.
مانچيسٽر جي پوليس هن واقعي کان پوءِ هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ’’اسان کي ان شخص جي سلامتيءَ متعلق خطرو هو ان ڪري اسان پوليس کي گزارش ڪئي ته مداخلت ڪري ان شخص جي جان بچائي وڃي ۽ کيس قونصل خاني مان ٻاهر آندو وڃي’’.
فوري طور تي لنڊن ۾ چين جي سفارتي مشن پنهنجي رد عمل ۾ چيني پرڏيهي محڪمي جي ترجمان چيو آهي ته زينگ شي يوان ’’پنهنجي عهدي جو مدو پورو ڪري چڪو آهي ۽ تازين جاري ٿيل احڪامات جي روشنيءَ ۾ چين واپس وڃي چڪو آهي’’.
ان بيان ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته برطانوي عمل دار انهن پرتشدد مظاهرو ڪندڙن سان ٻٽ ٿي بيٺا رهيا ۽ ناجائز طور تي چيني سفارت خاني جي ارڪان تي تشدد جو الزام لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته دراصل چيني سفارتي عملو پاڻ تشدد جو نشانو بڻيو’’.
ان واقعي ۾ سامهون ايندڙ ڪنهن وڊيو ۾ اهو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته هن جهڳڙي جي دوران چيني عملو تشدد جو نشانو بڻيو.