رسائی کے لنکس

اڪيلو فرد به ظلم جي خلاف آواز اٿاري سگهي ٿو، مروه


ننيگرين جي اعلي تعليم جي حق ۾ آواز اٿارڻ جي لاءِ، بهادر افغان نياڻي، مروه جو اڪيلي سر احتجاج.
ننيگرين جي اعلي تعليم جي حق ۾ آواز اٿارڻ جي لاءِ، بهادر افغان نياڻي، مروه جو اڪيلي سر احتجاج.

طالبان جي طعنن جي پرواه نه ڪندي، 18 سالن جي اڪيلي افغان شاگردياڻيءَ آچر ڏينهن ننيگرين جي تعليم تي پابنديءَ جي خلاف ڪابل يونيورسٽيءَ ڪيمپس جي داخلي دروازي جي سامهون بيهي احتجاج ڪيو.

موره وڌيڪ سڃاڻپ نه ڪرڻ جي شرط تي اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته پنهنجي حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو مان پاڻ کي ايترو فخر واري ۽ مضبوط محسوس ڪيو، ڇو ته سندن خلاف بيهي مان پنهنجو حق گهري رهي هيس، جيڪو خدا اسان کي ڏنو آهي.

ڪابل يونيورسٽيءَ جي دروازي تي بيٺل طالبان محافظن جي سامهون مروه بنا خوف جي هڪ پلي ڪارڊ کنيون بيٺي رهي، جنهن تي عربي لفظ ’اقرا’ جنهن جو مطلب آهي ’پڙهو’ لکيل هو.

مروه جو احتجاج ان ڪري به غير معمولي هيو جو طالبان جي واپسيءَ کان پوءِ عورتن جي قيادت ۾ ٿيڻ وارا مظاهرا افغانستان ۾ تيزيءَ سان گهٽ ٿيندا ٿا وڃن، خاص طور تي سال جي شروعات دوران اهم سرگرم ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ ڊڄ جو ماحول وڌيل آهي.

شريڪ ٿيندڙن کي گرفتاريءَ، تشدد ۽ سماجي بدناميءَ جو خطرو رهندو آهي، پر مروه پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهي.

ان جي ڀيڻ هڪ ڪار ۾ ويهي فون تي مروه جي خاموش احتجاج جي وڊيو ٺاهي جڏهن هوءَ ملڪ جي سڀني کان وڏي باوقار اداري، ڪابل يونيورسٽي ڪيمپس جي دروازي کان رڳو هڪ ميٽر جي فاصلي تي پوسٽر جهلي بيٺي رهي.

عورتن جي حقن تي پنهنجي تازي حملي ۾ طالبان گزريل هفتي عورتن جي لاءِ يونيورسٽيءَ جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي جنهن جي ڪري بين الاقوامي سطح تي ڏک ۽ رنج پيدا ٿيو. ڪجهه عورتن ان پابنديءَ جي خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن کين تڪڙو ڇڙ و ڇڙ ڪيو ويو.

ايجنسي فرانس پريس سان ڳالهائيندي، مروه چيو ته هنن مون سان گهڻيون اعتراض جهڙيون ڳالهيون ڪيون، ليڪن مان سڪون سان بيٺي رهيس.

هن چيو ته اڪيلي افغان نينگريءَ جي طاقت ڏيکارڻ چاهيان پئي ۽ اها ڳالهه ته اڪيلو فرد به ظلم جي خلاف کڙو ٿي سگهي ٿو.

مروه ٻڌايو ته جڏهن منهنجي ٻي ڀيڻ ڏسندي ته هڪ اڪيلي ڇوڪري طالبان جي خلاف بيٺي رهي ته ان مثال جي ڪري کيس به پنهنجي حق جي لاءِ بيهڻ جو حوصلو ملندو ۽ طالبان کي هار نصيب ٿيندي.

طالبان آگسٽ 2021 ۾ اقتدار ۾ واپس اچڻ کان پوءِ پنهنجي پراڻي اقتدار جي دور جي ڀيٽ ۾ حڪمرانيءَ جي هڪ نرم شڪل جو وعدو ڪيو هو، ليڪن ان وعدي جي پاسداريءَ ڪرڻ بجاءِ هنن عورتن تي سخت پابنديون عائد ڪري موثر طريقي سان هنن کي عام زندگيءَ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي.

ڇنڇر ڏينهن طالبان سمورن امدادي گروهن کي خواتين ملازمين کي ڪم تي اچڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو. نينگرين جا ثانوي اسڪول هڪ سال کان بند پيا آهن جڏهن ته گهڻيون عورتون پنهنجي سرڪاري ملازمت وڃائي چڪيون آهن، کين گهر تي رهڻ جي لاءِ سندن پگهار جو ڪجهه حصو ڏنو ويندو آهي.

عورتن کي تفريحي هنڌن، پارڪن، جم ۽ عوامي حمامن ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. طالبان جو چوڻ آهي ته پابنديون ان لاءِ آهن ڇو ته عورتون حجاب پائڻ سميت إسلامي لباس جي پابندي نه پيون ڪن.

پينٽنگ تخليق ڪرڻ جو خواب ڏسڻ واري مروه چيو آهي ته سندس ملڪ عورتن جي لاءِ قيد خانو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته مان قيد ٿيڻ نه ٿي گهران. منهنجا ڪيترائي خواب آهن جيڪي مان حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي. ان ڪري، مان احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

(هيءَ رپورٽ ايجنسي فرانس پريس جي مواد تي مشتمل آهي)

XS
SM
MD
LG