اسپيس ايڪس ناسا جي بين الاقوامي اسپيس اسٽيشن تي نئون عملو پهچايو آهي، جنهن ۾ پهرين روسي خلاباز به شامل آهي، جيڪا ويهن سالن ۾ آمريڪا جي سهڪار سان خلا ۾ پهتي آهي.
خلائي ڪيپسول فلوريڊا جي ڪيپ ڪانيورل مان ناسا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر تان اربع ڏينهن روانو ٿيو، جيڪو خميص ڏينهن خلائي اسٽيشن تي لنگرانداز ٿيو. چئن ڄڻن تي مشتمل هي نئون عملو اتي موجود خلابازن جي جاءِ والاريندو جيڪي پنهنجي ’اسپيس ايڪس’ ڪيپسول ۾ اڳئين هفتي زمين ڏانهن واپس موٽندا.
اسپيس ايڪس هڪ ڏينهن اڳ مدار ۾ داخل ٿيو ۽ 260 ميل (420 ڪلوميٽر) پري خلائي اسٽيشن پهتو، جيڪو اوقيانوس سمنڊ جي مٿان ۽ افريقا جي اولهندي ساحلي ڪناري جي مٿان واقع آهي.
جيئن ئي نئون خلائي ڪيپسول اتي پهتو ته اتي جي رهائشين نون ايندڙن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ٻڌايو ته سندن جايون خالي آهن۽ اهو چئي ٻاهريون لائٽون کوليون.
ان تي، نئين ڪيپسول جي ڪپتان، من چيو ته ’’توهان زبردست انسان آهيو’’.
من ۽ سندس ساٿي پراڻن خلابازن جي جائي ورتي آهي جن مان ٽي آمريڪي ۽ هڪ اٽليءَ جو هو، جيڪو لڳ ڀڳ ڇهه مهينا خلائي اسٽيشن تي رهيا آهن. اڳئين هفتي تائين يارهن ڄڻا خلائي اسٽيشن تي رهندا ۽ آربٽنگ ليب ’شيئر’ ڪندا.
ناسا جو خلاباز فرينڪ روبيو ٻه هفتا اڳ هتي پهتو آهي. هو سويوز راڪيٽ ذريعي قزاقستان مان مدار ۾ پهتو، جيڪو ناسا ۽ روسي اسپيس ايجنسيءَ وچ ۾ سهڪار جو نتيجو آهي.
گزريل سال ٻنهين ادارن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو هو ته ٻئي ملڪ هميشه هڪ ٻئي جو هڪ خلاباز کي ساڻ خلائي اسٽيشن پهچائيندا.
جڏهن ٻه سال اڳ ايلون مسڪ جي اسپيس ايڪس خلابازن کي آڻڻ نيڻ شروع ڪيو، ناسا ڪروڙين ڊالر خرچ ڪرڻ تي مجبور ٿيو ته سويوز جي ذريعي هڪ خلاباز خلا ۾ موڪلي.
فلوريڊا ۾ ناسان جي اداري کان خلائي اسٽيشن تائين 29 ڪلاڪن جي هن فلائيٽ ۾چار خلاباز موجود هيا. ان ۾ جاپان جي خلائي اداري جو خلاباز ڪوچي واڪاتا پنجون ڀيرو خلائي سفر تي آهي.
روني ٿيڻ کان اڳ واڪاتا ٻڌايو ته مون کي اميد آهي ته ان اڏام جي ذريعي اسان فلوريڊا جي آسمان کي هر هڪ جي لاءِ ٿورو وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيندا سين.
بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تي پنج مهينن جي هن مشن ۾ واڪاتا سان گڏ ٽي ٻئي خلاباز به شريڪ آهن جن ۾ هڪ آمريڪي ميرين جو ڪرنل نڪول من ۽ نيويءَ جي ڪپتان جاش ڪسنڊا آهي جيڪا زمين جي مدار ۾چڪر لڳائڻ واري پهرين اهڙي خاتون آهي جنهن جو تعلق قديم آمريڪي نسلي گروپ سان آهي، جڏهن ته هن خلائي سفر جي ٻي مسافر روس جي خلاباز اينا ڪيڪينا آهي جيڪا گزريل 20 سالن ۾ ڪنهن آمريڪي خلائي راڪيٽ مان بين الاقوامي خلائي اسٽيشن وڃڻ واري پهرين روسي خلابار آهي.
خلابازن جي اها ٽيم اڳئين سال مارچ تائين بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تي رهندي ۽ سندن واپسي اپريل ۾ ان وقت ٿيندي جڏهن انهن جي جاءِ والارڻ لاءِ آمريڪا ۽ اٽليءَ جو عملو اتي پهچندو.
ڪيڪينا روسي خلائي ايجنسيءَ جي خلاباز آهي جيڪا ناسا جي فرينڪ روبيو جي جڳهه وٺندي. هو ٻه هفتا اڳ هڪ ’سويوز راڪيٽ’ تي قزاقستان کان خلائي اسٽيشن ويو هو. ان سفر ۾ هن سان گڏ ٻه خلاباز ٻئي به هيا.
روس ڪم از ڪم 2024 تائين پنهنجا خلاباز بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تي موڪلڻ جي لاءِ تيار آهي.
روس جي هڪ خلائي عهديدار سرگئي ڪريڪالوف هن هفتي اخباري نمائندن کي ٻڌايو هو ته روس هن ڏهاڪي جي آخر ۾ مدار ۾ پنهنجو اسٽيشن تعمير ڪرڻ گهري ٿو. ليڪن، هن چيو ته، اسان کي خبر آهي ته جلديءَ ۾ ائين ڪرڻ ممڪن ناهي، ان ڪري شايد اسان ان وقت تائين ناسا سان گڏجي پرواز ڪندا رهندا سين.
ڪيڪينا راڪيٽ ذريعي زمين کان خلا ڏانهن پرواز ڪرڻ واري پنجين روسي خاتون آهي.
(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)