رسائی کے لنکس

راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ مچڻ جي ڪري 12 ڄڻا فوت


سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي سائيٽ جي علائقي ۾ سيڌي جي ورهاست دوران ڀاڄ مچڻ جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي محمد ثاقب جي مطابق، جمعي ڏينهن ڪراچيءَ جي سيٽلائيٽ ايريا جي هڪ فيڪٽريءَ ۾ راشن ورهائجي رهيو هو جتي ڪيترا ئي ضرورت مند موجود هيا.

ريسڪوي اهل ڪارن مطابق ڀاڄ مچڻ جي ڪري ڪيترا ئي فرد بي هوش ٿيا جڏهن ته هلاڪتن ۾ اڃان واڌ جو امڪان آهي.

پوليس چيو آهي ته راشن يا زڪوات ورهائڻ جو اڳواٽ ڪو اطلاع نه ڏنو ويو هو. ان خلاف ورزيءَ تي ستن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي امدادي ادارن جا ڪارڪن موقعي تي پهچي ويا ۽ متاثر ماڻهن کي اسپتال پهچايو ويو. عباسي شهيد اسپتال جي انتظاميا چيو آهي ته ڀاڄ مچڻ جي ڪري نون ڄڻا مري ويا جن ۾ ڇهه عورتون ۽ ٽي ٻار شامل آهن. اسپتال ۾ هائي الرٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوريءَ واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي ڪمشنر ڪراچيءَ کان رپورٽ گهرائي آهي. زخمين کي گهربل علاج جو سهولت ڏيڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.

ميڊيا جي مڪاني ذريعن جي رپورٽن مطابق، ڀاڄ مچڻ جي ڪري ويجهي نالي جي ڀت ڪري پئي جنهن جي ڪري به ڪجهه ماڻهن جو موت واقع ٿيو.

XS
SM
MD
LG