رسائی کے لنکس

پشاور: پوليس لائنز جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪو، 61 ڄڻا فوت 150 زخمي


پوليس لائنز مسجد
پوليس لائنز مسجد

خيبر پختونخوا جي گاديءَ واري هنڌ پشاور ۾ پوليس لائنز جي مسجد ۾ ٻپهريءَ جي نماز جي دوران خودڪش حملي ۾ 61 ڄڻا فوت ۽ گهٽ ۾ گهٽ 150 زخمي ٿيا.

سيڪيورٽي عمل دارن مطابق خودڪش حملي ڪندڙ مسجد ۾ نماز جي دوران پهرئينءَ صف ۾ موجود هيو جنهن جماعت شروع ٿيڻ کان پوءِ ڌماڪو ڪيو.

ڌماڪو ايترو ته شديد هيو جو ان سان مسجد جون سموريون دريون ۽ دروازا ٽٽي پيا جڏهن ته ڇت جو ڪجهه حصو ڪري پيو.

پشاور مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي شميم شاهد مطابق پوليس لائنز شهر جو اهم علائقو آهي جتي ڪيترين ئي اهم سرڪاري عمارتن کان سواءِ عدالتون به آهن.

مسجد ۾ ڌماڪي کان پوءِ قانون نافذ ڪرڻ وارا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ پهچائڻ شروع ڪيو ويو.

ڌماڪي کان جلد پوءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ امرجنسي نافذ ڪئي وئي ۽ ويجهين شاهراهن کي آمد و رفت جي لاءِ بند ڪيو ويو، ته جيئن زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي.

ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين جو تعداد ايتري حد تائين گهڻو هو جو ان جي انتظاميه مڪاني ميڊيا جي ذريعي شهرين کي رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

اسپتال جي ترجمان محمد عاصم مطابق سو کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو جن منجهان ڪجهه جي حالت تشويش ناڪ هئي.

ترجمان مطابق، زخمين ۾ پوليس عمل دار به شامل آهن.

خودڪش حملي کان جلد پوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ ورتو. خودڪش حملي آور ۽ ڌماڪي ۾ استعمال ٿيڻ واري بارودي مواد جي متعلق فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

بلنڪن پاران تعزيت ۽ افسوس جو اظهار

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن پشاور جي مسجد ۾ ٿيڻ واري ’’خوفناڪ حملي’’ تي ڏک ۽ افسوس ظاهر ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ بلنڪن چيو ته ڪنهن به هنڌ ۽ ڪنهن به سبب جي ڪري دهشت گرديءَ جو دفاع نه ٿو ڪري سگهجي.

فوت ۽ زخمي ٿيڻ وارن خاندانن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي، پنهنجي بيان ۾ هن پونئيرن سان تعزيت ڪئي آهي ۽ زخمين جي جلد صحت يابيءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني جي هڪ بيان ۾ 30 جنوريءَ تي پشاور جي پوليس لائنز مسجد ۾ ٿيندڙ ’’خوفناڪ ڌماڪي’’ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. سفارت خاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا دهشت گرديءَ جي مذمت ڪري ٿو، چاهي اها ڪنهن به قسم جي ۽ ڪنهن به شڪل ۾ هجي.

ڌماڪي جي سمورن پهلوئن تي تحقيقات جاري

داخله جي وفاقي وزير رانا ثناالله چيو آهي ته پشاور ۾ پوليس لائنز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي سمورن طرفن کي سامهون رکي تحقيقات ڪئي پئي وڃي.

سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته وفاقي اداري خيبر پختونخوا جي حڪومت سان گهربل سهڪار ڪري رهيا آهيون.

هن ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشت گرد انسانيت ۽ اسلام جا دشن آهن. هن اهو عزم ظاهر ڪيو ته دهشت گرديءَ کي شڪست ڏينداسين ۽ دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين.

’چونڊن کان اڳ دهشت گرديءَ جا واقعا معني خيز آهن’

هوڏانهن پرڏيهي ناتن جي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداريءَ پشاور جي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ضمني ۽ عام چونڊن کان اڳ دهشت گرديءَ جا واقعا معني خيز آهن.

هڪ بيان ۾ هن ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن سان گڏ سهولت ڪارن جي خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي.

هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نيشنل ايڪشن پلان ئي دهشت گردن جو علاج آهي، جنهن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو.

سياسي رهنمائن جي مذمت

اڳوڻي وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين عمران خان پشاور خودڪش حملي جي مذمت ڪئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ضروري آهي ته خفيه اطلاع ڪٺا ڪرڻ جي نظام کي بهتر ڪيو وڃي ۽ پوليس کي هٿيارن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اها دهشت گرديءَ جي وڌندڙ خطرن سان نبري سگهي.

سياسي جماعت، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومنيٽ (اين ڊي ايم) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبير، محسن داوڙ خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ جنگ جاري آهي ۽ اتان جا رهواسي فوت ٿي رهيا آهن.

پوليس کي نشانو بڻايو پيو وڃي

بچاءَ جي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پوليس کي نشاني تي رکيو ويو آهي. ٻه ٽي هفتا اڳ بنونءَ ۾ سي ٽي ڊيءَ جي عمارت کي نشانو بنايو ويو هو، اتي به پوليس اهلڪار ئي موجود هيا.

خانگي نشرياتي اداري ’جيو نيوز’ سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ’نيڪٽا’ کي هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ريت 10 سال اڳ دهشت گرديءَ تي قابو پاتو ويو هو.

هن چيو ته مسجدن ۾ دهشت گرديءَ سان مذهب جو چهرو مسخ ٿئي ٿو. اهڙي قسم جا واقعا اسلام ۽ اسلامي دنيا جي بدناميءَ جو باعث بڻجن ٿا.

خواجا آصف مطابق، خيبرپختونخوا ۾ امن بحال ڪيو ويندو.

XS
SM
MD
LG