رسائی کے لنکس

سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل تي عمل درآمد روڪي ڇڏيو


پاڪستان سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن متعلق پارليامينٽ مان منظور ٿيل بل تي عمل درآمد روڪي ڇڏيو آهي.

لکت ۾ڏنل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته بل جي ذريعي اڳ واري وقت ۾عدالتي آزاديءَ ۾ مداخلت ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي اٺ رڪني بينچ متفق طور تي هيءُ حڪم ڏنو هو.

اٺن صفحن تي مشتمل تحريري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر’ بل تي اڳئين ڪنهن حڪم تائين ڪنهن به انداز ۾ عمل نه ڪيو ويندو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جنهن لمحي تجويز ڪيل قانون تي پاڪستان جي صدر صحي ڪري ان کان اڳئين لحظي ۾ بل تي ڪنهن به طريقي سان عمل نه ڪري سگهبو.

عدالت اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ بار ايسو سي ايشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن.

عدالت پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي)، پاڪستان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ق) ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي ٻئي مئي تي ساڍي يارهين وڳي ٿيندي.

ان کان اڳ، سپريم ڪورٽ جي اٺ رڪني بينچ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ڪيس جي سماعت ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڏسڻو پوندو ته بل آئين سان ٽڪراءَ ۾ ته ناهي. هن چيو ته آزاد عدليه تمام اهم آهي. ليڪن ان جي دل ۾ پارليامينٽ جي لاءِ ڏاڍو احترام آهي.

ڏسڻو پوندو ته سپريم ڪورٽ بابت بل آئين سان ٽڪرائي ته نٿو: چيف جسٽس

ان کان اڳ، چيف جسٽس جا اختيار محدود ڪرڻ بابت ھڪ بل خلاف درخواستن تي ابتدائي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سپريم ڪورٽ جي اٺ رڪني بينچ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ خميس ڏينھن "سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل" خلاف داخل ٿيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت کي ڏسڻو پوندو ته بل آئين سان ٽڪرائي ته نٿو. هن چيو ته آزاد عدليه تمام ضروري آهي، پر کيس پارليامينٽ جو به تمام گهڻو احترام آهي.

اسلام آباد مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي راڻا موجب بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن.

عدالت اٽارني جنرل کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ سياسي پارٽين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين ٻڌڻي ڪرڻ واري لارجر بينچ تي اعتراض ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ھڪ قانون اڃا ٺھيو ئي ناهي پر ان تي ٻڌڻي لاءِ بينچ ٺهي ويو آهي، اها صورتحال افسوسناڪ آهي.

هن چيو ته اٺ رڪني بينچ ’پڪ اينڊ چوز’ (پنهنجي پسند مطابق ماڻھن جي چونڊ) ذريعي ٺاهي وئي، جنهن ۾ ٻه سينيئر جج شامل ناهن.

قانون واري وزير چيو ته بل چيف جسٽس جي اختيار سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري کيس ان بينچ ۾ ھئڻ ئي نه گهرجي. ھن چيو ته "اسين اميد ڪريون ٿا ته اھو بينچ اڄ ٽوڙي ڇڏيو ويندو".

واضح رهي ته سومر ڏينهن پارليامينٽ "جوڊيشل ريفارمز بل" منظور ڪيو ھو، جنھن بعد ان خلاف داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ اربع تي چيف جسٽس خود پنھنجي اڳواڻي ۾ ھڪ 8 رڪني لارجر بينچ جوڙيو هو.

"بينچ کي رد ڪرڻ بغاوت جي برابر آهي"

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوھدري چيو آهي ته حڪومتي اتحاد پاران سپريم ڪورٽ جي بينچ کي رد ڪرڻ وارو بيان بغاوت جي برابر آهي.

ٽوئيٽر تي ھن چيو ته آئين حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪرڻ جو پابند بڻائي ٿو، ڪابه حڪومت پنھنجي پسند جو بينچ نٿي گُھري سگهي.

ياد رهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ چيف جسٽس آف پاڪستان جا پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اختيار گھٽائڻ بابت ”سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل“ اتفاقِ راءِ سان منظور ڪيو هو.

بل دستخط لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏانهن موڪليو ويو ھو، پر هُن اعتراض لڳائي بل واپس پارليامينٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جنھن بعد ان بِل کي پارليامينٽ جي ھڪ گڏيل اجلاس ۾ اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.

ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن احتجاج ڪيو ھو.

XS
SM
MD
LG