رسائی کے لنکس

شفاف چونڊن ۾ بدنيتيءَ تي سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي، چيف جسٽس


سپريم ڪورٽ جي عمارت (فائيل فوٽو)
سپريم ڪورٽ جي عمارت (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي چيف جسٽس، عمر عطا بنديال چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي آئين هيٺ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو اختيار حاصل آهي. جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي.

چيف جسٽس اهي رمارڪس اربع ڏينهن لاهور جي ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) غلام محمود ڊوگر جي بدلي ٿيڻ جي خلاف داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻيءَ جي دوران ڏنا.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني ادارن کي پنهنجي فيصلن ۾ تحفظ ڏنو آهي. عدالت تي به حملا ٿي رهيا آهن، ليڪن عدالتن جي به حفاظت ڪنداسين.

چيف جسٽس جي اڳواڻيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ هن ڪيس کي ٻڌو. بينچ ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس مظاهر نقوي به شامل آهن.

ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته شفاف چونڊون يقيني بنائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آئين جي قلم 218 هيٺ اختيار استعمال ڪندي آهي ۽ نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان عمل دارن جي بدلي ڪندي آهي.

هن چيو ته نگران حڪومت کي پاڻ مرادو بدلين جو اختيار نه ڏيڻ کپي ۽ اليڪشن ڪميشن کي عمل دارن جي بدلين متعلق اڳ واٽ اجازت وٺڻ گهرجي.

عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ برابريءَ ۽ سنوت جو موقعو ڏنو وڃي.

ماضيءَ جو حوالو ڏيندي، هن چيو ته ڪنهن وقت سپريم ڪورٽ جي ڳالهن کي غلط سمجهيو ويندو آهي. سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ چيو هو ته 1988 ۾ هڪ ايماندار وزير اعظم هيو. عدالت جي ان ڳالهه کي پارليامينٽ غلط سمجهو. عدالت اهو نه چيو هو ته اڄ تائين ڇڙو هڪ ئي ايماندار وزير اعظم آيو هو.

سي سي پي او جي وڪيل عابد زبيري ايڊوڪيٽ چيو ته هن غلام محمود ڊوگر کي عهدي تان هٽائڻ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. ان تي چيف جسٽس چيو ته سروسز ٽريبيونل جي هڪ بينچ غلام محمود ڊوگر کي بحال ڪري ڇڏيو هو، ليڪن سروسز ٽريبيونل جي ٻئي بينچ بحاليءَ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو هو.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ۾ سڀني جي لاءِ سنوت ۽ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ، ڪاموري شاهيءَ جي بدلي ڪرڻ به اليڪشن ڪميشن جي اختيار ۾ شامل آهي. آئين جي مطابق، شفاف انتخابات ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذمي داري آهي.

ايڊووڪيٽ سجيل سواتيءَ وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت به اليڪشن ڪميشن جي منظوري سان ڪنھن آفيسر جي بدلي ڪري سگهي ٿي.

جسٽس يحيٰ آفريدي پڇا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن غلام محمود ڊوگر جي بدلي جي منظوري ڪڏهن ڏني؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪميشن نگران حڪومت کي سي سي پي او لاهور جي بدلي جي زباني منظوري 23 جنوري تي ڏني هئي.

هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي نگران حڪومت چونڊن جي شفافيت لاءِ بيوروڪريسي کي تبديل ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن بعد اليڪشن ڪميشن اھڙي فيصلي جي منظوري ڏني.

ان تي سي سي پي او جي وڪيل عابد زبيري ايڊووڪيٽ چيو ته هو غلام محمود ڊوگر جي بدلي خلاف درخواست واپس وٺي رهيو آهي، جنهن تي سپريم ڪورٽ اھو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

’آڊيو ٽيپ ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي’

ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني ادارو آهي جنهن کي آڊيو ٽيپس ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته "اسين صبر ۽ درگزر کان ڪم وٺي آئيني اداري جو تحفظ ڪنداسين’’.

هن چيو ته آئيني ادارن کي بدنام ڪندڙ آڊيو ٽيپ جي ڪا به اهميت ڪانهي.

واضح رهي ته تازو ئي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي هڪ مبينه آڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ هو پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان ڪنھن ڪيس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو ھو.

جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف پاڪستان بار ڪائونسل پاران سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ھڪ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي ۽ مٿس لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائڻ جي پڻ گُھر ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته پرويز الاهي ۽ ايڊووڪيٽ عابد زبيري جي به هڪ مبينه آڊيو سامهون آئي هئي، جنهن ۾ هو سي سي پي او جي بدليءَ واري ڪيس بابت ڳالھائي رهيو هو. ان آڊيو ۾ به جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جو ذڪر سامهون آيو ھو.

XS
SM
MD
LG