رسائی کے لنکس

طالبان پاران افغانستان لاءِ وي او اي، آر ايف اي-آر ايل نشريات تي بندش عائد ڪرڻ جو دفاع


واشنگٽن ڊي سي ۾ ’وائس آف آمريڪا’ جي عمارت.
واشنگٽن ڊي سي ۾ ’وائس آف آمريڪا’ جي عمارت.

طالبان جي اسلام نواز حڪومت افغانستان ۾ وائس آف آمريڪا سميت ٻن ٻين آمريڪي فنڊز تي هلندڙ نيوز ميڊيا جي ايف ايم ريڊيو نشريات تي لڳايل بندش جو دفاع ڪندي چيو آهي ته اهي مبينه طور تي مقامي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيا هيا.

وائس آف آمريڪا ۽ آزادي ريڊيو، جيڪو ريڊيو فري يورپ، ريڊيو لبرٽي، يا آر ايف اي-آر ايل، آهي ان تي خميص جي ڏينهن پابندي عمل ۾ آئي، جنهن کان هڪ ڏينهن اڳ طالبان جي اطلاعات ۽ ثقافت جي وزارت چيو هو ته ان کي پروگرامن جي مواد متعلق شڪايتون مليون آهن، ليڪن هن ان جي ڪا وضاحت پيش نه ڪئي.

اها ڳالهه اڃان واضح ڪونهي ته ڇا اها بندش ٻين بين الاقوامي نشريات تي به لاڳو ڪئي ويندي جيڪي ادارا افغانستان ۾ ايف ايم نشريات جي لاءِ ساڳيو ئي نظام استعمال ڪري رهيا آهن.

طالبان جي پرڏيهي ناتن جي وزارت جي ترجمان، عبدالقهار بلخيءَ وائس آف آمريڪا کي لکت ۾ ڏنل جواب ۾ چيو آهي ته ’’افغانستان وٽ پريس جا قانون موجود آهن ۽ جيڪڏهن ڪو نيٽ ورڪ انهن ضابطن جي خلاف ورزيءَ ۾ ملوث ڏٺو ويو ته افغانستان مان ان جي لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ ۽ ان جي نشريات افغانستان تائين رسڻ جي اجازت واپس ورتي ويندي’’.

بلخيءَ چيو ته ’’وي او اي ۽ آزادي ريڊيو انهن قانونن جي پابندي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، ڏٺو ويو ته اهي وري وري ساڳئي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، انهن پيشه وارانه انداز نه ڏيکاريو، ان ڪري کين بند ڪرڻو پيو’’.

آمريڪي فنڊز تي هلندڙ اهي خبرن جون تنظيمون صحافتي آزادي تحت ڪم ڪري رهيون آهن، جن جو مقصد مربوط ۽ متوازن ڪوريج فراهم ڪرڻ آهي.

اياز گل جي رپورٽ مطابق، وائس آف آمريڪا جي افغان سروسز 15 ايف ايم چينلز ۽ ٻن ميڊيم ويو (ايم ڊبليو) چيلنز تي هر روز 12 ڪلاڪ نشريات پيش ڪنديون آهن، سندس پروگرام پشتو ۽ دري زبانن ۾ ورهايل هوندا آهن، جيڪي افغانستان جي پٺتي پيل ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن تائين پهچندا آهن، جتي ريڊيو ئي اطلاعات جو بنيادي ذريعو آهي.

طالبان آگسٽ 2021 ۾ افغانستان جي اقتدار تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو، جنهن کان ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ آمريڪا ۽ نيٽو جي سموري فوج ملڪ مان واپس ٿي وئي، جتي اها ان وقت جي اسلام پرست باغي گروپ سان لڙائي ڪندي رهي هئي.

تڏهن کان وٺي طالبان تنازعي ۾ ڦاٿل ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ شريعت جي سخت تشريح واريءَ سوچ تي عمل درآمد ڪندي حقن ۽ آزادين کي محدود ڪندا ٿا وڃن.

انهن پابندين ۽ مالي مشڪلن جي ڪري، اطلاعات مطابق، ڪيترا ئي درجن ٽيلي ويزن چينلز، ريڊيو اسٽيشنون ۽ پرنٽ ميڊيا افغانستان ۾ ڪم بند ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن، جڏهن ته هزارين صحافي پنهنجو روزگار وڃائي ويٺا آهن. طالبان پاران سختي اختيار ڪرڻ جي دٻاءَ ۽ ڊپ جي ڪري، افغان ميديا جا هزارين ڪارڪن ملڪ مان ٻاهر فرار ٿي چڪا آهن.

فرانس ۾ قائم عالمي ميڊيا جي نگرانيءَ واري گروپ، ’رپورٽرز ودائوٽ بارڊرز’، جنهن کي سندس فرانسيسي زبان جي مخفف ’آر ايس ايف’ جي نالي سان به ڄاتو ويندو آهي، اعلاع ڏنو آهي ته جڏهن کان طالبان اقتدار سنڀاليو آهي ملڪ ۾ 40 في صد ميڊيا جا ادارا بند ٿي ويا آهن جڏهن ته 60 في صد صحافي پنهنجو روزگار وڃائي ويٺا آهن.

وائس آف آمريڪا جا دري ۽ پشتو جا ريڊيو پروگرام 1980 جي ڏهاڪي دوران افغانستان جي لاءِ شروع ٿيا جڏهن ڏکڻ ايشيا جو هي ملڪ سويت فورسز جي قبضي ۾ آيو.

مقامي زبان جي نشريات کي ڀروسي ۽ اعتبار جي قابل هئڻ جي ڪري عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي.

وائي آف آمريڪا جي پشتو سروس جي اعلاع مطابق، ڊجيٽل ميڊيا جي ذريعي، وي او اي افغانن جي وڏي تعداد تائين پهچندو آهي. مارچ ۾ طالبان وي او اي جي آشنا ٽي وي نيوز شوز تي بندش عائد ڪئي جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي افغان قومي ٽيلي ويزن، طلوع نيوز ۽ لمار تي نشريات پيش ڪندو هو.

هوڏانهن خميص ڏينهن ’ايمنسٽي انٽرنيشنل’ هڪ ٽوئٽر پوسٽ ۾ چيو آهي ته جڏهن کان طالبان افغانستان جي اقتدار تي قبضو ڪيو آهي تڏهن کان وٺي سڀني افغانن جي زندگيءَ ۾ وڏي پيماني تي اثر پيو آهي، خاص طور تي ملڪ جي عورتن ۽ نينگرين کي ڏکيا ڏينهن درپيش آهن. هنن کي روز مره زندگي گزارڻ ۾ سخت پابندين سان واسطو پيو آهي.

ملڪ تي قبضي کان پوءِ، طالبان عورتن تي سفر جون پابنديون لڳايون ويون آهن. اهي هاڻي، ڪنهن مرد محرم ساڻ هئڻ کان سواءِ پري جو بس جو سفر نه ٿيون ڪري سگهن. عورتن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي بنان پردي جي ٻاهر نه ٿيون نڪري سگهن، جڏهن ته نوجوان نينگرين کي ثانوي اسڪول وڃڻ جي اجازت ناهي.

ٻئي پاسي، وائس آف آمريڪا چيو آهي ته طالبان پاران وي او اي جي ايف ايم ۽ ميڊيم ويو ٽرانسميٽرن تي قبضو ڪرڻ ۽ گهڻن سالن تائين ڪارگر ڪانٽريڪٽ کي ختم ڪرڻ وڏي تعداد واري سامعن سان بي انصافيءَ جي برابر آهي، جيڪي بغير سينسر ٿيل خبرون ۽ اطلاعات بڌڻ لاءِ ’ريڊيو آشنا’ ٻڌندا هيا.

يولينڊا لوپيز
يولينڊا لوپيز

پنهنجي هڪ پيغام ۾، وائس آف آمريڪا جي قائم مقام ڊائريڪٽر، يولينڊا لوپيز چيو آهي ته انهن منجهان ڪافي پروگرام اهڙا هيا جن کي عورتون پيش ڪنديون هيون. انهن ’ڪال ان’ پروگرامن ۽ ’مذاڪراتي شوز’ جي مدد سان عام افغان پنهنجو آواز ٻڌائي سگهن پيا، جن کي داخلي ميڊيا سينسر جي ڪري پيش ڪرڻ کان محروم هئي.

هن چيو ته وي او اي تي ملڪ اندر بندش لڳائڻ جي ڪري اسان خاموش نه وهنداسين. ان جي ڪري صرف ايترو ٿيندو جو افغانستان ۾ جڪڙيل سامعين تائين پهچڻ جي اهميت وڌي ويندي.

هن وقت وائس آف آمريڪا هر هفتي 73 لک بالع آباديءَ تائين پهچي رهيو آهي، جيڪي ملڪ جي بالغ آباديءَ جو ٽيون حصو آهن. ان مان اڌ جي برابر سامعين ريڊيو جي ذريعي اسان جون نشريات ٻڌندا آهن ۽ طالبان اسان جو ڪم وڌيڪ ڏکيو ڪيو آهي. پر خوش قسمتيءَ سان پنهنجي ٻين ذريعن کي ڪتب آڻيندي وي او اي افغانستان جي وڏي ’آڊئينس’ تائين رسائي حاصل ڪري وٺندي، جنهن جي لاءِ 469 سيٽلائيٽ چينل موجود آهي جيڪا سڄو هفتو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندي، ۽ 972 ’ڪي ايڇ زيڊ’ جي تاجڪستان مان شورٽ ويو ريڊيو، ميڊيم ويو اسٽيشن شامل آهي. ساڳي وقت، دري ۽ پشتو جا ويب سائيٽس ۽ سوشل ميڊيا موجود آهي جنهن ۾ ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ يوٽيوب شامل آهن. ان سلسلي ۾، اسان سرگرميءَ سان اضافي راهون اختيار ڪنداسين ته جيئن افغانستان جي سامعين کي پنهنجي مشن جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ انهن تائين بهتر نموني پهچي سگهجي.

اڪمل دعويءَ به هن رپورٽ لکڻ ۾ حصو ورتو.

XS
SM
MD
LG