رسائی کے لنکس

افغانستان ۾ سخت سيءَ، هفتي اندر 78 ڄڻا فوت، طالبان


افغانستان جي بدخشان صوبي ۾ سخت سردي ۽ برف باري. رهواسين کي کاڌي خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ درپيش. 18 جنوري 2023.
افغانستان جي بدخشان صوبي ۾ سخت سردي ۽ برف باري. رهواسين کي کاڌي خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ درپيش. 18 جنوري 2023.

افغانستان ۾ طالبان حڪومت چيو آهي ته افغانستان ۾ سرديءَ جي شدت جي ڪري پوئين هفتي 78 ماڻهو مري ويا آهن.

خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، طالبان جي قومي آفتن متعلق حڪومتي وزارت جي ترجمان، شفيع الله رحيميءَ چيو آهي ته 10 جنوريءَ کان پوءِ سرديءَ ۾ اچڻ واري شدت جي ڪري 78 هلاڪتون ٿيون ۽ 75000 کان مٿي مال متاع هلاڪ ٿي ويو آهي.

ترجمان ٻڌايو ته طالبان پوري ملڪ ۾ اندازا 10 لک ماڻهن تائين امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شديد سرد موسم ۾ وڌيڪ گهراڻن تائين امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي.

آگست 2021 ۾ افغانستان تي طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ملڪي معيشت ۾ اچڻ واري ابتريءَ جي ڪري لکين ماڻهو غربت ۽ بک جو شڪار ٿيا آهن.

گڏيل قومن جي اداري جي انساني ناتن جي دفتر خميص ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سخت سيءَ جي ڪري افغانستان جي اولهندي ۽ اترئين علائقي ۾ مبينه طور تي هزارن جي تعداد ۾ مال مويشي هلاڪ ٿي چڪو آهي.

گڏيل قومن جي اداري پاران امداد وصول ڪرڻ جي لاءِ عورتون قطار ۾ لڳل (فائيل فوٽو)
گڏيل قومن جي اداري پاران امداد وصول ڪرڻ جي لاءِ عورتون قطار ۾ لڳل (فائيل فوٽو)

عالمي اداري چيو آهي ته مال جي هلاڪت ۽ ملڪيت جي نقصان جي ڪري افغان خاندانن جي مشڪلات ۾ اڃان واڌ اچي وئي آهي. ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ 12 لک شهرين کي خوراڪ جي فراهمي ۽ زراعت جي سلسلي ۾ مدد جي ضرورت آهي.

موسمياتي اڳ ڪٿيءَ جي لحاظ کان هلندڙ هفتي جي پڄاڻيءَ تائين افغانستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ درجه حرارت منفي 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو.

انساني ڀلائيءَ جي لاءِ ڪم ڪرڻ واريون تنظيمون ڪيترن ئي گهراڻن کي گاسليٽ، روڪ رقم ۽ گرم ڪپڙا فراهم ڪري رهيون آهن.

ليڪن، گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته طالبان حڪومت جي پاران غير سرڪاري تنظيمن جي خواتين ڪارڪنن تي عملا پابنديءَ جي ڪري امدادي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.

(رپورٽ ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG