رسائی کے لنکس

اٽليءَ ۾ ٻيڙيءَ جي حادثي ۾ 80 افغان مري ويا آهن، افغان طالبان


حادثي جي شڪار ٻيڙيءَ مان بچي ويل مهاجر اٽليءَ جي ڏاکڻين سامونڊي ڪناري تي ويٺل. 26 فيبروري 2023.
حادثي جي شڪار ٻيڙيءَ مان بچي ويل مهاجر اٽليءَ جي ڏاکڻين سامونڊي ڪناري تي ويٺل. 26 فيبروري 2023.

افغانستان جي طالبان اختياريءَ وارن اڱاري تي چيو آهي ته اٽليءَ جي ڏاکڻين سامونڊي ڪناري جي ويجهو ٻيڙيءَ سان ٿيل حادثي ۾ مرڻ وارن ۾ عورتون ۽ ٻارن سميت 80 افغان شامل هيا.

هوڏانهن اٽليءَ ۾ امدادي ڪارڪنن هاڻي تائين 65 فوتگين جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته هنن جو چوڻ آهي ته 80 ڄڻن کي بچايو ويو آهي. ليڪن امدادي ڪاروائين جي نگراني ڪرڻ وارن ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ته مرڻ وارن جي انگ ۾ واڌ اچي سگهي ٿي.

افغانستان ۾ طالبان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عبدالقهار بلخيءَ چيو آهي ته سخت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اٽليءَ جي ڏکڻ ۾ واقع سامونڊي ڪناري ويجهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙ افغان مهاجر هيا، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن. اهي افغان ترڪيءَ کان ڪاٺيءَ جي هڪ ٻيڙيءَ تي اٽلي وڃي رهيا هيا.

پنهنجي بيان ۾ بلخيءَ طالبان حڪومت پاران مري ويلن جي لاءِ مغفرت ۽ متاثرين جي پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪندي، پنهنجي سمورن شهرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر تاڪيد ڪيو آهي ته اهي غير قانوني طريقي سان ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪن.

پاڪستان به اڱاري ڏينهن تصديق ڪئي ته ان حادثي ۾ ان جا ٻه شهري مري ويا آهن جڏهن ته 17 کي بچايو ويو آهي.

ان بدقسمت ٻيڙيءَ جي حادثي ۾ زنده بچڻ وارن ٻڌايو آهي ته سندن اندازي مطابق، ٻيڙيءَ تي 150 کان 200 ماڻهو سوار هيا جيڪي گهڻي ڀاڱي پاڪستاني يا افغان هيا.

اٽليءَ جي اختياريءَ وارن ٽن ڄڻن کي جن منجهان هڪ ترڪيه جو شهري ۽ ٻه پاڪستاني شهري آهن، انساني اسمگلنگ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو آهي.

سنه 2022 ۾ هڪ لک پنج هزارن کان وڌيڪ وطن ترڪ ڪندڙ سمنڊ جي رستي اٽليءَ پهتا جن منجهان گهڻن جو تعلق آفريقا، مشرق وسطيٰ ۽ ڏکڻ ايشيا سان هو.

اٽليءَ يورپي يونين جي ٻين ملڪن کي چيو آهي ته اهي اڳتي وڌن ۽ ڪجهه مهاجرن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏين.

ايسو سي ايٽڊ پريس چيو آهي ته اٽلي رسڻ جي لاءِ سمنڊ جو رستو تمام خطرناڪ آهي، جڏهن ته گهڻا غير قانوني تارڪين وطن اٽليءَ ۾ ترسڻ نه ٿا گهرن. سندن ڪوشش يورپ جي ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ تي لڳل هوندي آهي جتي انهن کي روزگار ملي سگهي يا اهي اتي وڃي پنهنجي خاندان جي ڀاتين سان گڏجن.

(هن خبر جو ڪجهه حصو وي او اي ۽ ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG