وڊيو شيئرنگ جي مقبول پليٽ فارم، ٽڪ ٽاڪ هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن دوران اداري جي ڪميونٽي گائيڊلائينز جي مبينه خلاف ورزين تي پاڪستان مان اپ لوڊ ٿيل لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 25 لک وڊيوز کي پنهنجي پليٽ فارم تان هٽائي ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي، آمريڪا انهن ملڪن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي آهي جتان اپ لوڊ ڪيل سڀني کان وڌيڪ وڊيوز ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم تان هٽايون ويون، جن جو تعداد هڪ ڪروڙ 40 لکن کان مٿي ٻڌايو پيو وڃي.
رپورٽ مطابق، هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن دوران پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن منجهان ٽڪ ٽاڪ جي پليٽ فارم تي اپ لوڊ ٿيل 10 ڪروڙ 23 لکن کان مٿي وڊيوز هٽايون ويون، جيڪي ٽڪ ٽاڪ جي مطابق، ڪمپنيءَ جي طرفان صارفين جي لاءِ ترتيب ڏنيل رهنما اصولن جي خلاف ۽ غير مصدقه معلومات تي مبني هيون.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي، جليل اختر جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، پهرين جنوري 2022 کان 31 مارچ 2022 تائين ٽڪ ٽاڪ تان هٽايل سموريون وڊيوز انهيءَ عرصي دوران اپ لوڊ ٿيڻ وارين وڊيوز منجهان هڪ في صد جي برابر ٻڌايون پيون وڃن.
ٽڪ ٽاڪ اهو به ٻڌايو آهي ته ان عرصي دوران سندس حفاظتي ٽيم جو توجه يوڪرين لڙائيءَ ڏانهن مرڪوز رهيو ۽ جنگ سان متعلق 41 هزار وڊيوز کي هٽايو، جن منجهان 87 في صد اهڙيون هيون جيڪي ٽڪ ٽاڪ جي مطابق مبينه طور تي نقصان ده معلومات ته مبني هيون.
ڪمپنيءَ رياست جي زير ڪنٽرول ڪم ڪندڙ روسي ميڊيا جي 49 اڪائونٽس تان اپ لوڊ ٿيڻ واري مواد کي به ليبل ڪيو آهي.
ان سان گڏ عالمي سطح تي ٽڪ ٽاڪ جي پاليسيءَ جي خلاف رائي عامه تي اثرانداز ٿيڻ کان پنهنجي صارفين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾، ٽڪ ٽاڪ سموري دنيا ۾ ڇهه نيٽ ورڪ ۽ 204 اڪائونٽس جي نشاندهي ڪرڻ کان پوءِ انهن کي پنهنجي پليٽ فارم تان ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.
ڊجيٽل حقن جي تحفظ لاءِ سرگرم نگهت داد چيو آهي ته اها هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته ٽڪ ٽاڪ جي طرفان فعال ڪردار ادا ڪري پنهنجي پليٽ فارم تي اپ لوڊ ٿيندڙ مواد تي نظر رکي پئي وڃي، ليڪن هن چيو ته ان سان گڏ و گڏ پاڪستان مان اپ لوڊ ٿيندڙ لکن جي تعداد ۾ وڊيوز کي ڊليٽ ڪرڻ جو معاملو تشويش جو باعث آهي.
ياد رهي ته آڪٽوبر 2020 کان جولائي 2021 تائين ٽڪ ٽاڪ تي مبينه طور غير اخلاقي مواد اپ لوڊ ٿيڻ ۽ ڪن ماڻهن جي شڪايتن تي پاڪستان ۾ وڊيو شيئرنگ جي هن پليٽ فارم تي چار ڀيرا پابندي عائد ٿي چڪي آهي.
نگهت داد چيو ته ٽڪ ٽاڪ پاڪستان کان اپ لوڊ ٿيڻ واري وڊيوز جي ايڏي وڏي تعداد ۾ هٽائڻ جو هڪ سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته ٽڪ ٽاڪ پنهنجي پليٽ فارم تان پاڪستان مان اپ لوڊ ٿيندڙ مواد جي باري ۾ وڌيڪ حساس آهي، ته جيئن کيس ٻيهر اهڙي صورت حال درپيش نه اچي.
هن کان اڳ پهرين آڪٽوبر 2021 کان 31 ڊسمبر 2021 تائين ٽڪ ٽاڪ ڪمپنيءَ جي ڪميونٽي گائيڊلائينز انفورس منٽ رپورٽ مطابق، سڄي دنيا مان سڀني کان وڌيڪ جن ملڪن جي وڊيوز ٽڪ ٽاڪ پنهنجي پليٽ فارم تان هٽايون انهن ۾ پاڪستان جي نمبر چوٿون ٻڌايو پيو وڃي، جتان ٽڪ ٽاڪ جي پاليسيءَ جي خلاف اپ لوڊ ٿيڻ واريون 65 لکن کان وڌيڪ وڊيوز هٽايون ويون.