رسائی کے لنکس

فاڪس نيوز جو ’ڊومينن’ اداري سان 78 ڪروڙ 70 لک ڊالر جو عدالت کان ٻاهر ٺاهه


فاڪس نيوز جي خلاف مقدمي ۾ ڊومينين ڪمپنيءَ جا وڪيل ويلمنگٽن جي عدالت مان ٻاهر نڪرندي. 18 اپريل 2023.
فاڪس نيوز جي خلاف مقدمي ۾ ڊومينين ڪمپنيءَ جا وڪيل ويلمنگٽن جي عدالت مان ٻاهر نڪرندي. 18 اپريل 2023.

بدناموسيءَ جي ڪيس ۾ فاڪس نيوز آمريڪي ووٽنگ جي ڳڻپ واريءَ مشين ٺاهيندڙ ۽ ان جون خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنيءَ ’ڊومينين ووٽنگ سسٽمز’ سان اڱاري ڏينهن 78 ڪروڙ ۽ 70 لک ڊالر جو ڏنڊ ڀري ’ڊومينين’ سان عدالت کان ٻاهر ٺاهه ڪيو آهي.

فاڪس نيوز ۽ ان جي پيرنٽ ڪمپنيءَ، فاڪس ڪارپوريشن 2020 جي صدارتي ڊوڙ ۾ ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوڙين دعوائن تي اليڪشن ٽيڪ ڪمپني، ’ڊومينين ووٽنگ سسٽمز’ جي پاران داخل بدناميءَ جي ڪيس جي ٻڌڻيءَ کان بچڻ جي لاءِ اها وڏي رقم ڏئي ٺاهه ڪري ورتو آهي.

آمريڪا جي ڪيترن ئي اهم نيٽ ورڪس ۽ سوشل ميڊيا هيءَ بريڪنگ نيوز ڏني آهي.

ڊيلاويئر سپيرير ڪورٽ جي جج ايرڪ ايم ڊيوس ڪيس جي شروعات جي لاءِ مقرر ٻڌڻيءَ کان اڳ اڱاري ڏينهن منجهند جو بينچ آڏو سمجهوتي جو اعلان ڪيو.

ڌريون ڊومينين جي ڏنڊ جي اصلي گهر 1.6 ارب ڊالر کان اڌ تي ٺاهه تي پهتيون. ڊومينين جي وڪيل جسٽن نيلسن چيو ته ’’اها رقم غلطي ۽ جوابداري جي مڃتا جو نتيجو آهي. ڪوڙ جو نتيجو اهو ئي ٿيندو آهي’’.

ڊومينين جي سي اي او جان پولوس اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته فاڪس ڊومينين جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جو اعتراف ڪيو، جنهن منهنجي ڪمپنيءَ، اسان جي ڪم ڪرڻ وارن ۽ انهن صارفين کي تمام گهڻو نقصان رسايو جن کي اسان خدمتون مهيا ڪندا آهيون’’.

هن چيو ته ’’ڪا به شئي لڳل ان ڌڪ جو ڪڏهن به پورائو نه ٿي ڪري سگهي. ان سڄي عمل جي دوران اسان الزام هڻڻ واري کي جوابدر ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي’’.

ڊومينين جي سربراه چيو ته ’’ميڊيا ۾ سچي رپورٽنگ اسان جي جمهوريت جي لاءِ تمام ضروري آهي’’.

فاڪس نيوز ٺاهه جي اعلان کان پوءِ هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ’’اسان عدالت جي انهن فيصلن کي تسليم ڪيون ٿا جن مطابق ڊومينين جي باري ۾ ڪجهه دعوائون ڪوڙيون هيون’’.

فاڪس چيو ته ’’اهو ٺاهه اعليٰ ترين صحافتي معيار سان فاڪس جي مسلسل وابستگيءَ جو عڪاس آهي’’.

فاڪس نيوز چيو ته اسان کي اميد آهي ته ڊومينين سان هي تنازعو خير خوبيءَ سان حل ڪرڻ جو اسان جو فيصلو ويڙهه ۾ منهن ڏيڻ جي جاءِ تي ملڪ کي انهن مسئلن کي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيندو.

ان کان اڳ، ڊلاويئر سپيرير ڪورٽ جي جج ايرڪ ڊيوس ٿيڻ واري مختصر دير جي ڪا وضاحت نه ڪئي. پر هن صلاح ڏني ته ڪمپنيون ان تنازعي ۾ ٽياڪڙ جي مدد وٺن. اها ڳالهه فاڪس جي هڪ ويجهي فرد، جيڪو ڪيس جي باري ۾ بيان ڏيڻ جو مجاز ناهي، نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌائي.

ان ڪيس ۾ بدناميءَ جي متعلق معيار جي جانچ ٿيڻي هئي. ان ۾ الزام هيو ته سال 2020 جي چونڊن کان پوءِ ڪيترن هفتن دوران فاڪس نيوز غلط رپورٽنگ ڪئي جنهن کي ڪيس ۾ وائکو ڪرڻ جي لاءِ عدالت تائين آندو ويو.

ڊوميين ڪمپنيءَ جون ووٽ ڳڻڻ واريون مشينون
ڊوميين ڪمپنيءَ جون ووٽ ڳڻڻ واريون مشينون

ڊومينين دعويٰ ڪئي هئي ته نيو يارڪ ۾ قائم فاڪس نيوز ان جي پيرنٽ ڪمپني ’فاڪس ڪارپوريشن’ بنيادي طور تي ووٽنگ ڪمپنيءَ جي ڪاروبار کي تباه ڪيو ۽ ٽرمپ جي خلاف اليڪشن ۾ ڌانڌليءَ جي ڪوڙي سازش ۾ ان جي ملازمن کي ملوث ڪري ڌمڪين جو نشانو بڻايو.

چونڊن کان پوءِ ميزبانن ۽ اگزيڪٽوز دعوائن تي يقين نه ڏنو، ليڪن ان جي باوجود کين نشر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

ڊومينين جي وڪيلن عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪندي چيو هو ته ’’فاڪس هن ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان هاڃيڪار ڪوڙ منجهان هڪ کي ڦهلائڻ ۾ اڳڀرو رهيو.

ڊومينين دليل ڏنو هو ته اگزيڪٽوز کان وٺي حقيقت جي جانچ ڪرڻ وارن تائين نيٽ ورڪ ڄاڻي ٻجهي ريٽنگ وڌائڻ خاطر ڪوڙ کي اڳتي وڌايو.

فاڪس چيو آهي ته ان چونڊن جي نتيجن ۾ ٽرمپ جي چيلنجن جي باري ۾ پنهنجي وڪيلن ۽ اتحادين سان ڳالهائي خبرون ٻڌندڙن کي صرف اطلاع ڏنو هو. بيان ۾ نيٽ ورڪ پوئين هفتي چيو هو ته ’’ڊومينين جو مقدمو سياسي جنگ آهي’’.

(خبر جو ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)

XS
SM
MD
LG