آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ سامونڊي طوفان ’ايان’ وڏي پيماني تي تباهي مچائي آهي. اتي جا رهواسي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڀريل گهرن ۾ ڦاسي پيا آهن. نرسنگ هومز ۽ اسپتالن مان مريضن کي ڪڍڻو پيو آهي. هڪ مقبول ٻيٽ شهر کان ڪٽجي چڪو آهي ۽ هڪ تاريخي واٽر فرنٽ تباه ٿي ويو آهي. لکين گهرن ۽ ڪاروباري ادارن ۾ بجلي ڪانهي.
صدر جو بائيڊن فيڊرل امرجينسي منيجمٽ ايجنسي (فيما) جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته عمل دارن ابتدائي رپورٽن ۾ هن طوفان جي ڪري انساني جانن جي ڪافي نقصان جي باري ۾ ٻڌو آهي. بقول صدر، هي فلوريڊا جي تاريخ جو سڀ کان هلاڪت خيز طوفان ٿي سگهي ٿو، ليڪن تعداد اڃان واضح ناهي.
اهڙي وقت جڏهن بارش جو سلسلو جاري آهي، فلوريڊا جا ٻه ڪروڙ سٺ لک گهر ۽ ڪاروبار بجلي نه هجڻ ڪري مشڪل ۾ آهن. سيلابي پاڻي ساحلي ڪنارن کان سوين ميل پري تائين چيلهه تائين اوچو ٿي چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ درجن کن ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جو ڊڄ آهي. ليڪن اڃان ان طوفان ۾ صرف هڪ ماڻهوءِ جي مري وڃڻ جي تصديق ٿي آهي. هزارين ماڻهو هن طوفان ۾ ڦاٿل آهن، جن کي ڪڍڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو پيو وڃي.
هي طوفان بحر اوقيانوس جي ڪناري تي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه جو انديشو آهي ته جمعي جي ڏينهن آمريڪي رياست، سائوٿ ڪيرولائنا سان ٽڪرائڻ کان اڳ ۾ هڪ ڀيرو وري سگهه پڪڙيندو.
فلوريڊا جي لي ڪائونٽيءَ جي شيرف، ڪارمائن مارسينو ’اي بي سي’ جي پروگرام ’گڊ مارننگ آمريڪا’ کي ٻڌايو ته طوفان اسان کي تباه ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته سڙڪون ۽ پل بدستور ناقابل استعمال آهن. ڪائونٽيءَ ۾ فورٽ مائيرز جي اتر ۾ جتي طوفان خشڪيءَ سان ٽڪرايو آهي، اتي هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن. سندس بقول، اڃان تائين به اسان ڪيترن ماڻهن تائين نه پهچي سگهيا آهيون جن کي مدد جي ضرورت آهي.
آمريڪا جي نيشنل هريڪين سينٽر چيو آهي ته هي طوفان وڌي رهيو آهي ۽ ٻوڏ آڻڻ واريون بارشون اڃا تائين خطري جو باعث آهن جڏهن ته ايان فلوريڊا مان گزري رهيو آهي ۽ ڪيپ ڪنورل جي اتر ۾ بحر اوقيانوس تائين پهچي رهيو آهي.
موسمي اڳ ڪٿي ڪرڻ وارن طوفان جي سائوٿ ڪيرولائنا جي طرف مڙڻ جي اڳ ڪٿي ڪئي آهي ۽ رياست جي ساحلي پٽيءَ جي لاءِ سامونڊي طوفان جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
صدر جو بائيڊن خميص ڏينهن علائقي کي سرڪاري طور تي آفت زده قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ فيڊرل امرجينسي منيجمنٽ ايجنسي (فيما) جي منتظم، ڊيني ڪرسويل چيو آهي ته سندس ادارو ماڻهن جي تلاش ۽ کين بچائڻ جي ڪاروائيءَ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي.
گورنر ڊي سينٽس مطابق، آمريڪي ڪوسٽ گارڊز به تيز هوائن بند ٿيڻ کان پوءِ ڏکڻ اولهه فلوريڊا جي ٻيٽ تي خميص جي صبح کان امدادي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.
هن چيو ته اسان ايڏو شديد طوفان ناهي ڏٺو ۽ ان جي باوجود جو طوفان لنگهي رهيو آهي ۽ پاڻيءَ جو چڙهه جاري آهي ۽ امڪان اهو ئي آهي ته ان جي سطح ۾ واڌ جاري رهندي. بنيادي طور تي هي گزريل 500 ورهن ۾ پهريون ايڏو وڏو سيلاب آهي.
آمريڪي رياستن سائوٿ ڪيرولائنا، نارٿ ڪيرولائنا ۽ جارجيا جي گورنرن احتياط جي طور تي پنهنجن پنهنجن رياستن ۾ امرجنسي نافذ ڪئي آهي.
(هن خبر جي لاءِ ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)